ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيڊيول

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ حڪومت ڪراچي جي ڪئمپن ۽ ڪئمپن کان ٻاهر رهندڙ ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء هيٺيون شيڊيول ترتيب ڏنو آهي۔

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us

    پنهنجا شناختي ڪارڊ آن لائين چيڪ ڪرڻ لاء هي ويب سائيٽ جاري ڪئي وئي آهي۔
    پنهنجا شناختي ڪارڊ موبائيل تي پڻ چيڪ ڪري سگهجن ٿا

    رائيٽ ميسيج ۾ پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر لکو
    ۽ ان کي 9888 تي موڪليو
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    ادا ڀا سٺي ونڊ آهي۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    ها ادا منهنجو ڪارڊ نمبر به لڳي ويو آ پر مان ته ٻوڏ متاثر آهيان ئي نه.

     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    ادا سليمان ڪارڊ وٺائي ڏيو ته ڪراچي جو چڪر لڳايان

    باقي شيئرنگ ۽ بهترين معلومات ونڊڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    ادا جي اوهان جو نالو آهي ته بلڪل اچو ڪوشش ڪري اوهان کي ڪارڊ ضرور وٺرائي ڏبو۔ پر يار اسان ته شيئرنگ ڪئي پر ڪجه اوهان به ته همت ڪيو:

    پاڻهي ايندم حوت پر ڪجه آ به اڳڀري ٿيان
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول




    ادا توهان ڏسي سگهو ٿا ته مون جا هر هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن ٻه ٿريڊ ڪافي ساريون تحريرون هونديون آهن باقي پاڻ ڄاڻي واڻي به ٻئي سنگت کي موقعو پيو ڏيان ،

    هڪ ڏينهن جي فقير شيئرنگ تي ويٺو نه ته سمورا ريڪارڊ ٽٽل ڏسندو :d:d:d


    ها ها ها

    مهرباني ادا
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    ادا ڦلپوٽه ڀا مان شيئرنگ جي همت جي نه پر ڪارڊ وٺڻ لاء ڪوششن جي ڳاله ٿي ڪئي۔ باقي واقعي اوهان جون تحريرون ۽ شيئرنگ ته روز آهن اسان ته مڙئي ٽيڪا ٽپڻي پيا ڪندا آهيون ۔ باقي ڪمپيوٽر جي معاملي ۾ پاڻ صفا ڪورا ۽ سيکڙاٽ آهيون۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    ادا فقير سائين اوهان جي مهرباني جو توهان مونکي اها ٽپ ٻڌائي دعائن ۾ ياد.
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    واليڪم سلام سائين سليمان صاحب

    ادا جي اهڙي همت هجي ها ته توهان کي ڇو چوان ها جي ڪيو مهرباني ته ڪٽايان ٽڪيٽ

    باقي پنهنجا حال پورا اٿئي :d:d:d
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيڊيول

    ادا ائين ن ڪجو توهان کي وساڻ صاحب وٺي ڏيندو.
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    ڀا ڦلپوٽه پو ٽڪيٽ ڪرائي ڪراچي پهچ ڪارڊ ٺهرائي وٺنداسين۔ پر شيڊيول ڏسي ساڳي ڏينهن پهچ الله بهتر ڪندو۔

    ساٿ سلامت سنڌ سلامت
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيديول

    ادا مون جو ته پروگرام هيو ته ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي اچان ادا سليمان جو مهمان ٿيان پر توهان ته هڻي اصل لاه ڪڍي وڌا ته شيڊول ڏسي ڪري ساڳي ڏينهن اچبو #-o#-o#-o

    هاڻي ادا اچبو ضرور پر .................... ساڳي ڏينهن تي :D:D:D
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيڊيول

    ادا سليمان توهان جي مهرباني جو ماروئڙن کي جيڪي اڳي ئي ڪراچي جا ٻه ٽي چڪر (ڪجهه ٻوڏ ڪري) لڳائي چڪا آهن کي وقتائتي ڳالهه ٻڌائيندي شيڊيول لڳايو۔۔۔ ائين هاڻي ٻو_ڏ جا متاثرين پنهنجي ضلعي جي واري اچڻ تي اچي سگهندا جنهن سان سندن پريشاني ڪنهن قدر گهٽبي۔۔۔ پر هڪ ڳالهه ته ڪجهه دوست مون وانگر سڌي طرح نه صحيح پر اڻ سڌي طرح آيل ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن جهڙوڪ ادا رياض گلال پڻ آهي ۔۔۔ اهڙن دوستن جا نالا ادا بيتاب جي ٻڌايل سائيٽ تي چيڪ ڪرڻ کان پوءِ‌ نادرا جي ريڪارڊ ۾ موجود مليا۔۔۔۔ پر ٻه ڏينهن اڳ کان انهن جا نالا ريڪارڊ منجهان ڊيليٽ ڪيا ويا آهن ۔۔۔ نتيجي طور ڪافي متاثرين الجهن ۽ پريشاني جو شڪار آهن۔۔۔ اڄ پڻ اهڙن متاثرين دادو ۾ انتظاميه ۽ پيپلز پارٽي جي سينئير وزير پير مظهر خلاف نعرا ۽ احتجاج ڪيو۔۔۔ ڇا توهان ٻڌائي سگهندو ته نادرا اهڙن ماڻهن جي ريڪارڊ کي ڇو ڊيليٽ ڪيو يا وري انهن کي پهريان ڇو شامل ڪيو هيو۔۔۔
    ۽ هڪ ٻي ڳالهه ته انتظاميه طرفان جن يوسيز کي وارننگ ڏيندي ماڻهن کي پنهنجا ڪکائوان گهر خالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ بعد ۾ انهن کي بار بار علائقو خالي ڪرڻ جو چيو ويو هو ۔۔۔ جيڪي اچي ڪراچي جي مختلف ڪيمپن ۾ رهڻ کان سواءِ مٽ مائٽن وٽ ترسيا هيا ڇا انتظاميه انهن کي متاثرين ۾ شامل نه ٿي؟ سمجهي جو بقول انتظاميه جي انهن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ نه آيا آهن۔۔۔
     
  14. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيڊيول



    السلام عليڪم ادا ،

    ادا هتي اسان سان به ساڳئي صورتحال هئي اسان کي به وارننگ ڏني وئي هئي ته شهر خالي ڪري هليا وڃو نتيجي ۾ 80% ماڻهو شهر ڇڏي هليا ويا پو۽ وري جڏهن وطن ڪارڊ جو سلسلو شروع ٿيو ته شهر کي نظر انداز ڪيو ويو پر امتياز احمد شيخ صاحب جي ڪوششن جي ڪري وري شهر کي نادرا ريڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ شهر جا ماڻهو به وطن ڪارڊ وٺڻ جا اهل ٿئي ويا پر وري ڪجهه شهرن جي اعتراض کان پو۽ ۽ شڪارپور شهر ۾ قائم اڪيلي نادرا وطن ڪارڊ بوٿ جي رش ٿيڻ کان پو۽ نادرا خود شڪارپور شهر جا ريڪارڊ سائيٽ تان ڊيليٽ ڪرايو هيو جيڪو سلسلو ٻن ڏينهن تائين هليو ،
    ماڻهن جڏهن پنهنجو ريڪارڊ نادرا جي سائيٽ تي هڪ دفعو ڏٺو هيو وري ڊيليٽ ڏٺائو ته سخت احتجاج ڪيائون
    نتيجي طور تي وري نادرا سائيٽ تي شڪارپور شهر جو ريڪارڊ اپ ڊيٽ ڪيو ويو جيڪو هن وقت تائين اپ ڊيٽ آهي شڪارپور شهر وارن کي 11 تاريخ مليل آهي ته توهان کي وطن ڪارڊ 11 تاريخ تي ملندو سو ان سلسلي ۾ دادو يا دادو جون مختلف يوسيز پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائين ته نادرا وارا وري انهن جو ريڪارڊ سائيٽ تي اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيندا .

    هڪ عام تاثر اهو به آهي ته اسان پهريائين ٻوڏ متاثر علائقه آهن انهن کي وطن ڪارڊ جاري ڪيون پو۽ وري شهرن وارن کي به وطن ڪارڊ ملندو ائين ڇا ٿو ٿئي جو جيڪي شهر وارا آهن اهي اثر رسوخ وارا آهن اهي ڪارڊ اڳ ۾ وٺي ٿا وڃن ۽ رش پڻ وڌي وڃي ٿئي جنهن جي ڪري نادرا کي ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي هڪ اهو به سبب آهي ته ڪجهه ٽائيم لا۽ ڪجهه علائقن جا ريڪارڊ نادرا سائيٽ تان گم آهي

    سدائين گڏ
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪراچي ۾ رهندڙن لاء وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء شيڊيول

    ادا رشيد مان اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سچل ڳوٺ ڪراچي جي ڪئمپن ۾ 3000 کان مٿي ٻوڏ متاثر هيا۔ ان کانسواء لڳ ڀڳ 4000 ماڻهون سچل ڳوٺ ۽ ان جي ڀروارن علائقن ۾ پنهنجي مائٽن ، دوستن سان انهن جي گهرن ۾ يا وري ڪرائي جي گهرن ۾ رهيا پي۔

    ان صورتحال کي نظر ۾ رکي پيپلز پارٽي سچل ڳوٺ جي مقامي قيادت ، سماجي ڌرين ۽ روينيو جي عملي جي ڪوششن سان موسميات لڳ گرلز ڪاليج ۾ نادرا جي ڪئمپ جو قيام عمل ۾ آيو۔ سچل ڳوٺ مان ٻن ڪئمپن جا ماڻهو وطن ڪارڊ ٺهرائي ، پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ٿي چڪا آهن ۽ باقي به عمل جاري آهي۔

    اوهان جي ڳاله صحيح آهي ته نادرا جيڪي لسٽون پهريان جاري ڪيون هيون انهن ۾ ڪافي ماڻهن جا نالا شامل هيا ۽ اوهان کي خبر آهي ته اوهان ۽ مان به ڪافي ماڻهن جا نالا ڏٺا جيڪي لسٽ ۾ موجود هئا۔

    پر هاڻي ساڳيا ئي نالا ته اچن ٿا پر انهن جي سامهون Deleted لکيل پيو اچي ۽ انهن کي ڪارڊ جاري نه ٿا ٿين۔ ڪالھ نادرا جي عملي سان منهنجي ڳالھ ٿي هئي ۽‌ مان پاڻ به ڪئمپ جو چڪر لڳائڻ ويو هئس۔ نادرا جي هڪ سينير دوست ٻڌايو ته پهريان جيڪا لسٽ جاري ٿي هئي هاڻ ان ۾ ترميم ان جي ڪري ڪئي وئي آهي جو ان علائقي جي DCO سروي ڪري انهن علائقن جا نالا ختم ڪرايا آهن جتي پاڻي ناهي آيو يا اهي ناهن ٻڏا۔

    هاڻي حڪومت ئي ڪجه ڪري سگهي ٿي ته انهن علائقن جي ماڻهن جن کي وارننگ ڏني وئي هئي ۽ ڳوٺ خالي ڪرايا ويا هئا ، انهن کي دربدر ڪيو ويو هو ، انهن ماڻهن جي پرگهور لهي ۽ انهن کي به متاثرين ۾ شامل ڪري۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو