
Uploaded with ImageShack.us
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
هي ديس ۾ خانه جنگي
۽ خانه جنگي کان ڀي وڏي
هي فِرقه واريت کي هَٿي
هرڪو جنوني مذهبي
ايمان جي بي راھِ روي
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
هي زلزلا ، ٻوڏون قهر
۽ قهر کان ڀي وڏي
اخبار جي آهي خبر
هي شام ، صبح هر پَـهر
ٿيو ڪربلا جو آ سفر
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
هي رهبريءَ کان رهزني
۽ رهزنيءَ کان ڀي وڏي
وچ چوڪ تي ”عصمت دري“
قانون جي هيء آرسي
انصاف جي سينه زني
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
هي ” بربريت “ جي هَٽي
۽ هَٽيءَ کان ڀي وڏي
هي موت ڏي ويندڙ گهٽي
هر سينڌ ۾ آهي مٽي
” ماتم ڪدو “ ٿي سنڌ پئي
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
هيءَ ” سياست “ جي ٺڳي
۽ ٺڳيءَ کان ڀي وڏي
لسٽ شهداء جي ڊگهي
هي قوم جي لاوارثي
ڪُوڙي مسيحائي رُڳي
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
فاَقه ڪشي کان خودڪشي
۽ خودڪشيءَ کان ڀي وڏي
تذليل جي منظرڪشي
مصنوئيت جي دل ڪشي
هي قلم جي رسه ڪشي
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
غربت ، غريبي ، مُفلسي
۽ مُفلسيءَ کان ڀي وڏي
هيءَ آدمي جي بيحسي
فوٽ پاٿ جهڙي زندگي
آ موت جي ڀر ۾ سُتي
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
هي ” ڪارو ڪاريءَ “ جي رسم
۽ رسم کان ڀي وڏي
غيرت جي بدلي جي رقم
عزت جو هي ڪوڙو ڀرم
آ ، ڪُڙم ڪهڙي جو ڌرم ؟
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
ٿي عيد ، عاشورن مثل
۽ عاشورن کان ڀي وڏي
انياءَ جي ٻيگهي مَتل
هو ” امن “ جو مڻڪو ڀڳل
ٿيو سونُ ڀي آهي پِتل
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو
هي ڪوڙ ۽ ڪوڙا قدر
ڪوڙي قدر کان ڀي وڏي
هي اجتمائي آ ، قبر
ترياق ۾ وِھ جو اثر
۽ بي ضميريءَ تي فخر
اي مُنصفو !
اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو