روبينه ابڙو اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us



    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو


    هي ديس ۾ خانه جنگي
    ۽ خانه جنگي کان ڀي وڏي
    هي فِرقه واريت کي هَٿي
    هرڪو جنوني مذهبي
    ايمان جي بي راھِ روي
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو



    هي زلزلا ، ٻوڏون قهر
    ۽ قهر کان ڀي وڏي
    اخبار جي آهي خبر
    هي شام ، صبح هر پَـهر
    ٿيو ڪربلا جو آ سفر
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو


    هي رهبريءَ کان رهزني
    ۽ رهزنيءَ کان ڀي وڏي
    وچ چوڪ تي ”عصمت دري“
    قانون جي هيء آرسي
    انصاف جي سينه زني
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو


    هي ” بربريت “ جي هَٽي
    ۽ هَٽيءَ کان ڀي وڏي
    هي موت ڏي ويندڙ گهٽي
    هر سينڌ ۾ آهي مٽي
    ” ماتم ڪدو “ ٿي سنڌ پئي
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو


    هيءَ ” سياست “ جي ٺڳي
    ۽ ٺڳيءَ کان ڀي وڏي
    لسٽ شهداء جي ڊگهي
    هي قوم جي لاوارثي
    ڪُوڙي مسيحائي رُڳي
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو



    فاَقه ڪشي کان خودڪشي
    ۽ خودڪشيءَ کان ڀي وڏي
    تذليل جي منظرڪشي
    مصنوئيت جي دل ڪشي
    هي قلم جي رسه ڪشي
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو



    غربت ، غريبي ، مُفلسي
    ۽ مُفلسيءَ کان ڀي وڏي
    هيءَ آدمي جي بيحسي
    فوٽ پاٿ جهڙي زندگي
    آ موت جي ڀر ۾ سُتي
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو


    هي ” ڪارو ڪاريءَ “ جي رسم
    ۽ رسم کان ڀي وڏي
    غيرت جي بدلي جي رقم
    عزت جو هي ڪوڙو ڀرم
    آ ، ڪُڙم ڪهڙي جو ڌرم ؟
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو


    ٿي عيد ، عاشورن مثل
    ۽ عاشورن کان ڀي وڏي
    انياءَ جي ٻيگهي مَتل
    هو ” امن “ جو مڻڪو ڀڳل
    ٿيو سونُ ڀي آهي پِتل
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو


    هي ڪوڙ ۽ ڪوڙا قدر
    ڪوڙي قدر کان ڀي وڏي
    هي اجتمائي آ ، قبر
    ترياق ۾ وِھ جو اثر
    ۽ بي ضميريءَ تي فخر
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    ادا سليمان وساڻ !
    لڳِي بلڪل دل کي لڳِي
    روبينه ابڙو جِي
    هر ڳالهه دل کي لڳِي،
    ٺڳِي جو مڳِيءَ جو
    جنهن ڀانڊو آهي،
    ڦوڙيو، پيل ڳٽ غلامي جو
    جنهن آ ٽوڙيو،
    آرسِي، وٺو آرسِي وٺو
    جو هوڪو ڏيئي
    انڌن جي شهر ۾
    ٻاري پئِي ٻُوٽو
    يا صفا ساڙي پئِي ٻُوٽو،
    وڏِي ڳالهه چئبِي منصفو ٻُڌو
    وڏِي ڳالهه چئبِي مصنفو ٻُڌو
    اهي وڍ جيڪي روبينه ڏنا ٿَوَ
    اهي وڍ جيڪي وقت جِي مينا ڏنا ٿَوَ
    اهي وڍ ڪنهن ڪُهاڙِي جا ناهن،
    اهي وڍ ڪنهن چاڪوءَ جا ناهن،
    اهي وڍ مس ابڙو جي
    قلم جا ئِي آهن ، اهي وڍ شايد
    توهان جي اکين سان گڏ
    توهان جا سُتل ضمير
    جهنجهوڙين،
    توهان جي رکِي مُنهن تي ڀونڊا،
    توهان جِي بي حيائي کي
    ٽوڙين!
    ٻڌو ٻوڙا ۽ گونگا،
    نالي ماتر او انسانو،
    حيوانن کان ڀي بدتر،
    او حيوانو! حيوانو !حيوانو! ۔۔۔۔۔۔۔۔


    ان کان علاوه ادا سليمان محترمه روبينه ابڙو جي خوبصورت ونڊ هتي شيئر ڪرڻ جون مهربانيون پر انهي گُذارش سان ته براءِ مهرباني محترما روبينه ابڙو جي هيءَ خوبصورت تصوير ۽ معاشري جو اکيون کولڻ واريون سِٽون ڪهڙي سورس کان توهان کي هٿ آيو ن لکيو وڃي . گهٽ ۾ گهٽ انهي لنڪ جا توهان سان گڏ ٿورا ته مڃون
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    مهرباني ادا مهرباني.
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    ادا رياض جيڪڏهن اسان شاعريءَ جي ڳالهه ڪنداسين ته ادا سليمان وساڻ جي اڄوڪي موڪليل سانئڻ روبينه ابڙو جي هن شاعريءَ جو ڪو جواب ئي ڪونهي، شايد دوستن جي نظر انهيءَ شاعري تي پئي ئي ڪانهي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    سائين نثار صاحب اوهان ادي روبينه جي شاعري جو ذڪر ڪيو واقعي هي شاعري ناهي پر سنڌ جي موجوده حالات تي لکيل ڪيڏارو آهي۔

    هن کان اڳ به روبينه ابڙو صاحبه ٻوڏ جي ناري تي هڪ ڪيڏارو لکيو هئو۔ جيڪو هيان ڦاڙيندڙ هئو۔

    مهرباني سائين نثار ناز صاحب
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    سائين نثار ناز صاحب هي شاعري ڪاوش ميگزين ۾ ڇپي هئي ۽ مون سنڌ سلامت سان گڏ فيس بوڪ تي به ونڊ ڪئي۔ هن خوبصورت شاعري مان ڪجهه سِٽون رهجِي ويو هيون جيڪي توهان سميت سموري دنيا جي سنڌين سان خُوشي سان ونڊ پيو ڪريان
    فاَقه ڪشي کان خودڪشي
    ۽ خودڪشيءَ کان ڀي وڏي
    تذليل جي منظرڪشي
    مصنوئيت جي دل ڪشي
    هي قلم جي رسه ڪشي
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    دور حاضر روان جي حساب سان جيڪو به وقت جي ٽڪساٽ تي ڏوهي آهي ، پو اها ميڊيا ڇو نه هُجي، ان کي سانئڻ روبينه ابڙو اکين ۾ اکيون وجهي آئينو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ وقت جي ٻه واٽي تي هن دور ۾ چاهي اهو نثار ناز ڇو نه هُجي بلڪل اکيون پوري هلي ٿو هو پنهنجي گريبان ۾‌ جهاتي نٿو وجهي، ۽ جيڪي وري پنهنجي گريبان ۾ مُنهن به وجهن ٿا، ۽ ٻين کي آرسيون ڏيکارين ٿا مجبوري آهي، اهي زياده تر زنده نٿا رهن جلدي پنهنجون جانيون نيڪ ۽ حقيقي مقصدن خاطر گهوريو ڇڏين۔ الله سائين جيجي روبينه ابڙو کي وڏي حياتي ڏي، جو وقت جي نمرودن، فرعونن، يزيدن سامهون مهاڏو اٽڪايو بيٺي آهي۔ الله سائين توهان کي به سدائين سلامت رکي جو سنڌ سلامت جي هن خوبصورت اڱڻ تي تمام خوبصورتون ونڊون ونڊيو ٿا۔ لک لائق۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    ها سائين بلڪل.........
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    ادا سليمان ۔۔ مان روز هن موضوع کي ڏسي سوچيندو آهيان ته ڪهڙو جواب لکان هن موضوع ۾، ڪي لفظ نه ٿا ملن جن سان روبينه ابڙو صاحبه کي ڀيٽا ڏئي سگهان۔۔ اڄ جي نفسانفسي جي دور ۾ ظلم، بربريت تي لکڻ‌لاءِ‌ڪنهن وٽ وقت آهي؟ اسان جي سنڌ ۾ گهڻا شاعر ته محبوب جي ذلفن کان سواءِ‌ڪنهن ڳالهه کي لکن ڪونه ٿا، انهن جي قلم ۾ غريبن تي ٿيندڙ ظلم، مسڪينن تي ٿيندڙ ڏاڍ، بکايلن جي آهُن، مظلوم جي دانهن تي لکڻ جي طاقت ڪانهي۔۔۔ يتيمن جو ڏک، ماروئڙن جي اندر جا اڌما انهن کي نظر نه ٿا اچن، سلام آهي محترمه روبينه ابڙو کي جنهن اهڙي قسم جي اکين کي کوليندڙ، روح کي ڪنبائيندڙ شاعري لکي آهي۔۔ توهان جي مهرباني جو اهڙو بهترين ونڊ اسان دوستن سان ڪيو ٿا۔۔۔
    دوستن ۾ سائين نثار ناز جي ڪمينٽس مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي، سنڌ کي اهڙي ئي دردمند ماڻهن جي ضرورت آهي۔۔ سلام آهي اهڙي شخصيتن کي
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    ادا مست واقعي ادي روبينه جنهن نموني لکيو آهي ۽ جيڪو ڪجه لکيو آهي ان جو ڪو جواب ناهي۔ لڳي ٿو پاڻ ڪليجو ڪڍي سنڌ جي حالتن تي لکيو اٿس۔ سندن هي بند ته زرد صحافت ڪرڻ وارن جي منهن تي به چماٽ آهي۔

    فاَقه ڪشي کان خودڪشي
    ۽ خودڪشيءَ کان ڀي وڏي
    تذليل جي منظرڪشي
    مصنوئيت جي دل ڪشي
    هي قلم جي رسه ڪشي
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو

    ادا نثار ابڙي رات فون ڪري روبينه ابڙو جي ساڳي ئي شاعري تي مونسان ڳالهايو هو ۽ سندس تمام گهڻي تعريف ڪئي هئي پر لڳي ٿو گهڻو سوچڻ جي باوجود اڃان ڪجه لکي ناهي سگهيو يا لکڻ لاء لفظ ڪونه ٿا ملنس۔ پاڻ آهن ته لفظن جا جادوگر پر الائي ڇو هن موضوع تي ماٺ آهن

    سنڌ سان محبت ڪرڻ وارا اڃان کُٽا ڪونهن۔ نثار ناز صاحب جن جي مهرباني پاڻ سنڌ جا سچا عاشق آهن۔ اوهان جا به قرب جو سنڌين لاء ايڏو درد آهي اوهان جي سيني ۾

    اڃان رُڃ مان رَڙ اچي پئي اچي پئي
    متان ايئن سمجهو مُئا مَور سارا
     
  11. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    بيشڪ روبينه ابڙو جي هن گيت تي لکڻ ائين آهي جيئن ڪنهن تمام وڏي جبل تي چڙهڻ ۔۔۔ ادي وساڻ ڀيڻ روبينه جو هي ساڳيو نظم پنهنجي فيس بڪ تي به ونڊ ڪيو هو، جنهنکي پڙهڻ کانپو دل اڌما ٿي کاڌا ته هن نظم جي موٽ ۾ پنهنجي دل جي باهه به ڪڍجي ۔۔۔ پر جيڪو پاڻکي سنڌ ۽ سنڌي سماج تي چوڻو هو سو روبينه صاحبه تمام سٺن لفظن سان پيرائتي انداز سان بيان ڪري وئي آهي ۔۔۔

    لک شاباسون ۽ سلام اسانجن اديبن ۽ قومي دل رکندڙ دوستن کي جي سنڌ ۽ سنڌي سماج جا ڪيڏارا ڳائي، ستل قوم جي ستل روح ۾ نئين هوا ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۔۔۔

    سنڌ جي حالت اهڙي ته بڇڙي آهي جو ان حالت تي ڪيترائي ڪيڏارا لکي سگهجن ٿا ۔۔۔ دانهون ڪري سگهجن ٿيون ۔۔۔ دل جي باهه ڪڍي سگهجي ٿي ۔۔۔ اکين مان نير وهائي پاڻ سان گڏ ٻين کي به روئاري سگهجي ٿو ۔۔۔ پر دوستو! هڪ ڪهاوت جيئان، ” ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو“ جي مصداق ادي روبينه جو مٿيون نظم ئي اکين کولڻ لئه ڪافي آهي ۔۔۔ پر سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔

    دوستو! سنڌي سماج جي پوئتي پوندڙ حالتن کي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ترقيءَ طرف ڊڪندڙ حالتن جي تورتڪ ڪبي ته حيرانگيءَ سان گڏوگڏ ٻڏي مرڻ جو مقام نظر ايندو ۔۔۔ انجو مثال ائين ڏجي ته سنڌ جبل کان هيٺ لهي رهي آهي ۽ دنيا تمام وسيلن سان جبل جي چوٽِيءَ تي چڙهي فتح جا جهنڊا هڻڻ جي ويجهو آهي ۔۔۔

