ڪپڙن جي، مناسبت سان، پارٽي ميڪ اپ، ڪريو،

'سورنهن سينگار' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    رينا علي.
    [​IMG] هر عورت خوبصورت نظر اچڻ چاهي ٿي، ۽ خاص ڪري تڏهن جڏهن ان کي ڪنهن پارٽي ۾ وڃڻو هوندو آهي، پارٽي ۾ وڃڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته اتي پنهنجا ڄاڻ سڃاڻ وارا ته ملندا ۽ جيڪڏهن ڪجهه نوان ماڻهو ملندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن مان هڪ ٻه توهان جو دوست به بڻجي وڃي، ان دوران توهان پنهنجي لـُڪ ۽ لباس ذريعي ٻين کي متاثر ڪرڻ جي به ڪوشش ڪريو ٿا، توهان جي اندر خوداعتمادي پيدا ٿئي ٿي جڏهن توهان ڄاڻو ٿيون ته توهان پرڪشش نظر اچي رهيون آهيو، توهان ميڪ اپ بلڪل صحيح طريقي سان ڪيو آهي ۽ لباس به زبردست آهي. پارٽي ۾ وڃڻ کان اڳ توهان اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته پارٽي ميڪ اپ جا پنهنجا ڪجهه طور طريقا ۽ گڏو گڏ حدون به هونديون آهن، مثال طور توهان بيشڪ اکين يا چپن جو ڀاري ميڪ اپ ڪري سگهو ٿيون پر اهي ٻئي ميڪ اپ گڏ نٿيون ڪري سگهو، جيڪڏهن پارٽي ۾ نمايان نظر اچڻ چاهيو ٿيون ته پوءِ ان جو آغاز توهان ڊريسنگ ٽيبل سان ڪريو، ان حوالي سان هاڻ توهان ڪجهه ٽپس ڏسو:

    پاڻ کي تيار ڪريو: لباس جي چونڊ ڪريو ۽ ان جي مناسبت سان جوتا ۽ ٻيون شيون مثال طور جيولري وغيره جي چونڊ وقت کان اڳ ڪري وٺو، جڏهن اهي سڀ شيون گڏجي وڃن ته توهان کي هڪ آئيڊيا ملي ويندو ۽ پوءِ ان مناسبت سان توهان ميڪ اپ ڪريو.

    چمڙي جي تروتازگي لاءِ:

    * پنهنجو پسنديده فيس واش استعمال ڪندي چهري کي هلڪي گرم پاڻي سان صفائي ڪريو.

    *پنج ڏهه منٽ جي وقفي کانپوءِ چهري تي برف جا ٽڪرا لڳايو.

    * ڪاٽن بال کي ڪلينزنگ ملڪ ۾ ٻوڙيو ۽ پوري چهري تي لڳايو.

    * لوشن يا موئسچرائيزر جو استعمال ڪريو پر ان حد تائين جو چهرو آئلي نظر نه اچي.

    ميڪ اپ بيس:

    * ان جو انحصار توهان جي چمڙي جي رنگت تي آهي، اسفنج يا فائونڊيشن برش جي مدد سان پوري چهري تي لڳايو، چهري جا ويڪرا حصا آهن انهن تي توهان ٿورو ڊارڪ فائونڊيشن لڳائي سگهو ٿيون.

    * هاڻ برش جي مدد سان فائونڊيشن جي مٿان شيمرr پائوڊر لڳايو.

    * ڳلن تي بلش آن لڳايو، ڪجهه مٿي جي طرفن ۽ کاڏي تي به لڳايو.

    اکين لاءِ:

    * سڀ کان پهرين توهان آئي شيڊو لڳايو.

    * آئي لائينر جي مدد سان پنهنجي اکين کي واضح ۽ نمايان ڪريو.

    * پلڪن تي ٽي کان چار ڀيرا مسڪارو لڳايو.

    * آخر ۾ آئي برو پينسل جي مدد سان پنبڻين (ڀوون)کي نمايان ڪريو.

    چپن لاءِ:

    * لپ لائنر پينسل جي مدد سان چپن جي شيڊ کي نمايان ڪريو.

    * هاڻ برش جي مدد سان چپن تي ڪلر لڳايو.

    * ٽشو پيپر سان لپ اسٽڪ کي جذب ڪري لپ اسٽڪ جو هڪ ٻيو ڪوٽ لڳايو.

    * هاڻ آخر ۾ چپن تي هڪ ڪوٽ گلوسنگ جي لڳايو.

    ننهن لاءِ:

    * ننهن کي مڪمل طور تي صاف ڪريو ۽ فائل ڪري ان جي شيپ کي صحيح ڪريو.

    * بي رنگ ننهن پالش جو هڪ ڪوٽ لڳايو ۽ شِڪ ٿيڻ ڏيو.

    · هاڻ ننهن پالش جا ٻه ڪوٽ لڳايو ۽ هر ڪوٽ جي وچ ۾ ڏهه منٽن جو وقفو ڏيو.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪپڙن جي، مناسبت سان، پارٽي ميڪ اپ، ڪريو،

    ادا سٺي ونڊ آهي
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪپڙن جي، مناسبت سان، پارٽي ميڪ اپ، ڪريو،

    ادا عاشق مهرباني اوهان جي.
     
  4. پنڪي

    پنڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 مارچ 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    جواب: ڪپڙن جي، مناسبت سان، پارٽي ميڪ اپ، ڪريو،

    توهان جي مهرباني رينا، تمام سٺيون ٽرڪس آهن اسان کي انهن مان سٺو فائدو حاصل ڪرڻ ًرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو