• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خود غرض، سياستدان حڪومت، کي ٻوڏ، سان گڏ، لوڙهڻ چاهن ٿا.

رياض حسين گلال

سينيئر رڪن
اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خودغرض سياستدان منھنجي ماءُ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ٻوڏ سان گڏ لوڙهڻ چاهين ٿا، عوام انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏئي، اهي سياستدان مشڪل جي وقت ۾ به پنهنجا مفاد ماڻڻ چاهين ٿا، اسان سڀ الله آڏو جوابده آهيون، ڪارڪن هڪ ڳوٺ آباد ڪرڻ جي نظريي تحت ڪم کي جنبي وڃن. پيپلزپارٽي جي چيئرمين ڪارڪنن ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته هن مشڪل وقت ۾ جڏهن ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ انهن جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪرڻيون آهن، ان وقت سياست نه ڪئي وڃي، خودغرض سياستدان جيڪي شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ٻوڏ سان گڏ لوڙهڻ چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو وڃي، اهي مشڪلاتن ۾ ورتل ماڻهن کي ڏکيائين مان ڪڍڻ نٿا چاهين پر انهن جا ذاتي مقصد آهن ۽ اهي هن وقت به ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي ڇڏي ڏيو ڇو ته اسان سڀ الله جي آڏو جوابده آهيون، آئون توهان کي گذارش ڪريان ٿو ته اشاري تي هلندڙ سياستدانن کي نظر انداز ڪيو ۽ پنهنجون سموريون توانائيون مشڪلاتن ۾ ورتل ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪتب آڻيو. الله تعاليٰ وڏو ڪارساز آهي ۽ هو توهان کي ان ڪم جو اجر ضرور ڏيندو. آئون پارٽي جي هر هڪ ڪارڪن کي حڪم ڏيان ٿو ته هو تيستائين آرام نه ڪري جيستائين آخري ٻوڏ متاثر پنهنجي ڳوٺ ڏانهن واپس نٿو ٿئي ۽ کين سر لڪائڻ جي لاءِ اجهو ۽ خاندان جي سارسنڀال لهڻ جي لاءِ ضروري وسيلا نٿا ملن، اسان کي دنيا آڏو اهو ثابت ڪرڻو آهي ته اسان ڀٽو ورثي جا وارث آهيون جنهن سدائين پنهنجي جان جي قرباني ڏني آهي ۽ ان ورثي جو ان ڳالهه ۾ يقين آهي ته عوام جي حقن جي تحفظ ڏيڻ سان گڏوگڏ کين پنهنجي زندگي بنا ڪنهن خوف جي گذارڻ جو حق هر حال ۾ ڏنو ويندو. 2008ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڊگهي جدوجهد کانپوءِ چونڊن ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي جنهن ۾ پارٽي جي ڪارڪنن جون وڏيون قربانيون شامل آهن، اسان پنهنجي عظيم اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو وڃائي ويٺاسين، شهيد بينظير ڀٽو جو ويزن اهو ئي هو جيڪو پارٽي جو بنياد وجهندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو هو، پيپلزپارٽي جي ورڪرن جون املهه قربانيون آهن، پارٽي هر ان پروپيگنڊا کي منهن ڏنو جڏهن کان اها قائم ٿي آهي، اهو توهان جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو جو اڄ پارٽي جي ميمبرن ۾ گهٽتائي نه پر اضافو ٿيو آهي.
ڪاوش جي ٿورن سان.
 
جواب: خود غرض، سياستدان حڪومت، کي ٻوڏ، سان گڏ، لوڙهڻ چاهن ٿا.

سائين حڪومت جي وڏڙن کي هوش سان ڪم وٺڻ گهرجي، سندن اتحادي ئي سندن پيرن هيٺان زمين ڇڪي رهيا آهن
 
جواب: خود غرض، سياستدان حڪومت، کي ٻوڏ، سان گڏ، لوڙهڻ چاهن ٿا.

سائين حڪومت جي وڏڙن کي هوش سان ڪم وٺڻ گهرجي، سندن اتحادي ئي سندن پيرن هيٺان زمين ڇڪي رهيا آهن

هوئن ب ادا هنن کي ٻوڏ متاثرن کان وڌيڪ پنهنجي حڪومت جي لڳي آ.
 
Back
Top