ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌي عالم، اديب، شاعر ۽ دانشور
سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي کي جنهن به پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي، جن لاء سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح هيئن چيو آهي ( ٻري جن ٻاري، آء نه جيئندس ان ري) ۽ وري سنڌ جي ٻئين وڏي ماياناز شاعر شيخ اياز صاحب هيئن چيو آهي۔ ( جي پنهنجو نور نجوئي ويا، سي لڙڪ مٽيء ۾ لوئي ويا ، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا ، مون ڌرتي تنهنجا ڌنڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لنڱ ڏٺا، مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا، مون سوريء تي سومان ڏٺا۔ )
سنڌ تي جڏهن ايران جي هڪ بزرگ حضرت عثمان مروندي پير رکيو ۽ اچي سنڌ کي پنهنجو ڪيائين ته سنڌ ان کي قلندر بڻائي ڇڏيو، ۽ وري سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو ڪيو تڏهن لالون لال لطيف، ۽ ڀٽ جو گهوٽ لطيف، بڻيو، جڳ مشهور عالم دين جناب مولانه عبيدالله سنڌي صاحب جڏهن پاڻ کي سنڌي سڏايو تڏهن وڃي مولانه عبيدالله سنڌي بڻيو، اهڙن عالمن اديبن ۽ دانشورن جي تعارف لاء هي تعارفي سلسلو جاري ڪيو ٿو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو تصوير سان گڏ تمام مختصر تعارف پڻ پيش ڪيو ويندو۔ اميد ته هي سلسلو پسند ايندو۔نوٽ هيٺ نيرن اکرن سان لکيل لنڪ تي ڪلڪ ڪري توهان سنڌ سلامت تي انهيء شخصيت جو تفصيلي تعارف پڙهي سگهو ٿا۔