ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڏوٿي سا ڏورين
گلزار سيال "ڍوڍائي
دنيا ۾ جيڪي به پراڻيون تهذيبون آهن. اسان سنڌين جو اهو متفقه فيصلو آهي ته سنڌ انهن مان هڪ آهي. ڪي اڻ ڳڻيون تهذيبون آهن. ڪي چند ملڪ آهن جيڪي انساني تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز چئي سگهجن ٿا. جهڙوڪ: سنڌ، مصر، يونان، فلسطين، چين ۽ ايران وغيره.
اقوام متحده جا اٽڪل ڏيڍ سؤ ميمبر آهن پر انهن سڀني ملڪن ۾ اهي چند مٿي ڄاڻايل ملڪ انساني تهذيب ۽ تمدن جا وارث سمجهيا وڃن ٿا. اهو فيصلو دنيا جي مؤرخن وٽ يڪراءِ بحال ٿيل آهي. هروڀرو ائين به ناهي ته اهي ملڪ ئي آهن جتان انساني وجود ابتدا ڪئي هئي پر آفريڪا جي نائجير ۽ ڪانگو دريائن جون واديون به ان وقت انسانن سان آباد هيون ليڪن انهن وادين کي تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو نٿو تسليم ڪيو وڃي. ڇو ته انهن وادين ۾ رهندڙ مخلوق انساني معراج ماڻڻ ته ڇا پر حلال ۽ حرام جي پرک ڪرڻ ۽ سندن پاڙيسري مخلوق باندر ۽ ڀولڙي جي برابر پئي رهي آهي.
تهذيب ۽ تمدن جي معنيٰ آهي ته انسان هر وقت جنهن مسئلن سان زندگيءَ سان دوچار آهي انهن مسئلن کي ڪهڙي تدبير ۽ اٽڪل سان نبيرجي يعني سوچ ويچار ۽ عقل جهڙي نعمت کي ڪهڙي نموني استعمال ڪجي. دراصل اها عقل ۽ تدبير جي استعمال جي ڄاڻ آهي جيڪا ڪنهن فرد ۽ قوم کي انساني تهذيب جي دائري ۾ داخل ڪري ٿي. داناءُ قوم جي دانائن عقل جهڙي اعليٰ ترين وٿ کي وڏي ۾ وڏي مصيبت پئي سمجهيو آهي بابا ڀٽائي چيو:
الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن!!
انگلينڊ جي سوسائٽي پنهنجي پوري عملي قوت خرچ ڪرڻ کانپوءِ "برٽينڊ رسيل" تي اچي پنهنجي پڄاڻي جو اعلان ڪري ٿي.
فلسطين ۽ چين جهڙا ملڪ ڪنفيوشس ۽ يسوع مسيح کي ئي پنهنجو بهترين داناءُ نمائندو تصور ڪن ٿا. انهن مٿي ڄاڻايل مختلف تهذيبن جي نمائندن جو فڪر دنيا واسطي امن ۽ سلامتي جي پيغام کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ڪا به سوسائٽي يا فرد ذهني پختگيءَ علم ۽ عقل جي درجي تي پهچڻ کانپوءِ ئي امن ۽ سلامتي کي "حقيقت ڪـُـل" سمجهڻ تي مجبور ٿيو پوي!! پر ائين نه آهي ته هو جنگ جي هر حالت ۾ مخالفت ڪن ٿا. هنن جي فڪر ۾ فساد خونريزي ۽ ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي سخت مخالفت آهي. انهن خلافت کي روڪڻ لاءِ سقراط جو فلسفو گوتم ٻڌ جي حڪمتن ۽ مسيح جي مذهب، جنگ جي حمايت ڪندي ڏسڻ ۾ ٿا اچن. انگلينڊ جو داناءُ شڪسپيئر ٿو چوي:
لڳ ڀڳ اهو ئي نقطه نظر اسان کي سنڌي فضيلت ۽ تهذيب جي نمائندي "بابا ڀٽائي" جي فڪر تي ڇانيل نظر ايندو. ڀٽائي رڳو صوفي شاعر نه آهي پر هي سنڌ جو گوتم، يونان جو سقراط ۽ ايران جو سعدي آهي. ڀٽائيءَ ڪو سنڌ ۾ اوچتو آسمان تان پيدا ڪو نه پيو آهي پر هزارها سال سنڌ جي سرزمين جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخي عمل ۽ مجموعي شعور جي مادي ۽ دنياوي تعبير جي هڪ حقيقت آهي. ڀٽائيءَ جيڪو ڪجهه چيو آهي. اهو اڳ ئي سنڌ جي مسائل زندگي بابت مجموعي نقطه نظر ٿي چڪو آهي ۽ جو ڀٽائيءَ صاحب جي ذهني ورڪشاپ ۾ ڇنڊجي ڇاڻجي "شاهه جو رسالو" جهڙو خوبصورت شاهڪار جي صورت اختيار ڪري ويو. جهڙي ريت چيو وڃي ٿو ته افلاطون جي سڄي حڪمت اها هئي ته هن يونان جي تهذيب جيڪا ڪماليت جي درجي تي هئي ۽ ختم ٿي رهي هئي. تنهن کي “Republic” جو روپ ڏيئي هميشه لاءِ عظيم ڪري ڇڏيو نه ته يونان جي عظمت جي ڪنهن کي به ڪل نه هجي ها!! اهڙي ريت ڪنفيوشس کي چين جي رپاڻي تهذيب جو عظيم مؤرخ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ڪنفيوشس اهو ئي لکيو جيڪو کانئس اڳ چين جي داناءُ چئي چڪا هئا ۽ ڀٽائي به سڌ جي اسلام کان اڳ ۽ پوءِ جي شعور کي رکي ملائي پيار ۽ محبت مان ٽٻ ٿيل نئين دنيا جي نشاندهي ڪئي جيئن خود چئي ٿو:
ڏوٿي سا ڏورين جا جوءَ سئي نه ٻڌي،
پاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين.
ويا ات ووڙين جت هر ڪنهن حاجت نه هه ڪاپاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين.
اي نه مارن ريت جيئن سيڻ مٽائين سون تي
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪا نه ڪريت
لکن جي پريت ماڙين تي نه مٽيان.
هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
اسين سنڌي هن وقت به ڀٽائيءَ جي مٿالي رياست ڪاڪ جتي صرف پيار ۽ محبت جي پرورش ٿي سگهي ٿي. ان کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ دنيا جي قومن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. بابا لطيف خود هن طرح چوي ٿو:
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي پسجي نينهن
جتي رات نه ڏينهن سڀڪو پسي پرين کي
جتي رات نه ڏينهن سڀڪو پسي پرين کي