مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    هوشيار خبردار سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون ۽ جهوني نثار ناز جون مشترڪا ڪاوشون هي مهراڻ ٽي وي جي سيٽ تان ورتل نيون ۽ تازويون تصويرون توهان سان ونڊ ڪري رهيا آهيون هن ۾ توهان کي ڪجهه چهرا گهوٽن ۽ ڪُنوارُن جا يقينن نظر ايندا، ڪجهه پراڻا چهرا به۔ اسان کي انهن شوٽنگس ڏسڻ جي دعوت ملندي آهي ته مان ته گوٿ ناٿ ڪندو آهيان پر مست وارو شينهن سمون اچي گِرَ ڪري ويهي رهندو آهي ته سائين توهان کي هلڻو پوندو۔ پو ڪڏهن کيس وٽ ڀاڙو ڪونه هوندو آهي ته مونکي ڀرڻو پوندو ۽ ڪڏهن مان ڪنگلو هوندو آهيان ته غفور سمون عرف شينهن سمون ڀريندو آهي، اهڙي موقعي ته اوڻيهه سئو ٻڙي واري ماڊل واري ڦٽ ڦٽِي جيڪا عبدالغفور سمون جي آهي اها اسان جي تمام وڏي ڪم ايندي آهي، جڏهن کان سنڌ سلامت تي انهن ماڊل گهوٽ ڪنوارن جي تصويرون سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي لڳيون آهن تڏهن کان اسين جڏهن به ڪنهن سهري جي شوٽنگ واري سيٽ تي پهچندا آهيون ته ماڊل ڪُنواريون ۽ گهوٽ شوٽنگ ڇڏي رڳو اهو چوڻ ۾ پورا هوندا آهن ته سائين اسان کي سنڌ سلامت تان ضرور دنيا وارن جي سامهون تصويرن جي روپ ۾ پيش ڪجو۔ عبدالغفور جيئن ته شينهن سمون آهي اهو شوٽنگ ۾ جلدي سڀن سان گُهلِي مِلِي ويندو آهي، مان جيئن ته سنڌسلامت جو وڏي پٽڪي وارو آهيان سو تمام شوٽنگ وارا مونکي تمام گهڻي ادب ۽ احترام سان سيٽ پيش ڪندا آهن چانهه به پياريندا آهن ۽ توهان کي خبر هُجي ته سهرن جون شوٽنگس زياده تر رات جون ٿينديون آهن سو جيڪڏهن رات جِي ماني جو ٽائيم هوندو آهي ته پوري سيٽ تي موجود فنڪارن، ڪئميرا مينن، ايڪسٽرا اداڪارن سميت مونکي ۽ عبدالغفور سمون کي به ماني کارائيندا آهن، جيئن ته انهن سهرن جو ڊائريڪٽر محترم خالد ڪليار تمام محنتي ۽ يار ويس ماڻهو آهي، ڪڏهن ڪڏهن شوٽنگس جي باريڪين جي باري ۾ پڻ آگاهه ڪندو رهندو آهي، توهان کي اها ڳالهه ٻُڌي حيرت ٿيندي ته هڪڙو سهرو تقريبن پنجن منٽن کان وٺي ستن منٽن تائين هوندو آهي پر انهي هڪڙي پنجن يا ستن منٽن واري سهري جي فلمبندي ڪندي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ٻه ڏينهن به لڳيو وڃن۔ هن مهراڻ ٽي وي پاران ڪيل سهرن جي شوٽنگ ۾ ڪجهه نوان گهوٽ ۽ ڪُنوار جي صورت ۾ چهرا آهن مون سان مصيبت اها آهي ته نون ماڊلس جا نالا مونکان جلدي وسري وڃن ٿا۔ ان ڪري دل ۾ نه ڪجو۔ پيش آهن سنڌ سلامت شوبز سيڪشن جون خالص پنهنجون تصويرون