    دوستو! اچو ته رب العالمين جي در دعا ڪجي ته ” اي سهڻا مالڪ، اسانجي حالتن تي رحم ڪر، اسانکي ڪي سهڻا انسان عطا ڪر جيڪي اسانجي ٻڌي ۽ ايڪي جو سبب ٿين ۽ اسانجي هنن بڇڙين حالتن کي بدلائي سک جو سج اڀارن “ آمين

    ادا وساڻ اوهانجا لک ٿورا جو اوهان تمام سهڻو نظم سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    توهان جي سليڪشن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔ موجوده دور ۾ ڏاڍائي جي لفظن ڪشي پڙهندي تصور تصوير ڪشي ڪندو رهيو۔۔۔۔ محترمه روبينه لڳي ٿو ظلم ۽ بي حسي جي هن دور کي غربت ۽‌ بي ڪسي جي ويجهو ٿي ڏٺو آهي۔۔۔۔ اهو سمورو منظر هوئن ته معاشري ۾ موجود هر ڪردار ڏسي ٿو پر آواز اٿارڻ، ضمير جهنجهورڻ ۽ لفظ پروئڻ‌ ڪير ادي روبينه کان سکي۔۔۔۔ آواز اٿارڻ پنهنجي جاءِ تي پر سوال اهو آهي ڇا انڌيري جي رات ڪڏهن به ختم نه ٿيندي۔۔۔ آخر هي جهالت پن ڪڏهن ختم ٿيندو ۔۔۔ منصف تاريخ لکندي لکندي صديون گذاري ويا پر ظلم جو دور ڪالهه به موجود هو، اڄ به هلي پيو۔۔۔ ۽ پري پري تائين ختم ٿيندي نظر نه ٿو اچي۔۔۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    ڪالهه ميڊيا جي بي حسي ۽ هلڪڙائپ ڏسي مونکي بار بار محترمه روبينه جو مٿيون نظم ياد اچي رهيو هو۔ ڪوڙ ۽ ٺڳي تي مشتمل هن مصنفن ۽ منصفن مان چڱائي جي اميد ڪيئن رکجي؟؟

    هيءَ ” سياست “ جي ٺڳي
    ۽ ٺڳيءَ کان ڀي وڏي
    لسٽ شهداء جي ڊگهي
    هي قوم جي لاوارثي
    ڪُوڙي مسيحائي رُڳي
    اي مُنصفو !

    غربت ، غريبي ، مُفلسي
    ۽ مُفلسيءَ کان ڀي وڏي
    هيءَ آدمي جي بيحسي
    فوٽ پاٿ جهڙي زندگي
    آ موت جي ڀر ۾ سُتي
    اي مُنصفو !
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو
    اي مُصنفو !
    هِن دور جي تاريخ لکو
     
  15. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    ٿي عيد ، عاشورن مثل
    ۽ عاشورن کان ڀي وڏي
    انياءَ جي ٻيگهي مَتل
    هو ” امن “ جو مڻڪو ڀڳل
    ٿيو سونُ ڀي آهي پِتل


    تمام خوبصورت عڪاسي ڪئي آھي ادي روبينه۔
    ادا سليمان وساڻ صاحب توڙِي جو شاعر نه آھن تڏھن به ھميشه انمول شاعري ونڊ ڪندا آھن۔ سندن جا لک لائق
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    سائين عبدالواحد مهربانيون ۔۔

    بلڪل حقيقتون ۽ سچي عڪاسي ٿيل آهي محترمه روبينه ابڙو جي شاعريء ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا واقعي مان نه شاعر آهيان نه اديب پر مان ادب ۽ شاعرن کي گهڻو پڙهندو آهيان ۽ جيڪا تخليق سٺي لڳندي آهي سا دوستن سان به ونڊ ڪندو آهيان۔
     
  17. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    تمام خوبصورت خيال جي قلم اسان جي م،عاشري تا عڪاس ڪيا يقينن درد ڀري دل جي آواز آهي جنهن ۾ ايثار جهڙو انساني زيور جهلڪي پيو ادا سليمان ۔مهرباني وسلام
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي مُنصفو ! اي مُصنفو ! هِن دور جي تاريخ لکو (روبينه ابڙو)

    سائين ڏاڏل قرب

    پسند ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔۔۔۔

    محترمه روبينه ابڙو پنهنجي قلم ذريعي اهڙيون تخليقون پيش ڪندي رهندي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو