ايوب کوسو اها ڪير آئي۔۔؟ ۔۔۔ ايوب کوسو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اڄ فيس بوڪ تي نظر گهمائيندي سنڌ جي ڀلوڙ اداڪار اسد قريشي جي پروفائل پيج تي سنڌ جي مشهور شاعر ايوب کوسو جي هڪ نظم پڙهڻ‌ لاءِ‌ملي۔۔۔
    نظم پڙهڻ سان اصل دل ۾‌گهر ڪري وئي۔۔۔ چيم ته توهان سان ونڊ نه ڪرڻ‌ ناانصافي ٿيندي۔۔


    ڪکن تي ڪنوارا رکي پير آئي

    اها ڪير آئي اها ڪير آئي

    ڪنڊن جي ڌڻن جي پڇا سوچ ۾ آ

    وساريل گسن جي سدا سوچ ۾ آ

    هوا ساهه روڪي پڇي ٿي نمن کان

    اها ڪير آئي گلابي چپن سان

    ڏسي شام سڀڪي وساري ڇڏيو آ

    ڏسا، پاند پنهنجو اڏاري ڇڏيو آ

    مٽيءَ جي ڳهر جو ڇڻيو خواب آهي

    گهٽا بارشن کي بهاري ڇڏيو آ

    اها ڪير آئي عقابي اکين سان

    گهڙين جي گذر جي ادا سوچ ۾ آ

    ڀنڀورين جي ڀڻ ڀڻ اهو ٿي ٻڌائي

    نهارڻ سان موسم مٽائي ڇڏي ٿي

    کلي ٿي ته اونداهه هٽائي ڇڏي ٿي

    ڊگها زلف پنڇين کي لاهي اچن ٿا

    هلي ٿي ته ڌڙڪڻ وڌائي ڇڏي ٿي

    اها ڪير آئي جفا بي خبر آ

    وڻن جي پنن جي ڪٿا بي خبر آ

    سنڌوءِ جي ڪپن کان ستارا پڇن ٿا

    جڳن جي درن جي ڪهاڻي ته ناهي

    سڳند کي سڳند جي وراڻي ته ناهي

    نرڙ تي نياپن جي بارش لٿل آ

    گلابن جي چنچل جواڻي ته ناهي

    وفا سوچ ۾ آ، حنا سوچ ۾ آ

    بندوقون لتاڙي خماريل وچن سان

    اها ڪير آئي اها ڪير آئي

    شبابي گسن تان اها ڪير آئي


    [​IMG]

     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اها ڪير آئي۔۔؟ ۔۔۔ ايوب کوسو

    واه ادا واه تمام بهترين شائري آهي زبردست.
     
    Hafeez Zakhmi Chandio هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اها ڪير آئي۔۔؟ ۔۔۔ ايوب کوسو

    بهترين سائين تمام سٺي ونڊ آهي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اها ڪير آئي۔۔؟ ۔۔۔ ايوب کوسو

    وفا سوچ ۾ آ، حنا سوچ ۾ آ
    بندوقون لتاڙي خماريل وچن سان

    بهترين شاعري۔ هن شاعري جي پس منظر کي سوچيون ٿا ته ڪٿي ٿا پهچي وڃون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو