سس

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ علي حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2010۔

  1. علي حيدر

    علي حيدر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    71
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    298
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ميرس
    هڪ دوست ٻئي دوست چيو : يار مهنجي شادي کي ڇه مهينا ٿيا آهن ته مهنجي سس اٺ ڀيرا اچي چڪي آهي؛ انهي تي ٻئي دوست چيو: ته مهنجي شادي کي سال ٿيو آهي ته هڪ دفعو آئي آ هي؛ پهرين دوست چيو :بس هڪ دفعو: ٻئي دوست چيو : ها آئي آهي ته وري وئي ئي نه آهي۔=d>
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سس

    مطلب ته ڪنوار سان گڏ ڏاج ۾ سس به آئي هئي۔۔۔ ها ها ها
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سس

    واه جو جوان جو ڀاڳ آهن

    سدائين گڏ
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سس

    فقير اهي ڀاڳ نه چئبا بلڪه ڪجهه ٻيو ئي چئبو ان کي؟؟؟ اهو احوال ادا رشيد سمون جن کي پڇي وٺندا۔۔۔۔

    سائين سمون صاحب ڄاڻو ماڻهو اٿوَ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سس


    واهه سائين اهو آهي اسان جو زاهد الجميلي، وڏي ايڊمن کي به ڪونه ٿو بخشي۔۔۔ اسان جي جاءِ ناهي۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سس

    فقير سائين هوشياري۔۔۔۔ :-b
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سس

    منگائي جي دور ۾ جوان تمام سٺو فائِيدو حاصل ڪيو آهي هڪ زال سان گڏ سس فري
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سس


    ان کي کڻي ائين چئجي ته ڀلا ڙي صالو تنهنجا ڀاڳ

    واه سمان صاحب تنهنجا ڀاڳ

    سدائين گڏ
     
  9. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سس

    لطيفو۽ تاثرات پڙهي ڏاڍو عجيب محسوس ٿي رهيوآهي سس هڪ مقدس رشتو جنهن جو شمار محرمات ابديه مان ٿئي ٿو مطلب ان جي ڌي سان ازدواجي رشتو قائم ٿيڻ کانپو زال جي حياتي ۽ موت کانپو به ان سان نڪاح حرام ٿي ويندو آهي مطلب ته سس ما جي درجي ۾ آهي پوءِ هن رشتي جي تقدس جي ايتري قدر پامالي ڇو سنڌسلامت جي مهذب رڪنن کان ان قسم جي ونڊ ۽ تاثرات جي اميد نه هئي.
    سٻاجھڙي سنڌ جي سنڌين ته اڱڻ تي آيل دشمن کي به لک عزتون ڏيندا آهن پو سس جهڙي محسن تي انهي قسم جا لطيفا ۽ تاثرات ڇو ، کل ڀوڳ جي لا به تهذيبي دائراهوندا آهن ، اميد اهڙي غيراخلاقي ، غيرمهذب ونڊ کان پاسو ڪيو ويندو.
    اميد ٿو ڪريان ته سائين رشيد صاحب توجه فرمائي فورم جي قوانين ۾ نئين شق جو واڌارو ڪندا.
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سس

    سائين مون جا اسلام عليڪم

    توهان جي قيمتي صلاح کي نوٽ ڪيو ويو آهي


    مهرباني توهان جي اهڙي قميتي معلومات ونڊ ڪرڻ لا۽


    سدائين گڏ
     
  11. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سس

    والسلام عليڪم ورحمة وبرڪاته
    سائين توهان جي مهرباني
    ساٿ سلامت رهي
    والسلام
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سس

    ها ها ها ها ها ها ها ها ادا پوء ب هن کي ڪس ناهي..................
     
  13. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سس



    ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    ڇا هن ٿريڊ کي تالي لڳائڻ جو وقت نه آيو آهي !!؟؟
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سس

    ادي بشير جي ڳالهه پنهنجي جا تي سئو فيصد سهي آهي، بيشڪ سس، ما جي رتبي ۾ اچي ٿي، سڀ رشتا جيڪي محرم آهن انهن ۾ سس ۽ سهرو پڻ اچي وڃي ٿو ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي مذاح پسند ماڻهون کل ڀوڳ ۾ سڀني رشتن تي ڪي ڀوڳ ٺاهي وجهندا آهن، جيڪي صرف کل ڀوڳ جي حد تائين ئي هوندا آهن، انهن کي ڳوڙهو سمجهڻ نه گهرجي ۔۔۔۔
    لطيف سرڪار جي هڪ بيت جيئان ته؛

    ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بو بهار جي۔

    جيئن ته سڀ رشتا انساني آهن، انڪري ائين چئجي ته مٿيون بيت به سڀني رشتن سان لاڳو ٿئي ٿو، ڪٿي ڪو رشتو پڻ وبال جان ٿي پوندو آهي ۽ بجا چڱائي جي برائي نصيب ٿيندي آهي، ڪٿي پي جهڙو مقصد رشتو به ڪي اهڙا ڪڌا ڪرتوت ڪري وجهندو آهي جو ان رشتي مان جان ڇڏائڻ ئي فائدي ۾ هوندو آهي ۔۔۔ اهڙن واقعن سان تاريخ جا ڪيترائي ورق ڀريل آهن ۔۔۔

    سهڻا ڀا بشير احمد اوهان کل ڀوڳ کي ڪڏهن ڪڏهن برداشت ڪرڻ جو مادو پئدا ڪريو، باقي ماشاء الله سنڌ سلامت جا دوست سلڇڻا آهن ان ڀوڳ مان هروڀرو رشتي کي بي مانائتو ڪرڻ ناهي ۔۔۔

    وڌيڪ راز جا راڻا آهيو ۔۔۔ دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو ۔۔۔
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سس

    يار ڪوته هُجي اٿيٽس جو پروفيسر ، جنهن جي هٿ ۾ مولابخش هُجي ، اهو اسان جي اُٿ ويهه کان وٺي اخلاقيات ۽ مذهبي تناظر ۾ ڪن ڪوشي ڪرائي۔ سنڌ سلامت جو هرڪي شعبي ۾ يقينن اهڙا گند ڀريا ۽ سٿيا پيا هوندا۔ اڃان اڄ مون هڪڙي مزاحيه تصوير ونڊ ڪئي آهي جنهن ۾ ڪُڪڙ پنهنجي ڪُڪڙي کي گلي مان جهليو اهو پڇي پيو ته جيڪو بيضو ان لاٿو هُو ان مان ڪڪڙ جي چوزي جِي جاءِ تي هاٿِي ڇو پيو نڪري، لڳي پيو ته اها مذاق واري تصوير به اخلاق جي پڪڙ ۾ ايندي بقول تنهنجي اسان جا هٿ مٿي آهن ، اٿ ويهه به ڪنداسين ڪنهن ڪن ڪوشي ڪئي ته ڪن به حاضر ڪنداسين ۔اسان گنهگارن جو الائي ڇا ٿيندو۔ نثار ابڙا لڳي پيو هاڻي اسان جي آخري آخري آهي۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سس

    اڙي بابا هن لطيفي مان ڪنهن به قسم جي ڪابه بدتميزي، ڪنهن به قسم جي ڪابه اخلاق کان ڪريل ڳالهه نظر ڪانه پئي اچي جو ڪير چوي ته اخلاقيات جو ڏيوالو نڪتو آهي، اسان اڳ ۾ ئي هن سيڪشن ۾ لکي ڇڏيو آهي ته اخلاق جي دائري ۾ هتي هرڪو ڀوڳ ونڊي سگهي ٿو۔ هڪ هڪ لفظ انهن لطيفن جو پڙهيو اٿم ڪٿي به ڪا گار، ڪٿي به هن سوال ۾ مقدس ڄاڻايل هستي جو ڪو اپمان، يا واهيات سان ڀريل ڳالهه ڪانه پئي نظر اچي ان هوندي به ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الا سائين خير ڪجان لڳي پيو ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان کي سنڌ سلامت جي هر شعبي کي ختم ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔ الله هي الله ڪيا ڪرو دُک نه ڪسي ڪو ديا ڪرو وارا شعبا ٺاهڻا پوندا۔۔۔۔۔۔۔۔ ان ۾ ئي انسان جي فلاح آهي، ۽ گنهگارن جو ڇوٽڪارو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  17. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سس


    منهنجا سائين ! سئو فيصد اتفاق ڪرڻ کانپوءِ اختلاف سمجھ ۾ نه آهيو بهرحال مزاح جي لا به اخلاقي دائرا هوندا آهن جيڪي نه صرف ديني پر معاشرتي طور تي به مڃيل آهن ، مزاح جڏهن رتبن ۽ رشتن جون حدون اورانگهي وڃي ته اها مزاح مزاح نه رهندوآهي ، ڪوبه انسان خطا کان پاڪ نه آهي ڀلي ڪهڙي به روپ ۾ هجي ڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ماءِ پنهنجي اولاد جي خوني بنجي ويندي آهي ، اهڙن واقعن جو مطلب اهو ته ناهي هاڻي مطلق طور تي ممتا تي مذاق ڪيو وڃي
    سائين هن فورم تي هرروز ڪيتريون ئي کل ڀوڳ جون پوسٽون هونديو آهن پر ڪنهن تي ڪوبه تحفظ پيش نه ڪيم ويو پر جڏهن هتي ڪجھ دوستن مزاح ۾ رسول اڪرم ﷺ کي به معاف نه ڪيو ته ان تي تنبيھ ڪئي وئي توهان جي صلاح تي عمل ڪيو وڃي ها ته ٻين جيئان واھ واھ ڪري لطف اندوز ٿي وٺان ها پر منهنجا قابل احترام سائين!توهان جي صلاح هر جڳھ قابل عمل نه آهي ، منهنجي خيال ۾ ته جيڪڏهن شاھ ڀٽائي جي ڪجھ بيتن جي بطور مزاح جي پيروڊي بنائي پيش ڪئي وڃي ته دلي طور تي توهان کي اها ڳالھ نه وڻندي پر جيڪڏهن ڪنهن عام شاعر جي شاعري جي پيروڊي ڪئي وڃي ته شايد ناگوار نه گذري انهيءَ جو سبب اهي معاشرتي ۽ اخلاقي دائرا آهن جيڪي ان قسم جي رٿابندي ڪن ٿا بهرحال جيڪڏهن توهان جي نظر ’ پيءِ .ماءَ ڌي ،سس جهڙن مقدس رشتن جي باري ۾ مزاح خاطر لطيفا گهڙي لطف اندوز ٿيڻ ۽ واھ واھ وصول ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي ته توهان به راز جا راڻا آهيو ..........................شل انهن ڀوڳن ۽ واھ واھ جي وهڪري ۾ رشتن جوتقدس لڙهڻ کان بچي وڃي .
     
  18. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سس

    سائين الاءِ ڪهڙي تناظر ۾ پڙهيو اٿئو ؟ مذاق ۾ يا حقيقت ۾ اڱڻ تي آيل ماءِ کي بار چيو ويندو آهي ؟ ڇا اهڙا لطيفا سنڌ جي مهمان نوازي واري قديم ثقافت جي جي نمائندگي ڪن ٿا تبصرن ۾ سسس کي ڏاج ۾ ملڻ جي ڳالھ ڪئي وئي ، سائين رشيد صاحب جي گهريلو معاملن جي طرف به اشارو ڪيو ويو !!؟؟
    زال سان گڏ سس به فري ٿي وئي اهڙن تبصرن ۾ توهان واهيات پڻ نظر نٿو اچي ته توهان کي به جس هجي ................
    باقي مونکي ته سمجھ نٿو اچي توهان هر ڀيري سنڌ سلامت جي هرشعبي کي ختم ڪرڻ جي ڳالھ ڇوڪندا آهيو..................باقي توهان ٿوڙو ويچار ڪيو ٻين لفظن ۾ اهي شعبا به ٺهيل آهن .............. هائي الله بچائي انهن شعبن کي .
    آئون هن ٿريڊ کي ڇڏي رهيو آهيان هن لطيفي ۽ واه واہ ڪندڙن جي وچم حائل ٿيڻ نٿو چاهيان

    رشتون کے تقدس کا جنازہ ہے ذرہ دھوم کے نکلے
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سس

    سائين بشير ظاهر آهي بقول توهان جي جيڪا ڳالهه به چاهي اخلاقيات يا مذهبي ٽڪرا ۾ ايندي ان کي يا ته تالو لڳندو، يا پابندي لڳڻ کپندي ان ڪري مون لکيو هو صرف الله هي الله ڪرو دک نه ڪسي ڪو ديا ڪرو وارا شعبا هُئڻ کپن۔ جنهن سان انسان جي فلاح ٿي سگهي ۽ اسان جهڙا گنهگار اخلاقيات جي وائيوليشن( ڇا ڪريان وائيوليشن جي سنڌي مونکي ڪانه ٿي اچي) کان بچي سگهن۔ ڏٺو وڃي ته توهان جي ئي بهتر سوچن مقصدن جي پويان لڳي هر سيڪشن کي بند ڪرڻ جي ڳالهه بار بار لکندو آهيان، نه رهندي بانس نه وڄندي بانسري، ۽ ڪو به اخلاق جو ڏيوالو ڪونه نڪرندو۔ باقي وڏي ائڊمن جادوگر رشيد سمون کي انهي مذاق ۾ ڪنهن آندو آهي ته ان ۾ متاٿر ڌُر رڳو رشيد صاحب آهي، رشيد صاحب ڪاوڙ ڪري ته ڳالهه ٺهي به ٿي۔ پر توهان؟۔۔۔۔۔ منهنجا سائين بقول توهان جي اعتراض ته سس کي بار ڇو چيو ويو، ۽ ان کي ڏاج ۾ مليل تحفو ڇو چيو ويو۔ ڳالهه سائين ظاهر آهي اهاڪٿي جي شرافت سڏبي جو نياڻي جي رخصتي کان پو ڪا سس مستقل پنهنجي ناٺي جي گهر تي قبضو ڪري، ۽ ناٺي جي هر اٿي ويٺي ۾ پنهنجي ٽنگ اڙائي ۽ جڏهن ڪو ناٺي پڄي ڪونه سگهندو ته سس جيڪا ما آهي ان تي ناٺي حُڪم به هلائي نٿو سگهو ته ساسو امان برا مهرباني هاڻي منهنجي گهر مان نڪري وڃو، يا لٺ کڻي اچي سس کي وٺي ۔ سائين منهنجا هتي ته ائين به ٿيندو آهي جو پنهنجي نياڻي ڏئي پنهنجي ناٺي  جي گهر صرف سس ڇا سهرو، ساليون سالا مستقل پنهنجو موروثي حق سمجهي پنهنجي ناٺي جي گهر مستقل قيام ڪندا آهن، ان باري ۾ اخلاقيات ڇا ٿِي چوي ظاهر آهي اهڙي ئي پس منظر کي هائي لائٽ ڪندي ڪو ناٺي اندر جا سُور ائين ئي جيڪو هن ڀوڳ ۾ توهان محسوس ڪيو ڪڍندو۔ باقي اسان جي سنڌي سڀيتا خُدا نه ڪري ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي رشتن جو تقدس پامال ڪري ، اسان جا سنڌي سٻاجها ڄاڻن ٿا ته هر رشتو مذهبي طور، خانداني طور، ڪنهن نه ڪنهن تقدس جو مستحق آهي، هڪڙي سمپل صفا سادي ڀوڳ تي جنهن ۾ صرف انهي سس کي ڏاج ڪري جيڪو سچي ۾ ڏاج بنجي پنهنجي ناٺي جي گهر ۾ اچي ٻائيتال مچائي کي لکيو ويو آهي ۽ ان ۾ منهنجي خيال ۾ ڪنهن به اخلاق جو ڏيوالو ڪونه ٿو نڪري۔ باقي آئون هميشهه اهو چوندو رهندس ته جيڪا ڳالهه ، جيڪو خيال، جيڪو شعبو اخلاقيات ۽ دينيات جي خلاف هُجي ان کي ختم ڪري صرف الله هي الله ڪيا ڪرو دُک نه ڪسي ڪو ديا ڪرو وارا شعبا لڳايا وڃن ته جيئن اسان جهڙا چوويهه ڪلاڪ گندا گناهه گار پنهنجي اصلاح وارو دڳ وٺي سگهن ۽ فلاح پائي سگهن۔ ۽ اها ئي توهان جي ، منهنجي يا سنڌ سلامت جي ڪنهن به سرپرست ڪنهن به منتظم، ڪنهن به ايڊيٽر، ڪنهن به سپر ايڊيٽر ، ڪنهن پُراڻي ۽ نئين ميمبر جي ڇوٽڪاري جي راهه هوندي۔ باقي هن دنيا جي گندي يا اُجري سمنڊ ۾ جڏهن اڇلايا ويا آهيون ته ڪير چوي ته خبردار انهي مان ڪير پاند به نه پُسائي اهڙي منطق کي دنيا جا سوين ڏاها سُلجهائيندي سُلجهائيندي راهه رباني وٺي ويا، پر معاملو اُتي جو اُتي بيٺو آهي۔ الله سائين هن محتاجي مخلوق تي رحم ڪري پنهنجي ٻاجهه ڪري۔ لک لائق سائين بشير احمد۔
     
  20. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سس

    هي ڇا ڳاله کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڃڏيو..........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو