جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين وڃ ڙي مستن ۽ فقيرن مان اچي ڦاٿا آهيون۔ اسان جهڙا ٽي درجي وارا ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن۔
جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين سائين اهڙي ماڻهن کي گهرجي ته درجا بندي ۽ نمبر گيم کي ڇڏي مست وانگر مستي ڪن۔۔
جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين اڙي اڙي مست موڳا، اسان جهڙو ڪو ماڻهو درجا بندي يا نمبر گيم وڌائيندو ته اهو صرف هڪ هڪ جي حساب سان وڌائيندو، پر جيڪي مست پنهنجي مستي ۾ ايندا آهن انهن جي مستي ۾ هڪ ڌڪ ۾ هزارين درجا بنديون ۽ سوين نمبر گيم وڌائڻ جي شڪتي (طاقت) هوندي آهي۔ اهڙي مستي نه اسان کي کپي نه اسان ان مستي کي پُڄي سگهون پڄڻ ته ڇا پر اُن جِي ڌوڙ کي به نٿا پُڄي سگهون۔ ان ڪري ته چوندا آهيون ته گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين مُڏي سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿِي وياسين۔ موڳا مست وري جي مستي جي ڳالهه ڪئي ته چريا ناز ڀڄي جند ڇڏائيندا۔
جواب: گجر ٿِي ويا سين بصر ٿِي وياسين سائين مستي رڳو مستن وٽ نه هوندي آهي پر شاعر جڏهن پنهنجي مستيءَ ۾ اچن ٿا ته دنيا جهان هِلائي ڇڏيندا آهن۔۔ مستيءَ ۾ اچي اهڙو ڪو شعر يا غزل لکڻ ويهي رهندا آهن، جنهن سان مست جهڙن جون ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون