نثارناز
سينيئر رڪن
محترم سنڌ سلامت جا ساٿيو، السلام عليڪم منهنجي هي مزاحيه شاعري حالات حاضره واري سيڪشن ۾ موجود هُئي جيئن ته هرڪو پنهنجا نمبر وڌائڻ جي چڪر ۾ آهي سو مان اهڙو نمبر وڌائڻ وارو موقعو ڇو وڃايان .حالات حاضره واري سيڪشن ۾ خالص منهنجي پنهنجي شاعري کڙ ڪُتر پي ٿي ان ڪري اٿان کڻي پنهنجي شاعري واري سيڪشن ۾ کڻي آيو آهيان، دوستو گُذريل عيدا لاضحى جي موقعي تي هڪڙو هتي ٽنڊو محمد خان ۾ مشاعرو رکيو ويو هو جنهن ۾ توهان جو هي جهونو ناز به شريڪ ٿيوهو جنهن پنهنجو مزاحيه نظم انهي طرح (سِٽَ) اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين تي پڻ پڙهيو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
پيش آهي سندس هڪ سال اڳ واري تصوير ۽ سندس هڪ سال اڳ وارِي مزاحيه شاعري
نظم
گجر ٿِي وياسين، بصر ٿِي وياسين!
مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿي وياسين!
ــــ
سچو پيار بيگم چيو ڪٿ مليو آ،
چيم ڪوڙ ڪيڏو چرِي تو گهڙيو آ،
اسان قرب اهڙو تکيرو ونڊيو آ،
تڏهن ڌڻ ٻچن جو اسان هي ڪڍيو آ،
چرِي ڏس ته ٻن مان ولر ٿِي وياسين!
ـــ
ڪنڌاري به سڏجون ڪُٺل يارَ آهيون،
ائين پنهنجي لاري لڳل يارَ آهيون،
اسان ڍِيٽُ عاشق ڦِٽل يارَ آهيون،
اسان روز سينڊل سَٽِيَل يارَ آهيون،
وڏا بي شرم پر! مگر ٿِي وياسين!
ــــ
اسان بي حيائيءَ حَدُون سڀ ٽُپيون هِن،
اسان هر خُواريءَ جُون کاريُون کنيُون هِن،
اسان عُمر سارِي پَرايُون تڪيُون هِن،
اسان تلخ ڳالهيون ، اسان کي چيُون هِن،
اسان معاشري جا گٽر ٿِي وياسين!
ـــ
وڄائي ته تاڙيُون هُو ٽِي جنس وارو،
اچِي گهرَ گهٽِيءَ تي ڪري ٿو اشارو،
لڳين “ناز” مونکي ٿو ڏاڍو پيارو،
چوي روز هئه هئه لڳائي ته نعرو،
مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿي وياسين!
ــــ
سچو پيار بيگم چيو ڪٿ مليو آ،
چيم ڪوڙ ڪيڏو چرِي تو گهڙيو آ،
اسان قرب اهڙو تکيرو ونڊيو آ،
تڏهن ڌڻ ٻچن جو اسان هي ڪڍيو آ،
چرِي ڏس ته ٻن مان ولر ٿِي وياسين!
ـــ
ڪنڌاري به سڏجون ڪُٺل يارَ آهيون،
ائين پنهنجي لاري لڳل يارَ آهيون،
اسان ڍِيٽُ عاشق ڦِٽل يارَ آهيون،
اسان روز سينڊل سَٽِيَل يارَ آهيون،
وڏا بي شرم پر! مگر ٿِي وياسين!
ــــ
اسان بي حيائيءَ حَدُون سڀ ٽُپيون هِن،
اسان هر خُواريءَ جُون کاريُون کنيُون هِن،
اسان عُمر سارِي پَرايُون تڪيُون هِن،
اسان تلخ ڳالهيون ، اسان کي چيُون هِن،
اسان معاشري جا گٽر ٿِي وياسين!
ـــ
وڄائي ته تاڙيُون هُو ٽِي جنس وارو،
اچِي گهرَ گهٽِيءَ تي ڪري ٿو اشارو،
لڳين “ناز” مونکي ٿو ڏاڍو پيارو،
چوي روز هئه هئه لڳائي ته نعرو،
اوهان جِي نظر جي نذر ٿِي وياسين!
گجر ٿِي وياسين بصر ٿِي وياسين!
مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿي وياسين!
مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿي وياسين!