مست
سينيئر رڪن
اڄ فيس بوڪ تي نظر گهمائيندي سنڌ جي ڀلوڙ اداڪار اسد قريشي جي پروفائل پيج تي سنڌ جي مشهور شاعر ايوب کوسو جي هڪ نظم پڙهڻ لاءِملي۔۔۔
نظم پڙهڻ سان اصل دل ۾گهر ڪري وئي۔۔۔ چيم ته توهان سان ونڊ نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي۔۔
نظم پڙهڻ سان اصل دل ۾گهر ڪري وئي۔۔۔ چيم ته توهان سان ونڊ نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي۔۔
ڪکن تي ڪنوارا رکي پير آئي
اها ڪير آئي اها ڪير آئي
ڪنڊن جي ڌڻن جي پڇا سوچ ۾ آ
وساريل گسن جي سدا سوچ ۾ آ
هوا ساهه روڪي پڇي ٿي نمن کان
اها ڪير آئي گلابي چپن سان
ڏسي شام سڀڪي وساري ڇڏيو آ
ڏسا، پاند پنهنجو اڏاري ڇڏيو آ
مٽيءَ جي ڳهر جو ڇڻيو خواب آهي
گهٽا بارشن کي بهاري ڇڏيو آ
اها ڪير آئي عقابي اکين سان
گهڙين جي گذر جي ادا سوچ ۾ آ
ڀنڀورين جي ڀڻ ڀڻ اهو ٿي ٻڌائي
نهارڻ سان موسم مٽائي ڇڏي ٿي
کلي ٿي ته اونداهه هٽائي ڇڏي ٿي
ڊگها زلف پنڇين کي لاهي اچن ٿا
هلي ٿي ته ڌڙڪڻ وڌائي ڇڏي ٿي
اها ڪير آئي جفا بي خبر آ
وڻن جي پنن جي ڪٿا بي خبر آ
سنڌوءِ جي ڪپن کان ستارا پڇن ٿا
جڳن جي درن جي ڪهاڻي ته ناهي
سڳند کي سڳند جي وراڻي ته ناهي
نرڙ تي نياپن جي بارش لٿل آ
گلابن جي چنچل جواڻي ته ناهي
وفا سوچ ۾ آ، حنا سوچ ۾ آ
بندوقون لتاڙي خماريل وچن سان
اها ڪير آئي اها ڪير آئي
شبابي گسن تان اها ڪير آئي
اها ڪير آئي اها ڪير آئي
ڪنڊن جي ڌڻن جي پڇا سوچ ۾ آ
وساريل گسن جي سدا سوچ ۾ آ
هوا ساهه روڪي پڇي ٿي نمن کان
اها ڪير آئي گلابي چپن سان
ڏسي شام سڀڪي وساري ڇڏيو آ
ڏسا، پاند پنهنجو اڏاري ڇڏيو آ
مٽيءَ جي ڳهر جو ڇڻيو خواب آهي
گهٽا بارشن کي بهاري ڇڏيو آ
اها ڪير آئي عقابي اکين سان
گهڙين جي گذر جي ادا سوچ ۾ آ
ڀنڀورين جي ڀڻ ڀڻ اهو ٿي ٻڌائي
نهارڻ سان موسم مٽائي ڇڏي ٿي
کلي ٿي ته اونداهه هٽائي ڇڏي ٿي
ڊگها زلف پنڇين کي لاهي اچن ٿا
هلي ٿي ته ڌڙڪڻ وڌائي ڇڏي ٿي
اها ڪير آئي جفا بي خبر آ
وڻن جي پنن جي ڪٿا بي خبر آ
سنڌوءِ جي ڪپن کان ستارا پڇن ٿا
جڳن جي درن جي ڪهاڻي ته ناهي
سڳند کي سڳند جي وراڻي ته ناهي
نرڙ تي نياپن جي بارش لٿل آ
گلابن جي چنچل جواڻي ته ناهي
وفا سوچ ۾ آ، حنا سوچ ۾ آ
بندوقون لتاڙي خماريل وچن سان
اها ڪير آئي اها ڪير آئي
شبابي گسن تان اها ڪير آئي
