مست
سينيئر رڪن
پاڪستان انگلينڊخلاف پنج ميچن واري ون ڊي سيريز جو چوٿون ون ڊي ميچ کٽي سيريز برابر ڪري ورتي۔ لارڊز جي تاريخي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان هي ميچ سخت مقابلي بعد 38 رنسن تان کٽي آهي۔ پاڪستان جي طرفان خاص ڳالهه عبدالرزاق جون آخري ٻن اوورن ۾ صرف 10 بالن تي 40 رنسون هيون ان کان علاوه شعيب اختر (3 وڪيٽون) ۽ عمرگل (4 وڪيٽون) پاڪستان جي کٽڻ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔۔ پاڪستان جي 265 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ 47هين اوور ۾ 227 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔
پاڪستان پهرين 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 265 رنسون ٺاهيون۔ محمد حفيظ 64 رنسون، عبدالرزاق 44 رنسون ۽ شاهد آفريدي 37 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا۔ جڏهن ته گريم سوان 4 وڪيٽون ورتيون۔
جواب ۾ انگلينڊ جي اوپنرن اسٽراس ۽ ڊيويز 113 جي اوپننگ پارٽنرشپ ٺاهي انگلينڊکي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻلاءِ سٺو بنياد فراهم ڪيو پر هڪ ڀيرو وڪيٽ ڪري ته پاڪستاني بالرن ان جو ڀرپور فائدو ورتو۔ اسٽراس 68 ۽ ڊيويز جي 49 رنسن کان بعد ڪوبه بيٽسمين پاڪستاني بالرن جي تيز رفتار سوئنگ بالنگ جي اڳيان ٽڪي نه سگهيو ۽ پوري ٽيم 47هين اوور ۾ آل آئوٽ ٿي وئي۔۔