• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان جي مختلف شهرن ۾‌زلزلي جا جهٽڪا۔۔

مست

سينيئر رڪن
رات ٺيڪ 12:30 بجه آزاد ڪشمير، اسلام آباد، پنجاب ۽ پختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا۔۔۔
لاهور، پشاور، گلگت بلتستان، ملتان، سرگوڌا، جهنگ، چارسده، پاره چنار، خرم ايجنسي، ڊيرا غازي خان، باجوڙ ايجنسي، مانسهره، بٽ گرام، اسڪردو، راولاڪوٽ، نوشهره فيصل آباد، مالاڪنڊ، دير، چترال، بونير، مري، سوات سميت مختلف علائقن ۾ آيل زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل (زلزلي جي شدت جي پيمائش ڪرڻ‌ واري آلي تي) 6 ڏهائي 3 ريڪارڊ ڪئي وئي جنهن جي مدت 12 سيڪنڊ هئي۔ زلزلي جو مرڪز هندوڪش ريجن ٻڌايو پيو وڃي۔
فوري طور تي ڪنهن جاني نقصان جي خبر نه ملي سگهي آهي۔


b-map.jpg

۔
 
جواب: پاڪستان جي مختلف شهرن ۾‌زلزلي جا جهٽڪا۔۔

يا الله تون پناهه ۾ رک اسان جون خطائون معاف فرما اسان کي ان رستي تي هلاء جنهن ۾ تون & تنهنجو مٺو حبيب راضي هجي. اڃا هڪ آفت مڪمل ختم نه ٿي آهي وري ٻي رب پنهنجي پناهه ۾ رکي .
 
جواب: پاڪستان جي مختلف شهرن ۾‌زلزلي جا جهٽڪا۔۔

اڙي ادا بس جهڙي قوم تهڙا حڪمران مليا آهن خدا اسان ته وڏي مهرباني ڪري تمام گهڻيون وارننگ ڏئي رهيو آهي پر اسان بي خبر آهيون
 
Back
Top