دوستو ٿي سگهي ٿو ته هي ونڊ پهرين اوهان جي نظر مان گذريل هجي، پر سنڌ سلامت تي مون کي ان جو لنڪ ملي نه سگهيو۔۔ تنهن ڪري هڪ بهترين تحفي جي صورت ۾ آئون قرآن پاڪ جو فليش ۾ ترتيب ڏنل هي نسخو اي بُڪ جي صورت ۾ اوهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان۔ اميد ته پسند ايندو۔۔ هي نسخو اصل ۾ قرآن فليش ڊاٽ ڪام وارن طرفان فليش ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي، هن کي اپلوڊڪرڻ واري جي دعوى مطابق ته هن ۾ اردو ترجمو به شامل آهي پر مون کي هن جي اندر اردو ترجمو ڏسڻ ۾ نه آيو۔۔ مان هن جو ڊائون لنڪ ڏئي رهيو آهيان جڏهن ته اوهان هن کي آن لائن به پڙهي سگهو ٿا۔۔ ان جو لنڪ به حاظر آهي۔ ڊائون لوڊ لنڪ فائل سائيز (75۔39 ميگابائيٽ) آن لائن پڙهڻ لاءِلنڪ۔۔
جواب: قرآن پاڪ فليش اي بُڪ جي صورت ۾۔۔ ادا مست توهان جي مهرباني جو اوهان قرآن پاڪ جو اهڙو سهڻو ونڊ ڪيو ليڪن اهڙو ونڊ فقير سائين اڳ ۾ ڪري چڪو آهي بهرحال قرآن پاڪ جي ان ونڊ جي ٿي سگهي ٿو ڪن دوستن کي خبر نه هجي انڪري هن وقت به درست آهي. جيئن هيء ڏسو http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=2169
جواب: قرآن پاڪ فليش اي بُڪ جي صورت ۾۔۔ جزاڪ الله خيرا تمام بهترين ويب سائيٽ آهي هن فليش قرآن مجيد کي ڪنهن ٻي ويب سائيٽ تي ڪيئن لانڇ ڪيو وڃي سائين رشيد ۽ ويب جا ماهر رهنمائي ڪن
جواب: قرآن پاڪ فليش اي بُڪ جي صورت ۾۔۔ سائين توهان درست فرمايو پر اهو لنڪ منهنجي نظر مان نه گذريو هو۔۔۔ پر سهڻي ڳالهين کي جيترو وڌيڪ يادگيري لاءِ ٻيهر ونڊ ڪرائجي ته بهتر آهي۔۔۔ ان کان علاوه ٻنهي موضوعن ۾ ڊائونلوڊنگ جو لنڪ پڻ الڳ آهي۔۔ مطلب ته دوستن لاءِ متبادل لنڪ مهيا ٿي ويا۔۔
جواب: قرآن پاڪ فليش اي بُڪ جي صورت ۾۔۔ ادا مست توهان جا لک ٿورا جو توهان اسان کي اهڙي ناياب ونڊ پيش ڪئي مهرباني.