ادا سليمان توهان جي مهرباني جو ماروئڙن کي جيڪي اڳي ئي ڪراچي جا ٻه ٽي چڪر (ڪجهه ٻوڏ ڪري) لڳائي چڪا آهن کي وقتائتي ڳالهه ٻڌائيندي شيڊيول لڳايو۔۔۔ ائين هاڻي ٻو_ڏ جا متاثرين پنهنجي ضلعي جي واري اچڻ تي اچي سگهندا جنهن سان سندن پريشاني ڪنهن قدر گهٽبي۔۔۔ پر هڪ ڳالهه ته ڪجهه دوست مون وانگر سڌي طرح نه صحيح پر اڻ سڌي طرح آيل ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن جهڙوڪ ادا رياض گلال پڻ آهي ۔۔۔ اهڙن دوستن جا نالا ادا بيتاب جي ٻڌايل سائيٽ تي چيڪ ڪرڻ کان پوءِ نادرا جي ريڪارڊ ۾ موجود مليا۔۔۔۔ پر ٻه ڏينهن اڳ کان انهن جا نالا ريڪارڊ منجهان ڊيليٽ ڪيا ويا آهن ۔۔۔ نتيجي طور ڪافي متاثرين الجهن ۽ پريشاني جو شڪار آهن۔۔۔ اڄ پڻ اهڙن متاثرين دادو ۾ انتظاميه ۽ پيپلز پارٽي جي سينئير وزير پير مظهر خلاف نعرا ۽ احتجاج ڪيو۔۔۔ ڇا توهان ٻڌائي سگهندو ته نادرا اهڙن ماڻهن جي ريڪارڊ کي ڇو ڊيليٽ ڪيو يا وري انهن کي پهريان ڇو شامل ڪيو هيو۔۔۔
۽ هڪ ٻي ڳالهه ته انتظاميه طرفان جن يوسيز کي وارننگ ڏيندي ماڻهن کي پنهنجا ڪکائوان گهر خالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ بعد ۾ انهن کي بار بار علائقو خالي ڪرڻ جو چيو ويو هو ۔۔۔ جيڪي اچي ڪراچي جي مختلف ڪيمپن ۾ رهڻ کان سواءِ مٽ مائٽن وٽ ترسيا هيا ڇا انتظاميه انهن کي متاثرين ۾ شامل نه ٿي؟ سمجهي جو بقول انتظاميه جي انهن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ نه آيا آهن۔۔۔