ڏوٿي سا ڏورين گلزار سيال "ڍوڍائي دنيا ۾ جيڪي به پراڻيون تهذيبون آهن. اسان سنڌين جو اهو متفقه فيصلو آهي ته سنڌ انهن مان هڪ آهي. ڪي اڻ ڳڻيون تهذيبون آهن. ڪي چند ملڪ آهن جيڪي انساني تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز چئي سگهجن ٿا. جهڙوڪ: سنڌ، مصر، يونان، فلسطين، چين ۽ ايران وغيره. اقوام متحده جا اٽڪل ڏيڍ سؤ ميمبر آهن پر انهن سڀني ملڪن ۾ اهي چند مٿي ڄاڻايل ملڪ انساني تهذيب ۽ تمدن جا وارث سمجهيا وڃن ٿا. اهو فيصلو دنيا جي مؤرخن وٽ يڪراءِ بحال ٿيل آهي. هروڀرو ائين به ناهي ته اهي ملڪ ئي آهن جتان انساني وجود ابتدا ڪئي هئي پر آفريڪا جي نائجير ۽ ڪانگو دريائن جون واديون به ان وقت انسانن سان آباد هيون ليڪن انهن وادين کي تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو نٿو تسليم ڪيو وڃي. ڇو ته انهن وادين ۾ رهندڙ مخلوق انساني معراج ماڻڻ ته ڇا پر حلال ۽ حرام جي پرک ڪرڻ ۽ سندن پاڙيسري مخلوق باندر ۽ ڀولڙي جي برابر پئي رهي آهي. تهذيب ۽ تمدن جي معنيٰ آهي ته انسان هر وقت جنهن مسئلن سان زندگيءَ سان دوچار آهي انهن مسئلن کي ڪهڙي تدبير ۽ اٽڪل سان نبيرجي يعني سوچ ويچار ۽ عقل جهڙي نعمت کي ڪهڙي نموني استعمال ڪجي. دراصل اها عقل ۽ تدبير جي استعمال جي ڄاڻ آهي جيڪا ڪنهن فرد ۽ قوم کي انساني تهذيب جي دائري ۾ داخل ڪري ٿي. داناءُ قوم جي دانائن عقل جهڙي اعليٰ ترين وٿ کي وڏي ۾ وڏي مصيبت پئي سمجهيو آهي بابا ڀٽائي چيو: الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن!!عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺڻ کير پيئن نه پر زهر جا ڍڪ ڀرڻ آهي. سقراط جنهن يونان کي عظيم يونان ڪيو اهو به عقل ۽ سمجهه جي تعريف ڪجهه انهيءَ ئي نموني ڪري ٿو. يوناني تهذيب سقراط جي ذات ۾ گم ٿيل آهي يعني يونان جي شاندار تهذيب پنهنجي پوري قوت استعمال ڪرڻ کانپوءِ بلڪل آخر ۾ جيڪو معراج ماڻيو سو سقراط جي نظريي ۽ شخصيت جي صورت ۾ هو ۽ سقراط جو ڪمال هي هو ته "جيئو ۽ جيئڻ ڏيو" جهڙو اصول واضح ڪري يونان جي فلسفه سياست تي هميشه لاءِ ٿورو ڪري ويو. هندستان جي اڍائي هزار ورهين جو حـُـسن ۽ ان جو دنياوي نقطه نظر گوتم ٻڌ تي ختم ٿيل آهي جنهن جي فلسفه اخلاق “Principle of non violnce” ته ڪن پيغمبرن کي به حيرت ۾ وجهري ڇڏيو!! انگلينڊ جي سوسائٽي پنهنجي پوري عملي قوت خرچ ڪرڻ کانپوءِ "برٽينڊ رسيل" تي اچي پنهنجي پڄاڻي جو اعلان ڪري ٿي. فلسطين ۽ چين جهڙا ملڪ ڪنفيوشس ۽ يسوع مسيح کي ئي پنهنجو بهترين داناءُ نمائندو تصور ڪن ٿا. انهن مٿي ڄاڻايل مختلف تهذيبن جي نمائندن جو فڪر دنيا واسطي امن ۽ سلامتي جي پيغام کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ڪا به سوسائٽي يا فرد ذهني پختگيءَ علم ۽ عقل جي درجي تي پهچڻ کانپوءِ ئي امن ۽ سلامتي کي "حقيقت ڪـُـل" سمجهڻ تي مجبور ٿيو پوي!! پر ائين نه آهي ته هو جنگ جي هر حالت ۾ مخالفت ڪن ٿا. هنن جي فڪر ۾ فساد خونريزي ۽ ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي سخت مخالفت آهي. انهن خلافت کي روڪڻ لاءِ سقراط جو فلسفو گوتم ٻڌ جي حڪمتن ۽ مسيح جي مذهب، جنگ جي حمايت ڪندي ڏسڻ ۾ ٿا اچن. انگلينڊ جو داناءُ شڪسپيئر ٿو چوي: لڳ ڀڳ اهو ئي نقطه نظر اسان کي سنڌي فضيلت ۽ تهذيب جي نمائندي "بابا ڀٽائي" جي فڪر تي ڇانيل نظر ايندو. ڀٽائي رڳو صوفي شاعر نه آهي پر هي سنڌ جو گوتم، يونان جو سقراط ۽ ايران جو سعدي آهي. ڀٽائيءَ ڪو سنڌ ۾ اوچتو آسمان تان پيدا ڪو نه پيو آهي پر هزارها سال سنڌ جي سرزمين جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخي عمل ۽ مجموعي شعور جي مادي ۽ دنياوي تعبير جي هڪ حقيقت آهي. ڀٽائيءَ جيڪو ڪجهه چيو آهي. اهو اڳ ئي سنڌ جي مسائل زندگي بابت مجموعي نقطه نظر ٿي چڪو آهي ۽ جو ڀٽائيءَ صاحب جي ذهني ورڪشاپ ۾ ڇنڊجي ڇاڻجي "شاهه جو رسالو" جهڙو خوبصورت شاهڪار جي صورت اختيار ڪري ويو. جهڙي ريت چيو وڃي ٿو ته افلاطون جي سڄي حڪمت اها هئي ته هن يونان جي تهذيب جيڪا ڪماليت جي درجي تي هئي ۽ ختم ٿي رهي هئي. تنهن کي “Republic” جو روپ ڏيئي هميشه لاءِ عظيم ڪري ڇڏيو نه ته يونان جي عظمت جي ڪنهن کي به ڪل نه هجي ها!! اهڙي ريت ڪنفيوشس کي چين جي رپاڻي تهذيب جو عظيم مؤرخ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ڪنفيوشس اهو ئي لکيو جيڪو کانئس اڳ چين جي داناءُ چئي چڪا هئا ۽ ڀٽائي به سڌ جي اسلام کان اڳ ۽ پوءِ جي شعور کي رکي ملائي پيار ۽ محبت مان ٽٻ ٿيل نئين دنيا جي نشاندهي ڪئي جيئن خود چئي ٿو: ڏوٿي سا ڏورين جا جوءَ سئي نه ٻڌي، پاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين.ويا ات ووڙين جت هر ڪنهن حاجت نه هه ڪاڀٽائي جي رسالي ۾ ڪرشن جي واڻي ڀڳوت جي گيتا ۽ قرآن جي فڪر جو سنگم ٿيل آهي ۽ اهو ئي لطيف جو هڪ ڪمال آهي. اهڙي طرح سنڌي تهذيب ۽ تمدن تاريخ جي ارتقائي چرخي تي چڙهي شعوري عروج ۽ بلوغت ماڻي. لطيف جي ذات ۾ ظاهر ٿي. لطيف سنڌي ذهن ۽ فضيلت جو معراج آهي. هي سقراط ۽ گوتم ٻڌ جي پاڻيءَ جو شعور رکندڙ ذهن آهي. عقل ۽ سمجهه جي فطرت، امن محبت ۽ سچ جي تلاش آهي. اقوام متحده جو چارٽر پوري انساني تدبر، فهم ۽ فراست جو بهترين دستاويزي ثبوت آهي جنهن ۾ ويهين صديءَ جي مفڪرن ۽ دانائن جو ذهن پوري طرح سمايل آهي. هي چارٽر امن سلامتي جي پيغام کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. چارٽر کي سقراط گوتم، ڪرشن، ڪنفيوشس، مسيح ۽ پيغمبر محمد صلعم جي گڏيل پيغام جو جوهر ۽ نچوڙ چيو وڃي ٿو. ڀٽائي جي رسالي کي پڙهن کانپوءِ ڏسبو ته اسان کي ڪو به اهڙو شعر نه ملندو جيڪو چارٽر جي اصولن جي خلاف ورزي ڪري. ها پر جڌهن مارئيءَ کان ملير کسجي ٿو ته پوءِ ڏاڍ جي قلعي ۽ عمر جي تڪبر کي ختم ڪرڻ جي تدبر به ٻڌايل آهي، جيڪا تدبير ۽ جدوجهد مٿي ذڪر ڪيل چارٽر ۾ جائز ٺهرايل آهي. امن جو پيغام ڏيڻ، پيار ۽ محبت سان ڀريل دنيا بنائڻ، سچ جي ڳولا ڪرڻ، ڏاڍ سان مقابلو ڪرڻ رسالي جا خاص موضوع آهن. غلام بڻجي رهڻ ۽ ان جي بدلي ۾ چڱو چوکو هنڊائڻ اسان وٽ عيب آهي. اي نه مارن ريت جيئن سيڻ مٽائين سون تي اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪا نه ڪريت لکن جي پريت ماڙين تي نه مٽيان.هاڻي اچو لطيف جي پيار جي پرٿوي ڪاڪ تي جا افلاطون جي ريپبلڪ ۽ والٽيئر جي خيالي شعر، آبدريڊو کان وڌيڪ خوبصورت پئي لڳي. پوءِ کڻي ريپبلڪ جا حڪمران فلسفي هجن ۽ والٽيئر جي شعر آبدريوڊجا بادشاهه راڳيندڙ هجن ۽ سنگيت ڪار هجن، اهو به واهه واهه پر اسان جي ڀٽائي جي ڪاڪ جا ڪوري به نبين جي رتبي ۽ شان جا مالڪ آهن. ڏڦيڙ ڦهلائڻ، نفرت جو ٻج ڇٽڻ، انسان کي انسان کان ڪرڻ ته ڪم شيطاني آهي پر جوڙڻ ۽ ڳنڍڻ پيغمبرن جو مقصد حيات پئي رهيو آهي. ڏسو ته ڀٽائي ڪورين کي انهيءَ ڌنڌي ۾ ماهر هئڻ ڪري ڪيڏو نه مرتبو ڏيئي ويو آهي. هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.اها هڪ حقيقت آهي ته اسين سنڌي ماڻهو ڇا به ٿي ڳنڍڻ ڄاڻون ٿا پر ڇنڻ جي معاملي ۾ صفا اناڙي ثابت ٿيا آهيون يعني سنڌي قوم اعليٰ مرتبي ۽ حد درجي جي مهذب قوم آهي جنهن جو مقابلو صرف ڪي چند قومون ڪري سگهن ٿيون. اسين سنڌي هن وقت به ڀٽائيءَ جي مٿالي رياست ڪاڪ جتي صرف پيار ۽ محبت جي پرورش ٿي سگهي ٿي. ان کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ دنيا جي قومن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. بابا لطيف خود هن طرح چوي ٿو: هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي پسجي نينهن جتي رات نه ڏينهن سڀڪو پسي پرين کي.