پاڪستان انگلينڊ‌خلاف چوٿون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پاڪستان انگلينڊ‌خلاف پنج ميچن واري ون ڊي سيريز جو چوٿون ون ڊي ميچ کٽي سيريز برابر ڪري ورتي۔ لارڊز جي تاريخي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان هي ميچ سخت مقابلي بعد 38 رنسن تان کٽي آهي۔ پاڪستان جي طرفان خاص ڳالهه عبدالرزاق جون آخري ٻن اوورن ۾ صرف 10 بالن تي 40 رنسون هيون ان کان علاوه شعيب اختر (3 وڪيٽون) ۽ عمرگل (4 وڪيٽون) پاڪستان جي کٽڻ‌۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔۔ پاڪستان جي 265 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ 47هين اوور ۾ ‌227 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔
    پاڪستان پهرين 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 265 رنسون ٺاهيون۔ محمد حفيظ 64 رنسون، عبدالرزاق 44 رنسون ۽ شاهد آفريدي 37 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا۔ جڏهن ته گريم سوان 4 وڪيٽون ورتيون۔
    جواب ۾ انگلينڊ جي اوپنرن اسٽراس ۽ ڊيويز 113 جي اوپننگ پارٽنرشپ ٺاهي انگلينڊ‌کي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ‌لاءِ سٺو بنياد فراهم ڪيو پر هڪ ڀيرو وڪيٽ ڪري ته پاڪستاني بالرن ان جو ڀرپور فائدو ورتو۔ اسٽراس 68 ۽ ڊيويز جي 49 رنسن کان بعد ڪوبه بيٽسمين پاڪستاني بالرن جي تيز رفتار سوئنگ بالنگ جي اڳيان ٽڪي نه سگهيو ۽ پوري ٽيم 47هين اوور ۾ آل آئوٽ ٿي وئي۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌خلاف چوٿون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌خلاف چوٿون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔۔

    [​IMG]

    بس يار هاڻي دل ئي خوش ڪري ڇڏيائون،،،،

    [​IMG]
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌خلاف چوٿون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔۔

    ادا دعا ڪر وري نه ميچ فڪسنگ جو ڪو الزام لڳي انهن سدورن تي
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌خلاف چوٿون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔۔

    سڌورا اچي ويا ميدان ۾ ، سڄي حرڪت هُئي بالر خان ۾
    بولڊ جي مٿان بولڊ پبلڪ ساري هُئي حيران ۾
    سڌورا اچي ويا ميدان ۾
    ڪامران سومرو جو ونڊ ڪيل ٻه سِٽو پيو ياد اچيم ته روڪي سگهين ته روڪ !
    پاڪستان جِي پياري عوام يقينن واهه واهه جي ورکا ڪندي، ڪجهه ڏينهن انهن سڌورن جي شان ۾ جڏهن دڙا دڙ پاڪستاني رانديگر انگريز بيٽسمينن ۽ بالرن جي اڳيان پُسيل ٻلِي  وانگر پُڇ دٻائي بيٺا هُئا، ته پاڪستان جي پياري عوام انهن کي غدار ضمير فروش، نا اهل ٿرڊ ڪلاس ۽ هو ڇا چوندا آهن جنهن جي سنڌي مون ڀائو درويش کان پُڇِي هُئي ها ميچ فڪسنگ يا فڪسنگ جهڙا الزام هڻي هنڀوڇيون هڻي رهي هُئي اها ئي ساڳي پياري عوام انهن سڌورن کي هيرو، زبردست، پياري پاڪستان جي شان، زنده آباد آوي ئي آوي جهڙا خطاب انهن سڌورن کي ڏيندي ڪانه ٿڪندي، يار مست ڪيڏو نه حافظو ۽ هاضمو خراب آهي اسان جِي هن پياري پاڪستاني عوام جو۔ بهرحال مُبارڪان مُبارڪان۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌خلاف چوٿون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔۔

    ادا اهو به سٺو جو ادا درويش جي دل خوش ٿي.
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌خلاف چوٿون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔۔

    گذريل ٽئين ون ڊي ميچ وانگر هي ميچ به ڪافي دلچسپ رهي۔۔۔ 8 ڪلاڪن جي مقابلي ۾ 7 ڪلاڪ انگلينڊ جي ٽيم ميدان ۾ حاوي رهي۔۔۔ پر آخري ڪلاڪ سندن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو۔۔۔
    جيسيتائين پاڪستان جي ٽيم هارائيندي رهي تيسيتائين جتي عوام جوتا کڻي گڏهن تي رانديگر جي علامتي واڪ ڪرائيندو رهيو اتي پاڪستاني ميڊيا به کين شيم شيم چئي ٽيم کي پاڪستان جي بدنامي جو باعث ڪوٺيندي رهي۔۔۔
    پر روايتي ڳالهه وانگر جڏهن کان پاڪستان ميچ کٽڻ لڳو آهي ساڳيو ئي عوام رانديگرن جي ڪرتوتن کي وسارڻ لڳو آهي۔۔۔ ۽ ميڊيا ثابت ڪرڻ لڳي آهي ته لياقت علي خان جي قتل کان وٺي اڄ جي پاڪستاني ٽيم جي ڪرپشن تائين اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي جانچوسي ڪندڙ ٽيم هميشه مڪمل جانچ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي۔۔۔
    نانو اعجاز جيڪو پاڪستاني ٽيم تي ڪرپشن جي الزامن وقت به خاموش رهيو هو۔۔۔ هاڻي انگريزن تي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جا الزام هڻڻ لڳو آهي۔۔۔۔ مطلب ته پنهنجي ٽيم جي سمورن رانديگرن کي معصوم ثابت ڪرڻ لاءِ سموري ڪابينا حرڪت ۾ آهي ۔۔۔ ان ڦيري کي ڏسي آفريدي جو اهو بيان درست ئي لڳي ٿو ته ”جنهن فتح جي ٽيم کي ضرورت آهي ۔۔۔ اها حاصل ٿي چڪي آهي۔۔۔“
    بحرحال دوستن جي دلچسپي خاطر هن دلچسپ ميچ جون مڪمل جهلڪيو حاضر آهن۔۔۔

    حصو پهريون
    [daily]xew5wc_pakeng41_webcam[/daily]

    حصو ٻيون
    [daily]xew6bt_pakeng42_webcam[/daily]

    حصو ٽيون
    [daily]xew6vy_pakeng43_spor[/daily]

    حصو چوٿون
    [daily]xew7j9_pakeng44_webcam[/daily]

    حصو پنجون
    [daily]xew7xb_pakeng45_webcam[/daily]

    حصو ڇهون
    [daily]xew89p_pakeng46_webcam[/daily]

    ميچ پريزينٽيشن
    [daily]xew8c1_pakeng4pm_webcam[/daily]
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان انگلينڊ‌خلاف چوٿون ون ڊي ميچ کٽي ورتو۔۔

    سائين ڏيو خبر ڀلا عبدالوهاب ۽ جوناٿن ٽروٽ جي جهيڙي واري وڊيو ملي ڪٿان۔۔؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو