اياز، شيخ مبارڪ علي:
جديد سنڌ، ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا،
-تن- ۾ شيخ
-اياز- جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي.
-اياز-، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي، هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري،
-ان- ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي.
سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’
-اياز-‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن
-پاڙو- بنگل
-پاڙو-، سڏبو هو. شيخ
-اياز- جو خاندان
-بکراڻي- آهي. شيخ
-اياز- ثانوي
-تعليم- تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ
-ايس- ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي
-تعليم- دؤران ڪاليج مئگزين جو
-ايڊيٽر- به رهيو. هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ
-اياز- سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن گوبند مالهيءَ
-اپريل- 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ
-اياز- ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ
-اياز- شڪارپور ضلعي ۾ به سنگت کي منظم ڪيو،
-ان- کان سواءِ’ انجمن
-ترقي- پسند مصنفين‘ سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’
-پاڪستان رائٽرز گلڊ-‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.
شيخ
-اياز- ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو. شيخ
-اياز- شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو.
ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ
-اياز- جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم،
-بهاري لال- ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر
-ارجن شاد- ۽ ٻيا ڀارت هليا ويا ۽ ورهاڱي جي هن ڪاري وار شيخ
-اياز- جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت هليو وڃڻ سبب شيخ
-اياز- -اردو- اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس
-اردو- شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو،
-ان- ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن
-اردو- شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس
-اردو- شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه دل“، 1954ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مهراڻ“ جو
-ايڊيٽر- ٿيو. جويي صاحب، شيخ
-اياز- جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو ته هو
-اردو- شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي
-جاري- رکي، ڇو ته هو پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پهچائي سگهي ٿو. ’مهراڻ‘ جي 1955ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ
-اياز- جا ڏانهس لکيل خط ۽
-اياز- جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين
-اياز-، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو.
-ان- بعد
-اياز- جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽
-ٻولي- به اعليٰ درجي جي آهي.
-اياز- جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا،
-جن- جو تفصيل هن ريت آهي:
(1). ”ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: 1962ع)
(2). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر 1962ع)
(3). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: 1963ع)
(4). ”
-اڪ- جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: 1965ع-ايوبي مارشل لا ۾ هي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نه اچي سگهيو ۽ هي ڪتاب ٻيهر 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)،
(5). ”ڪي جو
-ٻيجل- ٻوليو“ (شاعري: 1970ع)
(6). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: 1973ع)
(7). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: 1975ع)
(8). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: 1980ع)
(9). ”
-پتڻ- ٿو پُور ڪري“ (شاعري: 1982ع)
(10). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: 1985ع)،
(11). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: 1985ع)
(12). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: 1985)
(13). ”
-ٽڪرا ٽٽل صليب جا-“ (شاعري: 1985ع)
(14). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: 1986ع)
(15). ”
-ڀڳت سنگهه- کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: 1986ع)
(16). ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: 1986ع)
(17). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پهريون: جولاءِ 1987ع)
(18). ”
-اڪن نيرا ڦليا-“ (شاعري: 1988ع)
(19). ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري 1989ع)
(20). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو:
-اپريل- 1991ع)
(21). ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن“ (شاعري: 1991ع)
(22). ”الوداعي گيت“ (شاعري: 1991ع)
(23). ”ننڊ وليون“ (شاعري: 1992ع)
(24). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو پهريون، شاعري: 1992ع)
(25). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو ٻيو: 1992ع)
(26). ”
-جر- ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: 1993ع)
(27). ”سرلوهيڙا ڳڀيا“ (شاعري: 1993ع)
(28). ”سورج مکي سانجهه“ (شاعري: 1993ع)، (29). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: 1993ع)
(30). هرڻ اکي ڪيڏانهن“ (شاعري: 1994ع
(31). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: 1995ع)
(32). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: 1995ع)
(33). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: 1996ع)
(34). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: 1996ع)
(35). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پهريون: 1995)
(36). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو:
-آڪٽوبر- 1996ع)
(37). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر 1997ع)
(38). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون:
-آگسٽ- 1998ع)
(39). ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ (شاعري: 1997ع)
(40). ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (شاعري: 1998ع)
(41). ”مينهن ڪڻيون“ (شاعري: 1999ع)
(42). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (
-تاجل بيوس- سان گڏ شاعري: 1997ع)
(43). ”
-اور- -الله- سان'>-اٿي
-اور- -الله- سان-“ (شاعري: جنوري 1998ع)
(44). ”
-اڳتي قدم-“ (2001ع:شيخ
-اياز- -آگسٽ-، سيپٽمبر ۽
-آڪٽوبر- 1947ع ۾ ’
-اڳتي قدم-‘ ماهوار جا 3 پرچا ڪڍيا هئا،
-جن- کي گڏ ڪري نئين ترتيب سان محمد ابراهيم جويي 2001ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو)
(45). ”جي
-تند- برابر توريان“ (ڪهاڻيون: شيخ
-اياز- جون ’سفيد وحشي‘ ۽ ’پنهل کان پوءِ‘ عنوان سان ڪهاڻين جي مجموعن ۽
-ان- کان ٻاهر رهجي ويل ڪهاڻيون،
-انور- فگار هَڪڙي ترتيب ڏئي ڇپائي پڌريون ڪيون)
(46). ”پکي ساڳي
-پار- جا“ (
-تاجل بيوس- سان گڏ:2004ع).
شيخ
-اياز- جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ
-اياز- جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ
-اياز- جي شاعريءَ ۽ نثر کي 22 جلدن جي صورت ۾
-ثقافت- ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جنهن جا پهريان ٽي جلد
-آگسٽ- 2009ع تائين ڇپجي چڪا آهن، جيڪي
-تاج- جويي ترتيب ڏنا آهن.
-جن- ۾
-اياز- جي شاعريءَ جا 13 ڪتاب اچي ويا آهن، ٻيا جلد تياريءَ هيٺ آهن. سندس
-اردو- شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئه دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ
-اور- نيل ڪي پتي“ 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فهميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور ۽ شاعر
-احمد سليم- ڪيو، جيڪو پڻ
-انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- 1976ع ۾ ڇپيو،
-اياز- جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن- اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(2004ع) ۽
-بخشل باغي-”هي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع)جي نالي سان ڇپايو.
شيخ
-اياز- پنهنجي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي ڪري، جيل ياترا به ڪئي، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽
-بغاوت- جا الزام به هنيا ۽ ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا.
-ان- سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي سڄي جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ
-اياز- خلاف
-باهه- ٻاري وئي، جنهن جي جواب ۾ برک دانشور رسول بخش پليجي ”
-انڌا اونڌا ويڄ-“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات “ ۽ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ قاسم
-پٿر- ”ادب ڪي نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا.
شيخ
-اياز- قديم توڙي جديد شعري صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو هو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي
-بيت- ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پهريون ڪماياب تجربو به
-اياز- ڪيو ۽
-ان- کان علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين،
-جن- ۾
-آزاد نظم-، نثري نظم ،هائيڪو، ڏيڍ سٽا ۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن. اهڙي نموني پاڻ اندازاً وِيهن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام چيو اٿس.
سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ
-اياز- ئي ماڻي. شيخ
-اياز- جي ڪلام جو ڪجهه حصو هنديءَ،
-اردو-، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جي
-انگريزي- ترجمي تي مشتمل هيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا
ٿيا آهن.
1. THE STORMS CALL FOR PRAYERS. (Translation from Sindhi by: Asif Farukhi & Shah Muhammad Pirzada: 1999).
2. IMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ (Translated by: J.M Girglani: 2003).
3. SONGS OF FREEDOM, (Translated by: Saleem Noor Hussain: 2003).
4. ON THE BANK OF INDUS. (Translated by: Professor Latif Noonari: 2006).
نوٽ: J.M Griglani جي ترجمي جو ٻيو ڇاپو شيخ
-اياز- چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
شيخ
-اياز- جي شاعري فڪري حوالي سان ٻن دورن / لاڙن تي مشمتل آهي. پهريون دور
-ترقي- پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ٻيو دور
-بين- الاقواميت، ويدانت يا
-تصوف- جو نمونو پيش ڪري ٿو. اهي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان به جهلڪن ٿا، جو پهرئين دور ۽ پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنهنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رهندو.
جهڙيءَ طرح شيخ
-اياز- شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”
-اڳتي قدم-“ جو
-ايڊيٽر- رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه وقت سنڌي
-اخبار- ’
-برسات-‘ جو پڻ
-ايڊيٽر- رهيو.
-ان- ريت صحافت جي شعبي ۾ به حصيدار بڻيو. اخباري ڪالم ۽
-اخبار- ۾ ڇپجندڙ سندس دعائون، سندس فڪري تبديليءَ جون شاهد آهن.
شيخ
-اياز- بابت نصير مرزا، جامي چانڊيي، ملڪ نديم،
-آغا سليم-،
-انور- فگار هَڪڙي، هدايت پريم، گُرڏني گانگاڻيءَ ڪتاب ڇپرايا آهن، جڏهن ته
-تاج- جويي پڻ هيٺيان چار ڪتاب ڇپايا آهن:
1. ”
-جر ۾ ٿو جرڪان- (1999ع)، (2). ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ (2000ع)، (3). ”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ (2002ع)، ۽ (4). ”آءُ درازا هل“ (2007ع).
شيخ
-اياز- ٻه شاديون ڪيون،
-جن- مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيءَ جهڙي مصروف شهر ۾ انتهائي اڪيلائپ جي ڏکوئيندڙ احساس ۾ گذاريائين. دوستن کان ڌار، دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به آخري دم تائين لکندو رهيو. هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي.
WIKIPEDIA
http://en.wikipedia.org/wiki/Shaikh_Ayaz