مست
سينيئر رڪن
پاڪستان انگلينڊخلاف ون ڊي سيريز جو ٽيون ميچ 23 رنسن تان کٽي ورتو۔ ميچ ۾ پاڪستان پهرين ٽاس کٽيندي 241 رنسون ٺاهيون، پاڪستان پاران فواد عالم سڀني کان وڌيڪ 64 رنسون ٺاهيون جڏهن ته اسد شفيق 40 جي اننگز کيڏي ۽ شاهد آفريدي 34 رنسون ٺاهي مزاحيه نموني رن آئوٽ ٿيو۔
حدف کي ماڻڻ جي لاءِ انگلينڊ جي شروعات سٺي رهي پر وقفي وقفي سان سندن وڪيٽون ڪرنديون رهيون۔ اسٽراس 57، مارگن 61 ۽ ليوڪ رائيٽ 48 رنسون ٺاهي انگلينڊ کي بلڪل فتح جي قريب وٺي آيا پر انگلينڊ جا آخري 5 بيٽسمين صرف 17 رنسن جي دوران آئوٽ ٿيا۔ سبب هئو عمر گل جي بهترين بالنگ جنهن ڪيريئر بيسٽ بالنگ ڪري 6 وڪيٽون ورتيون۔ ان کان علاوه عبدالرزاق ٻه، سعيد اجمل ۽ شعيب اختر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي۔ عمرگل کي سندس بهترين پرفارمنس تي مين آف دي ميچ ايوارڊ ڏنو ويو۔
ياد رهي ته هن 5 ميچن جي سيريز ۾ پهريان ٻه ميچ انگلينڊ کٽي چڪي آهي۔