ڪانگل خط کڻي وڃ
ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!
حفيظ ڪنڀر
ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!
حفيظ ڪنڀر
ڪيئن آهين؟ تنهنجا موڪليل ڪتاب مليا، پهريون ڪتاب ئي مون کي اسپتال ۾ شروع ڪرڻو پيو. ٻن ڏينهن کان داخل آهيان، ڪالهه ته سڄو ڏينهن ڊاڪٽرن انجيڪشنز هڻي سمهاري رکيو هو. رکي رکي کاٻي ڪرائي وارا وڍ ڏکن ٿا. صبح جو ڊاڪٽر آيو هو، ڊگهي ۽ بيڪار ڪائونسلنگ ڪري ويو آهي. دوائن جو نئون گروپ شروع ڪرايو اٿن، شايد شام جو گهر هلي وڃان. انهيءَ گهر، جتي رڳو ديوارون آهن ۽ منهنجي اڪيلائي آهي. خير! تنهنجي گذريل خط ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ڦاسي پيل نيشنلزم بابت چڀندڙ سوال تون ڪنهن کان پڇي نٿو سگهين. مون کي ته ڪير نيشنلزم جي هاڻوڪن Trends بابت تفصيل ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. تو وٽ ڪي ڪتاب هجن ته موڪلي ڏجان.
تو خط ۾ اها ڳالهه به ڇيڙي ته هن دور ۾ ويلفيئر ۽ سروس کي بنياد پرستن پنهنجي سياست جو اهم حصو بنايو آهي. جنهن جو مثال مڊل ايسٽ کان هندستان جون سياسي پارٽيون به آهن. هندستان ۾ ته راشٽر سيوڪ سنگ جهڙي پارٽي گانڌي کي گولي هڻڻ کانپوءِ ماڻهن جي ”خدمت“ جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي ۽ هن وقت انهيءَ تنظيم جو رضاڪاراڻو نيٽ ورڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو رضاڪاراڻو نيٽ ورڪ ٿي چڪو آهي. اسپتالون به هلائن ٿا، اسڪول به هلائن ٿا، سوين هنري گهر به اها ئي تنظيم ٿي هلائي ۽ سياست تي به اثرانداز ٿئي ٿي ۽ پوري هندستان ۾ اقليتن لاءِ جيڪي ”ڀلائي“ جا ڪم ڪري ويٺي، انهيءَ جي خبر به سڄي دنيا کي آهي. مسلمان ۽ عيسائي آبادي کي ڪهڙي نموني سڱن تي کڻيو ويٺي آهي، انهيءَ جو اندازو ته توکي هوندو. اهڙي طرح مڊل ايسٽ ۽ عرب دنيا جا مخير صاحبان آهن، انهن سائوٿ ايشيا جي ڪهڙين Right wing تنظيمن کي ضيائي آمريت کان اسپانسر ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهيءَ اسپانسرشپ جا ڪهڙي طرح فرقيواراڻا نتيجا پنهنجي پياري ملڪ ۾ نڪتا آهن، سا به ڪنهن کان ڳالهه ڳجهي ڪونهي.
اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي قومي ڌارا جي سياست ڪندڙ پارٽين لاءِ به اڇوتيون آهن ته ملڪي ليول جي جمهوري (؟) سياست ڪندڙ پارٽين جي به سمجهه کان ٻاهر آهن، باقي سنڌي ماڻهن کي ٻوڏ کانپوءِ ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ جو مطالبو به آسان آهي، ته کين صلاح ڏيڻ به سولو ڪم آهي. آئون ڪيتري عرصي کان چوان پئي ته قومي ڌارا جي سياست ڪندڙ قيادت کي پهرين ڪراچي شفٽ ٿيڻ گهرجي، جنهن جي ڏڍ تي شايد ڪجهه ماڻهو پاڻ کي ڌڻيڪا سمجهن.
هون به گذريل ٻن ڏهاڪن کان ماڻهن ڪراچي جو رخ ڪنهن اپيل، صلاح يا مطالبي جي بنياد تي ناهي ڪيو. اصل ۾ ٻيا محرڪ آهن، جنهن ڪري ماڻهن وڏن شهرن ڏي پنهنجي پنڌ جو رخ ڪيو آهي ۽ انهن کي ڪنهن به وڏي شهر جي دهشتگردي جي لهر نه اچڻ کان روڪي سگهي آهي، نه رهڻ کان روڪي سگهي آهي، ۽ مون کي يقين آهي ته شهرن طرف ماڻهن جو اهو رخ رهندو ئي رهندو، پر اسان جي ڳوٺاڻي انداز جي سياست جي Vision جو اهو حال آهي جو ٻوڏ ستايلن لاءِ ڪراچي ۾ به ڳوٺ اڏي کين آباد ڪرڻ جا مطالبا پيا ڪريون!! انٽرنيشنل شهر ۾ سنڌين جي آبادڪاري جو مطالبو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ سنڌين لاءِ ٽائون ٺهرائي ڏيڻ جي مطالبي ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي!؟ آئون ته پنهنجي منهن سچل ڳوٺ، چڪرا ڳوٺ، صفوران ڳوٺ کي سچل ٽائون، چڪرا ٽائون، صفوران ٽائون چوندي وتندي آهيان، پر الائي ڇو اسان جي سوچ مان ڳوٺ لفظ نڪري ئي نٿو، جڏهن ته اهي علائقا بلڪل شهري علائقا آهن ۽ هر حال ۾ قاسم آباد کان ته ٺيڪ آهن.
مون کي اندازو هو ته ٻوڏ جي شدت گهٽجڻ کانپوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد پهتل سنڌي ماڻهن جي گهڻائي پنهنجي ”اباڻن پڊن“ ڏي واپس ٿيندي، پر اها واپسي ڪنهن ڌر جي دلي خواهش جي پٽاندڙ نه، پر پنهنجي مرضي ۽ خواهش تحت ٿيندي ۽ ٿورا ماڻهو انهيءَ شهري زندگي کي قبول ڪندي اتي رهڻ لاءِ ڪي جتن ڪندا. پر انهن جي رهنمائي ڪير ڪري؟ خاص طور انهن بيروزگار نوجوانن جون کيپون جيڪي سيلاب ۾ ڌڪجي اچي شهرن جي ڪنڌي تي لڳيون آهن، انهن کي روزگار جي حاصلات لاءِ ڪير گائيڊ ڪري!؟ ڪراچي مان سگا به ذري گهٽ گم آهي، اهڙو ٻيو ڪو ادارو ڪونهي، جو محنت مزوري جي سلسلي ۾ رهنمائي ڪري. ننڍا وڏا روزگار، روزگار تائين پهچڻ جي محنت ۽ مسلسل ڪوششن جي لاءِ همت افزائي ڪرڻ وارا فورم هجڻ گهرجن ها.
مون ته ڪراچي جي شهر ۾ سنڌي ڇوڪرن کي سگنلز تي شام جو گل وڪڻندي ڏٺو آهي. اهي نوجوان شام جو ماڻهن کي مرڪن سان گل آڇين ٿا، صبح جو ڪنهن اداري ۾ پڙهن به ٿا. مون کي ريسٽورنٽس جي مخصوص يونيفارم پاتل ڪيترائي اهي سنڌي نوجوان به ملن ٿا، جيڪي رات جو ويٽر آهن، ڏينهن جو ڪنهن تعليمي اداري ۾ شاگرد آهن. رهي سهي ڳالهه سنڌي ميڊيا تي اچي ٿي (سڀني ڌرين سميت) ته اها پنهنجي اخباري صفحن ۽ ٽي وي اسڪرين تي اهڙا سلسلا هلائي، جن سان ڪراچي ۾ رهندڙ توڙي هن سيلاب ۾ ايندڙ نوجوان ڇوڪرن کي روزگار حاصل ڪرڻ جون اٽڪلون ۽ هنر ٻڌائي، انهن جي رهنمائي ڪري.
اخبارن کي اهي سلسلا هلائڻ گهرجن، جن ۾ ”ڪم خرچ“ ۽ عزت ڀريو روزگار حاصل ڪرڻ/محنت مزدوري ڪرڻ جا گُر ۽ انهن ماڻهن جا تجربا ٻڌايل هجن، جيڪي هن شهر ۾ ٻچن جو گذر ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن انهيءَ عمل سان ڪراچي-حيدرآباد ۾ هڪ هزار نوجوان روزگار سان لڳي ويا ته منهنجي لاءِ اهي هڪ لک هوندا، پوءِ ڀلي اهي برگر جا ريڙها لڳائن، اخباري هاڪر ٿين، ويٽر ٿين. آچر-اربع بازارن ۾ واچون ۽ رانديڪا وڪڻن، ٽيوشنون ڏين يا شام جو ڪنهن سگنل تي بيهي موتئي جا گل وڪڻي ماڻهن جي مرڪن سان آجيان ڪندي گاڏي ۾ ويٺل جوڙي کي ”هيلو سر! فلاورز فار يو“ چون...انهيءَ گهڙي آئون ڪراچي جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هونديس ته مون کي سنڌ جي ئي خوشبو ايندي، آئون ڪراچي جي سنڌي نوجوانن کي اهو ئي چئي سگهان ٿي.
فقط تنهنجي ريما-ڪراچي
writerhafeez@yahoo.com
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان