سائين توهان جي گذريل بهترين شاعريءَ جي تحريرن وانگر هي به تمام بهترين شاعري آهي
ڪنهنجي چادر؟ ڪنهن جو پير؟
سوچيم ڳالهه هي ڏاڍي دير۔
مست منجهي پيو، ڪجهه نه سمجهيو،
سائين نثار جي سر جو خير۔۔
اُجرو چهرو ، اندر ساڙ
ماڻهو ماڻهو من جو مير
سڀ ڪجه ته سمايل آهي هنن سٽن ۾ !!! سمجهڻ وارن لاء هڪ اشارو ئي ڪافي هوندو آهي۔ اميد ته پنهنجي لفظن جي ميڙ مان سيراب ڪندا رهندا۔
مست تو هڪڙو محاورو ٻُڌو آهي ته چادر آهر پير ڊگها ڪيا وڃن يا سوڙ آهر پير ڊگهيرجن، اهو خيال ذهن ۾ آيو پر سوچيم ته هن طوفان جيڏي مهانگائي ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته چادر آهر پير ڊگها ڪيا وڃن ڪيڏو به ڪوشش ڪري به پو به پير ڊگها ٿي ويندا ۽ چادر ننڍي ٿي پوندي۔ جڏهن اهڙو ماحول جُڙندو ته لازمي ماڻهو پنهنجا هوش سنڀالي ڪونه سگهندو، پو هِي چوريون چڪاريون، بدڪاريون، وڌي وينديون، هرڪو ماڻهو چاهيندو آهي ته چادر به اوتري هُجي جيترا سندس ڊگها پير آهن
پر مست تون سمجهه نه سمجهه منهنجو ڇا هڪڙو موضع معنا پنهنجو نمبر مون به وڌايو، مست وڄي نه وڄي وٺ رينگٽ کي هون به ماڻهو پاڻ کي لکڻين جا نمبر وڌائڻ وارو چوندا آهن، باقي هي شاعري هڪڙي ٽي درجي واري شاعر جي شاعري آهي مستن کي جلدي سمجهه ۾ ڪانه ايندي، جڏهن ٽي درجي وارو شاعر پنهنجون منزلون طئه ڪري مست واري منزل تي ايندو ته مست به منهنجي شاعري سمجهي ويندو۔ ان هوندي به لک ٿورا جو منهنجي شاعري کي بهترين شاعري چيو ۽ بقول ماڻهن جي ته نمبر وڌايو ، يار اهي نمبر خلقيا ڇو ويا، نمبرن جي تخليق ئي نه ٿي ها ته نمبر وڌن ئي ڪونه ها، جڏهن نمبر هوندا ئي آهن وڌائڻ لاءِ ته پوءِ تون به پنهنجا نمبر وڌائي مان به پنهنجا نمبر وڌائيندس آئي ڳالهه سمجهه ۾ مست يا نه ..........
سائين پاڻوٽ ڪيترائي غريب ته اهڙا آهن انهن وٽ ته چادر ئي ڪونهي، بس روڊ ڪناري ڪٿي فوٽ پاٿ تي مٿي جي هيٺان پٿر جو ٽڪرو ڏئي سمهي پوون ٿا۔ انهن جي لاءِ پاڻ ڪهڙو محاورو استعمال ڪنداسين۔
سائين نمبرن جي راند ته هرجاءِهوندي آهي۔۔۔ اسڪول ۾نمبر، ڪاليج ۾نمبر، اسيمبليءَ۾ پهچڻ لاءِنمبر، پوزيشن ماڻڻ لاءِنمبر، ڳالهائڻ لاءِنمبر بس هر جاءِنمبر ئي نمبر ۔۔ انهن کان جان ڪيئن ڇڏائجي۔۔ هر جاءِ تي نمبرن جي راند آهي، ڪڏهن بجيٽ۾ نمبرن جي راند۔ بس سمجهو ته نمبرن کان سواءِ گذارو ئي نه ٿيندو
واه سائين واه
تمام بهترين شاعري آهي توهان جي
مان ته توهان جي شاعري جو هون ئي ديوانو رهيو آهيان
توهان جي شاعري هجي ۽ مان نه پڙهان ايئن ته ٿئي ئي نه ٿو سگهي
لاجواب شاعري آهي توهان جي سائين
اهڙيون ڪوششون جاري رکجو
سدائين گڏ
مست ڀلي انهن غريب ماڻهن وٽ چادر نه هُجي پر ڀائو انهن وٽ پير ته آهن جن وٽ پير هوندا آهن ڀلي اهي فٽ پاٿ تي مٿي جي هيٺان پٿر جو ٽڪرو رکي سمهي پون، صروف چادر کي ڇڏي انهن جي پوري زندگي محاورا ئي محاورا آهن، اهڙي جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي، غريب جي جو هر ڪنهن جي ڀاڄائي، آئو غريب غريب کيلين، غريب کان عزت ڦري وٺو غريب مري ويندو ، امير کان ان جي دولت ڦري وٺو امير مري پوندو، غريبي کي لعنت آهي، جيڪي غريب پٿرن جا وهاڻا ڪري سمهندا آهن انهن لا لطيف سائين به شايد غلطي سان چئي ويو آهي
جنين ڏاند نه ٻج تنين تنهنجو آسرو
پهرين ڏين انين کي پو اڀارين سج
فقير هر ڪو منهنجو شاعري جو ديوانو آهي الا ڪوته منهنجي شاعري کي ڇڏي منهنجو ديوانو ٿئي۔ ڪوششون جاري آهن، نمبر وڌائڻ واري مشن ۾ ڪجهه ڪچرو اچي ويو آهي بجا نمبر اڳيان وڌڻ جي الٽي ڳڻپ جاري ٿيو وڃي ۽ جڏهن اوندي ڳڻپ جاري ٿيندي آهي ته پو اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر پنهنجون ڪوششون ڪشمڪش جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ۔ مهرباني جو توهان کي منهنجي شاعري سُٺي لڳندي آهي۔