• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تلاش گمشده

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دستو

سنڌ سلامت فورم جا دستو مون جو هڪ ڀائڻ جهڙو دوست گم ٿئي ويو آهي

ان ڀائن جهڙي دوست جا پار پتا هن ريت آهن

نالو عبدالوهاب

تخلص راجه صاحب

ذات قمبراڻي

اصل ويٺل ڪنڌ ڪوٽ

عمر اٽڪل 29 سال

رنگ گورو

اکيون جهريون

وار ڪارا

ڪپڙن ۾ پينٽ شرٽ پاتل هيس اخري ڀيرو اسلام آباد ۾ ڏٺو ويو

ڪنهن به دوست کي ان بابت ڪا ڄاڻ ڪو اطلاع هجي ته مهرباني ڪري هيٺين ايڊريس تي رابطو ڪري

جيڪو به ان بابت اطلاع ڏيندو ته ان کي علي علي واري ڀوري مينهن انعام ۾ ڏني ويندي ۽ سندس اهڙي ته خدمت ڪبي جو وڃي ٿيا خيئر

انڌيري اسٽريٽ گهر نمبر 420/420
گم ٿيل ضعلو

ڪانٽيڪٽ نمبرز

0322222222222222222222
هي ٽول فري نمبر آهي شهر جي ڪنهن به پي سي او تان ڪال ڪري سگهو ٿا




مهرباني
 
جواب: تلاش گمشده

ادا اسان به سنگت کي گذارش ڪيون ٿا ته فقير سائين جي فقير نيٽورڪ جو مُک ماڻهو ”راجا اسلام آبادي“ جلدي ڳولي ڏيو۔۔ ڪاٿي فقير سندس فراق ۾ ۔۔۔۔۔ نه ٿي وڃي۔۔۔
 
جواب: تلاش گمشده

ادا اسان به سنگت کي گذارش ڪيون ٿا ته فقير سائين جي فقير نيٽورڪ جو مُک ماڻهو ”راجا اسلام آبادي“ جلدي ڳولي ڏيو۔۔ ڪاٿي فقير سندس فراق ۾ ۔۔۔۔۔ نه ٿي وڃي۔۔۔

سائين ،

اصل ۾ توهان صحيح نشآندهي ڪئي آهي ته اهو راجه اسلام آبادي مک ماڻهو آهي ان کان سوا۽ مون جو نيٽ ورڪ جام لڳو پيو آهي

اصل ۾ اهو پنجن اسپاٽس جو انچارج آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ساري ڪمائي پڻ ان وٽ آهي ان ڪري ٿو سنگت کي منٿ ڪريان ته ان کي ڳولهي ڏيو

ٿورو ٽائيم اڳ پڻ علي علي انٽرنيشنل فقير مون غريب فقير جي ساري ڪمائي کڻي گم ٿئي ويو هو ۽ مون کي پڻ قيد ڪيو هئائين . سائين نثار ناز کي شابس هجي جنهن وري مونکي قيد مان آزاد ڪرايو

هاڻي وري هي لڳو آهي ڪڍ راجه صاحب ساري ڪمائي ان وٽ آهي پاڻ غائب آهي سو جنهن به دوست کي سندس
ڪا خبر چار هجي ته انفارم ڪري

سدائين گڏ
 
جواب: تلاش گمشده

الله خير ڪندو توهان کي جلدي ملي ويندو. ريڊيو ۾ تصوير ته موڪلي اٿو نه ؟؟
 
جواب: تلاش گمشده

الله خير ڪندو توهان کي جلدي ملي ويندو. ريڊيو ۾ تصوير ته موڪلي اٿو نه ؟؟

هاهاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔لڪيل چاهت آهي ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ريڊيو وارن ان جي تصوير ڪان ورتي آهي۔ سکر باگڙي جي ڀرسان هڪ پير آهي۔فقير اُتي ڏسوس۔
 
جواب: تلاش گمشده

الله خئير ڪري، سندس لئه اسانجا هٿ مٿي آهن، جيڪب آباد ضلعي ۾ ٻوڏ جو زور هو، ائين نه ٿئي ته دوست ڪنهن تڪليف ۾ هجي ۔۔۔ ڪنهن دوست وٽ فون هجي ته کائنس پڇي وٺي ۽ خئير خيريت معلوم ڪري وٺي ۔۔۔ باقي دوست عبدالوهاب عرف عبدو وفا شعار دوست آهي، اميد ته کيس جيئن ئي موقعو ملندو ته اچي سنڌ سلامت تي نڪرندو ۔۔۔

فقيرن جو سردار آهي۔۔۔ فقيرن جي صدا تي اچي نڪرندو ۔۔۔
 
جواب: تلاش گمشده

ڪيڏانهن ويندو، نيٺ‌ ته ايندو۔۔۔ وڏا فقير دل ڇو لاٿي اٿئي۔۔۔۔۔

ڪجهه ڏينهن اڳ کيس فوٽن واري ڪتاب فيسبوڪ تي ڏٺو هو۔۔ اتي به مون جيان نيڪ بابا نيڪ مائي جون صدائون پيو هڻي۔۔۔۔ مون سوچيو ته ير هن فقير جو نيٽ ورڪ ته هتي به آهي۔۔۔ سو پاڻ ان جي ڪري پر ڀيا ٿي ويهي رهياسين، سوچيوسين پائي پائي ميڙي جيڪو ڪمپيوٽر هٿ ڪيو آهي ڪٿي اهو به گُم ٿي وڃي۔

الله مالڪ آهي۔۔ گهمي ڦري اتي ئي موٽي ايندو۔۔۔
 
جواب: تلاش گمشده

اڄ مان لڪيل چاهت کي فيس بوڪ تي ڏٺو۔مست جي تصوير تي ڪمينٽس ڪيائين۔ڏوهي آهي لڪيل چاهت فيس بوڪ تي اچي ٿو پنهنجي اوطاق تي نه ٿو اچي۔۔۔۔۔۔مذاق ۾
 
جواب: تلاش گمشده

ادا فقير سڏ ڪري اسان نه اچون يار معاف ڪجانءِ اصل۔۔۔۔۔ مس مس دنيا جي دَل دَل مان نڪري ڪري پهتا آهيون هتي۔۔۔۔۔۔۔۔مونکي پڪ هئي فقير ضرور رڙيون ڪندو۔۔۔۔۔ ته ڪٿي آهي۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top