    هي نوان چهرا آهن گهوٽ ڪُنوار جا انهن ماڊل فنڪارن جا نالا وسري ويا آهن ان ڪري جو هاڻي هن جهوني جي ياداشت بلڪل ڪم ڪونه ٿي ڪري۔​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    هن تصويرن ۾ ڪنوار جو ڪردار ته نجمه بلوچ ادا ڪيو هو پر گهوٽ جو ڪردار ڪنهن ادا ڪيو هو جهوني کي وسري ويو​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ نجمه بلوچ سان مهراڻ ٽي وي جِي ماڊل فنڪاره فهميده سيال​


    [​IMG]

    شادي جي سهرن ۾ گهوٽ ڪُنوار سان گڏ دهل تي سرتيون سهيليون ڳائي رهيون آهن ​


    [​IMG]

    [​IMG]

    هنن تصويرن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙن جي نالن جي خبر ناهي پر اڇن ڪپڙن ۾ ملبوس هار پاتل وارو سنڌ جو مشهور فنڪار خانصاحب استاد برڪت علي برڪت آهي۔​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    مست پريشان ڇو آهين هي وٺ تو وارو عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون ڪجهه فارورڊ ڪونه پيو نظر اچي بس يار مولا ڪو پُڄيس اهي تصويرون مجبوري آهي جو مونکي ئي ڪڍڻيون ٿيون پون​


    [​IMG]

    اسان وارو دوست بهترين شاعر آزاد گوپانگ جيڪو هن سهرن جي فلمبندي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ ڪُنوار سان​


    [​IMG]

    هن تصوير ۾ آزاد گوپانگ ۽ مهراڻ ٽي وي جو سينئر ڪئميرا مين منظور ملاح گهوٽ ڪنوار سان گڏ ويٺا آهن۔​


    [​IMG]

    انهن سهرن ۾ اسان وارو يار محترم وڪيل منڱريو نه هُجي ته سمورا سهرن هوند مڪمل ئي نه ٿين انتهائي محنتي ڪارڪن ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڊل سان ​


    [​IMG]

    ميڊم فريده سهتو کان علاوه به مهراڻ ٽي وي جا سهرا ڪونه سجندا آهن ڪنوار سان گڏ مٿو مٿي سان ​


    [​IMG]

    ميڊم فريده سهتو، خانصاحب ڳائڻو برڪت علي برڪت، وڪيل منڱريو ۽ ناسي ڪپڙن وارو مهراڻ ٽي وي جو ڊائريڪٽر محترم خالد ڪليار هي ايڪسٽرا همراهه سان ڪنهن ڳالهه تان کلي رهيا آهن ۔​


    [​IMG]

    ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ نجمه بلوچ سان ميڊم فهميده سيال ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آزاد گوپانگ​


    [​IMG]

    خانصاحب سنڌي ڳائڻو برڪت علي برڪت مهراڻ ٽي وي جي محنتي ڪئميرا مين منظور ملاح سان گڏ​


    [​IMG]
    ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڊل فنڪاره ٻارڙن سان ۽ هڪ ساٿي فنڪاره سان گڏ​


    [​IMG]

    ڪنوار ڳاڙهي ۽ سائي وڳي واري​



    [​IMG]
    هميشهه وانگر وري ڪنهن پروجيڪٽ سان گڏ سنڌ سلامت جي شو بز ۾ وري ملنداسين نئين موضع سان تيستائين اجازت توهان جي راين جو شدت سان منتظر رهندس۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    سائين هميشه وانگر توهان جو هي ونڊ به لاجواب آهي۔۔
    شام اوهان جي هن موضوع جو سٺي نموني جواب لکي بس رڳو انٽر ڪرڻ وارو هئس ته۔۔۔ ڪمپيوٽر بجليءَ‌جي جهٽڪي جو صدمو نه سهندي ري اسٽارٽ ٿي ويو۔۔۔ پوءِ ته بس ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري ويس، وري هاڻي جو موٽي آيو آهيان ته وڌيڪ تصويرن جو اضافو ٿي چڪو‌ آهي ۔۔۔ نه ته پهرين پوسٽ جي جواب ۾ مان پنهنجي سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى جو پٽڪو پهريل شاعر ۽ ٻيو‌ سنڌ سلامت جي ڦوٽوگرافر شينهن سمون جي پڇا پڻ ڪئي هئي۔۔ انهن مان هڪ جو جواب ته ملي ويو پر اسان جو سائين نثار ناز نظر نه آيو۔۔ پڪ دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، پڪ سائين جن کي هوم منسٽر پاران ڪنهن قسم جي وارننگ ملي آهي۔۔۔

    ٻيو ته سڀني کان پهرين گهوٽ ڪنوار جي جوڙي جيڪا اوهان ڦوٽن ۾ ڏيکاري آهي ان ۾ گهوٽ ڪهڙو آهي ڪنوار ڪهڙي آهي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي۔۔ سوچيم ته ٽوپي پهريل ڇوڪريءَ گهوٽ جو ڪردار ڪيو هوندو۔ ڇو ته بابلا پنهنجي ٽي وي چينلن تي اڄ ڪلهه سنڌي ناريون سنڌي ٽوپي پائي جهمريون هڻندي نظر اچن ٿيون۔۔۔ ڇو اچي مست کي منجهايو اٿوَ۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    مست لڳي پيو هاڻي تون مست مان ڦري درويش ٿيڻ جي چڪر ۾ آهين ۔ توکي خبر هُئڻ کپي ته سنڌ سلامت تي درويش اڳ ۾ ئي موجود آهي، جڏهن توکي هن پوسٽ کان پهرين پوسٽ ۾ چيو هُئم ته ماسات سڳوري جا موچڙا سُجهن ٿا مونکي ان ڪري انهن فوٽوز ۾ مان آهيان پر جادوئي ٽوپي پاتل اٿم انڪري تو سميت ڪنهن کي به نظر ڪونه ٿو اچان ۔ معاف ڪجو جادوگر متان سمجهي ته سندس ٽوپي چوري ڪري ويو آهيان ائين به ڪونهي بس هڪڙو چلو فور ٽونٽي وارو ڪٽيم ، ان کي پچايم ۽ کائي به ڇڏيم ان ڪري نتيجي ۾ جادوئي ٽوپي هٿ اچي ويم ان ڪري انهن تصويرن ۾ مان پنهنجو پاڻ کي ته ڏسي سگهان ٿو پر ڪو به مونکي ڪڏهن به هاڻي گهوٽن ۽ ڪُنوارن سان ڏسي ڪونه سگهندو۔
    باقي توهان واري غفور عرف زبردستي ٿيل شينهن سمون جي مرضي آهي ته هو بيضا ڏي ٻچا ڏي۔ آخر ۾ ڀائو پنهنجي نظر جو علاج ڪرائي اسان کي ته فور پلس وار چشمو چڙهيل آهي پر تنهنجي ايتري نظر خراب ٿِي چُڪي آهي جو توکي گهوٽ ۽ ڪُنوار مان خبر ئي ڪانه ٿِي پوي ته ڪُنوار ڪهڙي آهي ۽؛ گهوٽ ڪهڙو آهي، ايتري نظر مست جي خراب ٿِي وڃي اهو ته اسان ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو۔ بهرحال توکي اسان جي موڪليل ونڊ سُٺي لڳي ٿورائتو آهيان توهان جو،
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    سائين ڀلا اها جادوئي ٽوپي هن مست کي به هٿ ڪري ڏيو۔۔ اهڙي هڻ‌کڻ جادوئي ٽوپي جنهن وٽ هجي ان کي ٻيو ڇا کپي۔۔ هر هر ڏسڻ سان به اوهان نظر نه پيا اچو۔۔۔ بس سمجهي ويس ته هوم منسٽر اڄ ڪلهه قلم 144 لڳائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري سائين جن جو نڪرڻ گهمڻ‌ڦرڻ بند۔۔۔
    باقي سائين اها جٺ اسان سان نه ڪجو، اوهان کان سواءِ هي سهرن وارا ڦوٽو سيشن ڪنهن ڪم جا نه آهن۔ ڀلي پوءِ ان ۾ شينهن به ويٺل ڇو نه هجن پر پاڻ واري سرپرست اعلى جي ته ڳالهه ئي اور آهي۔۔ جيڪڏهن اوهان تصويرن ۾ اڳتي نه هوندو ته مست به تصويرون ڪونه ڏسندو۔۔ نه اوهان ڦوٽو سيشن ۾ هوندو نه وري هي مست انهيءَ‌ ڦوٽو سيشن کي ڏسندو۔
    شينهن سمون کي ته بس وارو کپي۔۔۔ ڏسو نه ڪيئن ڪنوار سان مٿو مٿي ۾‌ملائي سوچن ۾ گم لڳو پيو آهي، ڪنوار جي چهري تي مرڪ آهي جڏهن ته سندس منهن تي اهڙو ڏک آهي جيئن صدين جي سيٽ ٿيل محبوبا کسجيس پئي۔۔۔ اونئين به اداڪار ته پهرئين نمبر جو آهي۔۔۔ پر ڏيو خبر سائين۔۔۔ سندس اهي تصويرون شينهڻ‌کي ته ڪونه ڏيکاريون اٿوَ نه۔۔ ايئن نه ته پوءِ اسان جي شينهن ڦوٽوگرافر جي ڳولا ڪرڻي پئجي وڃي ۽‌ شينهڻ کيس ‌قابو ڪري ڇڏي۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    مست زبردست، اسد ڄامشورائي : اڳ ۾ ئي وضاحت ڪري چُڪو آهيان ته جادوئي ٽوپي حاصل ڪرڻ لا فور ٽونٽي وارو چلو ڪٽڻو پوندو، ۽ مونکي خبر آهي ته مست فور ٽونٽي کيڏي ئي نه ٿا سگهن، جيڪڏهن مستن فور ٽونٽي وارو چلو ڪٽيو ته قيامت اچي ويندي ان ڪري في الحال جادوئي ٽوپي حاصل ڪرڻ جا خيال ڇڏي ڏي! تون صرف قلم 144 جي ڳالهه ٿو ڪريون ڀائو هتي ته ڪرفيو لڳي ويو آهي، مصيبت ۾ سر بچائڻ به وريامن جو ڪم هُوندو آهي، آخر ته ڪرفيو لهندا۔ باقي ڪنهن جي طاقت آهي جو جهوني کي ڪير گهمڻ ڦرڻ‌کان روڪي ۽ ٻاهر نڪرڻ تي ڪير پابندي لڳائي۔ جهوني تي پابندي هُجي ها ته هي تصويرون توهان سان ونڊ ئي ڪونه ٿين ها، باقي هر ڪو جهوني کي ظاهري طور تي ڏسڻ ٿو چاهي جهوني جي اندر کي ڪنهن پرکيو ڪونهي، فقط مست ئي اهڙو هوندو آهي جيڪو شوبز واري شعبي کي ڏسي ڪجهه نه ڪجهه اسان جي همت افزائي ڪندو آهي اهو به اسان جي ظاهري روپ کي ڏسڻ جو ديوانو ڏسڻ پيو اچي اسان جي اڇي اُجرِي دل ۽ اسان جي لڪيل روپ کي جنهن ۾ خبر ناهي ڪيتريون محنتون ۽ ڪاوشون سمايل آهن، راتين جون راتون، سمايل آهن کي اک ۾ ڪونه پيو آڻي، دوست مست جيڪڏهن آئنده تون اسان جي هن شوبز کي ڪونه ڏسندين ته يقين ڪري ڇڏجان ته اڳ ۾ اهڙين تصويرن ۾ گُم ٿيڻ لا پنهنجي پاڻ کي جادوئي ٽوپي پارائي گم ٿِي ويندو هُئس پر آئنده شوبز جي اهڙين ونڊن کي ئي جادوئي ٽوپي پارائي ڇڏيندس، پو ته ڪوبه اهڙين تصويري ونڊن کي ئي ڏسي ڪونه سگهندو ۔ باقي غفور عرف زوري بنائيل شينهن سمون جي شينهڻ جا في الحال غفور سمون لڳي ٿو ڏند ڀڃي ڇڏيا آهن شينهڻ جي چنبن تي چنبڙائڻ وارا ٽيپ ويڙهي ڇڏيا اٿس، سو في الحال شينهن سمون ٻاهر آهي ۽ کيس ڪو لهر لوڏو ڪونهي۔ آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا نه ۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    سائين هي مست اوهان جي چاهيندڙن ۾ پهرئين نمبر تي آهي، نه صرف ظاهري طور تي پڻ دل سان به۔۔ يقين نه اچي ته توهان پنهنجي موضوعن کي پڙهي ڏسو، پهريون ريپلائي هن مست غريب جو ئي هوندو اٿوَ۔۔۔
    سائين ڪٿي اوهان ظاهري روپ اوهان اهو ته ڪونه ٿا چئون جنهن تصوير ۾ ڪالهه اوهان پاڻ کي ڪونه پيا سڃاڻو۔۔ ها ها ها
    سائين اسان ٽي ٽوئنٽي ته ٻڌو هو پر هي فور ٽوئنٽي الائي جي ڪهڙو چلو آهي، ڀلا اهو چلو اکرن ۾ آهي يا انگن ۾۔۔؟
    جيڪڏن انگن ۾ آهي ته اسان اهو چلو ڪاٽڻ کان بس ڪئي۔ مست ايوين ئي چنگا اي۔۔
    سائين توهان سان گڏ رهي ڪري شينهن سمون عرف غفور سمون شينهڻ‌کي ماٺ ڪرڻ‌جا طريقا سکي ويو آهي۔۔ بس سائين شينهن سمون کي چئجو ته مست چوي پيو ته ” واهه شينهن سمون صاحب بس سنگت جو فائدو تون ئي ورتو آهي۔۔۔“
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    مست موڳا 420 چار سئو ويهه ۽ ٽي ٽونٽي ۾ توکي ڪو فرق نظر ڪونه ٿو اچي، ٻي ڪمال جي ڳالهه مست موڳا تو اها ڪئي آهي ته غفور سمون مون سان گڏ رهي ڪري شينهڻ کي ماٺ ڪرائڻ جا طريقا سکيو آهي واهه ڙي واهه ، هتي ته طريقو ئي اونڌو آهي، مون واري ماسات سڳوري مون جهڙي ٻُڍي شينهن جا رڳو ڏيکارڻ جا ڏند جنهن مان نه هُوند نه شڪر اهي ئي ڀڃي ڇڏيا، مون جهوني شينهن جا چئني هٿن پيرن جا چنبا آڱرين ۽ آڱوٺن سميت ئي وڍي ڪٽي ڪاسائي واري ڪار ڪري ڪانگن کي کارائي ڇڏيا، شينهن سمون ته جُوان سمون آهي، ان ته پنهنجي شينهڻ جا باقائده نوڪيلا ۽ خطرناڪ ڏند ڀڳا آهن ان جي چنبن تي صرف چنبڙائڻ وارا ٽيپ چاڙهيا آهن ، ڪافي فرق آهي مست ڪافي فرق آهي، شينهن سمون مونکان طريقا ڪونه سکيو آهي پر هُن پنهنجي عقل جي ڊوڙ ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي۔ اسان بي عقل ڪنگلي کي ڪير پُڇي ئي ڪين۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    سبحان الله
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    شڪريو ڀائو گلال جو توهان سُبحان الله چيو۔
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    بس سائين پوءِ‌ هاڻي توهان کي ۽ مون کي گهرجي ته سچ پچ شينهن سمون کان اها ٽريننگ وٺون ۽ پنهنجو پاڻ‌بچايون ها ها ها
    x_x
     
  13. حافظ اسدالله

    حافظ اسدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2009
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    تمام سٺي انداز سان سهڻي نموني سان سجايل معلومات آهي
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مهراڻ ٽي وي جا سهرا، انهن سهرن ۾ گهوٽ ۽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ چهرا۔

    پيارا سائين حافظ اسدا لله ڀلي ڪري آيا، مهرباني جو توهان منهنجي هن حقير ونڊ کي سُٺي نموني سان سجايل معلومات چيو۔ توهان جي هن زبردست همت افزائين جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو