مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ، تو نينهن ”اياز“ نڀايو آ،
    تون ڳاتا گيت بغاوت جا، تون لاٿا زنگ ضميرن جا.​


    مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف​

    [​IMG]
    شيخ اياز سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس 3 مارچ 1928ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول نمبر 3 ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان 31 مارچ 1934ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. 31 مارچ 1939ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري 11 اپريل 1939ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1943ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ 1945ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.
    48-1947ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. پهريائين هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالحئي قريشي ۽ جمال صديقي سان ۽ بعد ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان وڪالت ڪئي. ان کانپوءِ سکر ۾ پريڪٽس ڪرڻ لڳو. اياز هڪ ذهين نوجوان ٿي اڀريو. سندس اسڪول ۾ انقلابي خيال اسريا. سندس ويهن سالن جي ڄمار ۾ اشتراڪيت مطالعي جو خاص موضوع رهي. اسڪول ۾ استاد کيئلداس فاني سندس سوچ ۽ شاعراڻي فن کي اوج ڏنو. هن شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. هن جو پهريون غزل شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سدرشن“ جي جنوري - فيبروري 1938 واري شماري ۾ شايع ٿيو. سندس تخليق جو عنوان ”مرد خدا“ هو.
    اياز هڪ وڪيل جي حيثيت سان زندگيءَ جي ڪارزار ۾ گهڙيو. وڪالت سان گڏ سندس شاعريءَ جو دور به ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ نمايان نظر اچڻ لڳو. ٽه ماهي مهراڻ -1955ع ۾ سندس ٽيهارو کن بيتن شايع ڪري هڪ شاعر کي اثرائتو بڻايو ۽ هو شاعر جي حيثيت ۾ ايترو اڀري آيو جو مڃجي ويو ۽ رجعت پسند ڌرين کي صدمو رسيو. اياز ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڇپجڻ سان هڪ وڏي شاعر واري مڃتا حاصل ڪئي. 1965ع ڌاري ڌرتي جي حقن جي حاصلات واري جاکوڙ جي ڏوهه ۾ کيس خطرناڪ قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو ۽ سکر جيل ۾ رکيو ويو. 1968ع ۾ ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو ۽ ايوب جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قيد ۾ رهيو. 1970ع ۾ هي شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي جيل ۾ رکيو ويو.
    اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ 3 ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي ڄايون. هن ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪئي، جنهن مان کيس 3 ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا. 1965ع ڌاري وراثت ۽ ٻين ڳالهين ڪري اياز ۽ بيگم اقبال ۾ جدائي ٿي وئي. 1976ع ۾ اياز کي ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجو مدو چئن سالن تائين پورو ڪيو. انهن چئن سالن ۾ اياز کان ڪيترائي دوست رسي ويا. انهي دوران ڪن کي گهربل نوڪريون مليون ۽ ڪن وري داٻو ڏئي ورتيون. 1962ع ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، 1963 ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي 1963، 1964ع ۽ 1968 ۾ آمرن پاران ضبط ڪيا ويا.
    1980ع ۾ وائيس چانسلري جو مدو مڪمل ڪرڻ بعد اياز سکر ويو. 1980ع ۾ سندس شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن“ ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس طبع تي مايوسي، قنوطيت ۽ موت ڏي توجهه نمايان آهي. هن جواني وارن ڏينهن ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم کي آجپي جو ذريعو ڄاتو پئي پر آخري عمر ۾ هن جي خيالن ۾ ڦيرو آيو ۽ هن دعائون چوڻ شروع ڪيون. ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو جو سوويت يونين قائم نه رهڻ ڪري هيڏي وڏي تبديليءَ اياز جي سوچ تي اثر وڌو. اياز زندگي جو گهڻو عرصو سکر ۾ رهيو. آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ رهيو. دل جي بيماري ۽ ٻين عارضن سان جنگ ڪندو رهيو. هي علاج لاءِ لنڊن به ويو، پر اتان موٽڻ بعد به مڪمل طور صحتياب نه ٿيو. 28 ڊسمبر 1997ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين ۽ 29 ڊسمبر تي کيس ڀٽ شاهه تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اياز سنڌ جي جديد شاعري جو باني آهي. هي بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين سميت نثر جا بيمثال نمونا ڇڏي ويو آهي. انهن جو ادبي ۡڪٿ اياز جي جي وڃڻ بعد ساڻس پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏو آٿت آهي. اياز کي سندس لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا آهن.

    http://www.youtube.com/watch?v=a-soqYNj2SU
    شيخ اياز جو پنهنجو آواز ​

    http://www.youtube.com/watch?v=zL1TgecD60o&feature=related
    بشڪريه وڪيپيڊيه
    شيخ اياز جا شڪارپور ۾ گذاريل ڏينهن​

    http://www.youtube.com/watch?v=rvB6RiFCG3U
    نوٽ۔۔ مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جون ناياب تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو۔​
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف

    واھ سٺي ونڊ۔شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف

    ادا اوهان جي مهرباني​
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف

    مهان سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز (‌ ورسيءَ جي حوالي سان )​

    [​IMG]
    ڪامريڊ ڪريم بلوچ
    شيخ اياز سنڌ جو ڪارڊ آهي. اياز ڪامريڊ سوڀي لاءِ چيو ته سوڀو اسان جو لعل قلندر آهي ۽ موهن جو دڙو جنهن کي سيڪ ۽ سم چوطرف ويڙهي وئي آهي پر اسان ان جي حفاظت نه ڪري سگهيا آهيون. تيئن ئي اياز شاعرن جو به لعل قلندر ۽ موهن جو دڙو آهي. اسان سندس فڪر ۽ شاعري عام ماڻهن تائين نه پهچائي سگهيا آهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ شيخ اياز جي شاعري شامل ناهي ڪئي وئي. شيخ اياز جي ٽهيءَ جي شاعرن جي جيڪا شاعري درسي ڪتابن ۾ موجود آهي تنهن کان اياز جي شاعري وڌيڪ سگهاري ۽ تعميري آهي.
    شيخ اياز جي سموري شاعري سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي ۽ ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ئي نروار ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دور جا عڪس ۽ تاريخ ٿيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ اديب به ڏنا آهن. اسان جي سنڌي شعر ۽ سنڌي ادب جو اڄ اهو ئي مقصد آهي ته اسان جي هر مادياتي، روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج، جيئن اياز چٽي وڏي واڪي پنهنجي شعرن ۾ چيو آهي ته، ” جيترو به انسان پنهنجو ماتا ڌرتيءَ سان پيار محنت عشق ڪندو اوترو ئي تاريخ ان جاڳڻ ڳائيندي“
    مرنداسين ته مٽي مان، پنهنجا جڙندا ڪيئي جام
    نوان نوان متوالا ايندا، هڻندا تن جي هام.
    جيڪڏهن اياز جي سموري شاعريءَ جو اسان پوري دل سان مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ته پوءِ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ چوڻو پوندو ته ” اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ اياز آهي“ اسان ڪجهه تاريخي مطالعي ڏانهن ٿا اچون ته تاريخ ڇا ٿي چوي، جڏهن به اسان ڪنهن زبان، ٻولي ۽ ادب جو گهرو مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ٿا ته پوءِ اسان پهريان ان جي روايتن، مزاج، ثقافت، سماجي قدرن، اقتصادي حالتن جو پوري نموني سان جائزو وٺون، ڇا قوم جي معاشري يا سوسائٽيءَ جي مڪمل تاريخ لکيل آهي يا نه ؟ پوءِ ان کي گهري نموني سان ان تاريخ کي پنهنجي آڏو رکون ڇا اها قوم ماڻهن جي چوگرد تاريخ سان ڪهڙا ظلم ستم ۽ قهر ٿيل آهن.
    اياز جي شاعري ڪهاڻيون، ماضيءَ جي سياسي، سماجي، اقتصادي، نفسياتي حالتن جو پورو پورو عڪس آهن، ان جي شاعريءَ کي پڙهڻ کان بعد اسان کي پوري سڌ پوندي ته ڪنهن خاص دور ۾ قوم جي نفسياتي روحاني يا مذهبي ڪيفيتون ڪهڙيون هيون ۽ ماڻهن جو رجحان ڪهڙي طرف مائل هو، طاقتور قوتون عوام ۽ رياست تي قابض ڌريون ۽ قابض گروپ ماڻهن جي نفسياتي نوعيت ڪهڙي هئي. اياز جي شاعري پڙهڻ مان ماڻهن جو پوريءَ طرح مزاج، فطرت، رهڻي ڪهڻي تائين. پڙهندڙن کي پوري طرح خبر پوندي جڏهن اسان ان جي شعر جو جائزو وٺندي ان نتيجي تي پهچي فيصلو ڪنداسين ته گذريل ٻه سئو سالن ۾ شاهه لطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ ڪو به اهڙو شاعر سنڌ ۾ پئدا نه ٿي سگهيو آهي جو وڏي اعليٰ درجي جي ۽ هر طرف کان پوري طرح عوام جي عڪاسي ڪري سگهي.
    سچل، بيدل بيڪس شاهه جو رستو ته ورتو ۽ ان پنڌ تي هلڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر هنن رڳو شاهه جي محاڪاتي ۽ افسانوي پسمنظر، محاورن، تشبيهن ۽ روحاني رمزن کي پنهنجي شعر جو موضوع بڻايو پر ڪا به نئين شيءَ پيدا نه ڪري سگهيا. شاهه جي خيال ۽ زبان جي ندرت کي نه پهچي سگهيا. اهڙي نموني پنهنجي سر هڪ مڪتبهء فڪر و ادب ٿي ويو. هن کان پوءِ جيڪي شاعر هن جي تقليد و تتبه ڪندا رهيا ۽ پنهنجي فن ۾ ڪا به انقلابيت ۽ جدت پيدا ڪري نه سگهيا. اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي دور کان پوءِ جي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي مشڪل سان ڪي سٽون ملن ٿيون جي زنده رهڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ورنه سندن سموريءَ جو سموري شاعري شاهه جو کوکلو پڙاڏو آهي بلڪ جان آهي ۽ ڪنهن حد تائين بي معنيٰ پڻ آهي ، ان کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي مسلسل جمود کي ٽوڙڻ لاءِ پهرين ڪوشش ”ڪشن بيوس“ ڪئي ۽ ڪامياب نظم لکي سنڌي شاعريءَ ۾ نون لاڙن جي شروعات ڪئي. پر هي شاعر به تقليد کان بچي نه سگهيو. سندس ڪيترائي شعر اردو شاعريءَ تان اڌارا ورتل آهن ۽ قافيه علامه اقبال جي ”بانگ درا“ تان بيوس کان پوءِ جن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن ۾ راج دکايل، کيئل داس، فاني، هري درياڻي، دلگير جا نالا ڳڻڻ ۾ اچن ٿا پر اهي به شاعريءَ جو جمود ٽوڙي نه سگهيا ۽ اياز شاعريءَ کي دائمي تحريڪ ۽ زندگي بخشي سندس گيتن جي ترنم سنڌيءَ شاعريءَ جي ستل گرنار کي جاڳائي ڇڏيو، شاعري مجموعي طرح عوامي جذبن جو آواز ٿئي ٿي ۽ ان جي شڪل ۽ فتح گمنام ماڻهن جو ذڪر، وطن تان جان گهورڻ وارن جو ذڪر، سنڌ جي حب الوطنيءَ جو ذڪر به ملي ٿو.
    اياز جو جنم 23 مارچ 1936ع شڪارپور ۾ ٿيو، جنم جو پورو نالو مبارڪ علي، ادبي نالو ” شيخ اياز “ والد جو نالو غلام حسين، شروعاتي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۽ انٽر تائين شڪارپور ۾ پڙهيو ۽ بي اي به اتان ئي ڪيائين پي ايڇ ڊي جا ٻه ٽرم رکيل هئا. هن جو گائيڊ ڊاڪٽر گربخشاڻي گذاري ويو. 1947ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين ۽ وڪالت ۾ اول جناب عبدالحئي قريشي ۽ جناب جمال صديقي سان پارٽنر ٿي رهيو ۽ سائين جي ايم سيد سان متحده محاذ ۾ به پڻ رهيو. 1965ع ۾ جنگ جي دوران جيل به ويو ۽ 1968ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي، ولي خان ۽ ٻين 11 ماڻهن سان گڏ ساڳي آرڊر هيٺ ساهيوال جيل ۾ به رهيو. ايوب خان جي حڪومت 1970ع ۾ شيخ مجيب سان گڏ عوامي ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ ۾ به رهيو. ان وقت اهو مشهور هيو ته ” اياز کي مجيب سنڌ جو گورنر بڻائڻ وارو آهي“ مجيب جي گرفتاريءَ بعد هن کي 8 مهينا سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي هن کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو جنهن وقت سندس شاعري سرد مهري ۾ رهي. شيخ اياز جڏهن ڏهن ورهين جو هو ته شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. اياز فارسي، اردو جي تعليم پنهنجي والد غلام حسين کان حاصل ڪئي. اياز جو شاعريءَ جو استاد کيئل داس هيو. اياز سنڌي زبان جو بهتري شاعر ۽ عالمي ادب جو اسڪار آهي. سندس شاعريءَ جا 44 ڪتاب، نثر جا 14 ڪتاب آهن. اردو جو سٺو شاعر هو سندس ٻه ڪتاب اردو شاعريءَ ۾ آهن. اياز شاهه لطيف جي رسالي جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. شاهه لطيف پراڻي سنڌي ٻولي کي محفوظ ۽ زنده رکيو آهي. شيخ اياز سنڌي ٻولي جي گم ٿيل لفظن کي ڳولهي هٿ ڪري نئين سر جيئاري ڇڏيو آهي. اياز جڏهن هندستان ويو ته اتي هڪ محفل ۾ موهن ڪلپنا اياز کي چيو ته ” تنهنجي ڪويتا ٻڌي مون کي راڻو پرتاب جي زندگي جو هڪ واقعو ياد ٿو اچي، راڻو پرتاب ڪنهن مهم تي ويل هيو. ڪنهن کي معلوم نه هيو ته هو چتور جي قلعي ۾ واپس موٽي آيو آهي ۽ اوچتو ڪنهن پوڙهي راجپوت پنهنجي پٽ کي چيو ته راڻو موٽي آيو آهي ۽ قلعي ۾ آهي. هن جي پٽ حيرت مان کانئس پڇيو ابا توکي ڪيئن معلوم ٿيو ته راڻو قلعي ۾ موٽي آيو آهي. جنهن تي پيءُ وراڻيو ته تون تلوار جا ساندهه ست زپڪا ٻڌا جڏهن هن جي پٽ هائو ڪندي ڪنڌ ڌوڻيو تڏهن هن جي پيءُ چيو ته سانده ست ڀيرا ايتري زور سان تلوار جا زپڪا فقط راڻو ئي ڪري سگهندو آهي.“ اياز ايتري رواني ۽ جوش سان سانده ست ڀيرا نظم فقط تون ئي پڙهي سگهندو آهين. اياز جواب ڏنو ته منهنجي شاعري ڪلا ۾ خوبصورت تشڪيل ڪنهن ڪو نه ڏٺي آهي.
    اياز جي چواڻيءَ موجب ته ابراهيم جويو مون سان ٺٽي ۾ گڏ هو. ان محفل ۾ جمعيت الشعراءَ وارا به ويٺل هئا، اتي شيخ اياز انهن کي چيو ته ” توهان سڀ جَکَ ٿا هڻو ۽ اجايو وقت ٿا وڃايو.“ اتي وڏا وڏا نالي وارا جيڪي جفادري شاعر هئا، کين اياز چٽيءَ طرح چيو ته ” دنيا جو ادب ڇاهي؟ توهان ته بلڪل اڻپڙهيل ڄَٽ ماڻهو آهيو. توهان ڇا ڄاڻو شاعري مان ۽ توهان ته رڳو رديف ۽ قافيه ڪڍي انهن تي غزل پيا ٿا لکو. شاعري اها ته نه ٿيندي آهي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي سنڌي شاعرن خاص ڪري غزل گو شاعرن سانگي کان وٺي هن مهل تائين سڀ اڻپڙهيل شاعر هوندا هئا، ڇڙو ٿوري ڪا ۽ انڌي منڊي شاعري پڙهي هئائون، فارسيءَ تي پورو عبور هئڻ ئي ڪو نه مان انهي دور کي اڻپڙهيل شاعرن جو دور سمجهان ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ هينئر جيڪا نواڻ آئي آهي سا بيوس جي شاعريءَ جو اثر آهي. جمعيت الشعراءَ وارا غزل جي طرح ڏيندا هئا. مثال طور هڪڙي طرح ڏيندا هئا ان ۾ قافيه به ڏيندا هئا جيئن” اندام، مندام گلفام“ وغيره ۽ ٻيا شاعر ڄڻ ان جوڙ جڪ (ڪيلڪيوليشن) کي حل ڪندا هئا، شاعر وري اردو اديبن جي ديوانن تان قافيه کڻندا هئا ۽ قافين جي سڄي لسٽ ٺاهي غزل لکندا هئا ان بابت مون کي غلام محمد گرامي صاحب سڀ ڪجهه ٻڌايو ته اياز سائين هاڻي منهنجو ان ڏينهن کان ئي وٺي شاعريءَ تان ارواح کڄي ويو هو.“
    اياز نوبل پرائيز بابت هن طرح ٻڌايو آهي ته جيڪي ادبي ترجما ٿيل آهن جهڙوڪ، فرينچ، اٽالين، سوئيزرلينڊ، روسي زبان هجي يا انگلش ۾ منهنجو ڪو به ڪتاب انگلش ۾ ترجمو ٿيل ڪو نه آهي، جيئن ته ٽئگور کي ييٽس ترجمو ڪيو جيڪو انگلينڊ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، انهي سبب ڪري ٽئگور کي نوبل پرائيز انعام مليو، فيض احمد فيض جو به ترجمو انگريزي ۾ ٿيو پر ان کي نوبل پرائيز نه مليو. علامه اقبال کي نڪلسن ترجمو ڪيو پر اهو وڏو شاعر نه هيو انهيءَ جي ڪري هن کي نوبل پرائيز نه مليو، برصغير مان ته صرف ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو آهي ۽ انهيءَ جا سبب هئا ائين ڪو نه هو ته ٽئگور پاڻ انگريزي ۾ نه لکندو هو. ٽئگور جيڪو انگريزي ۾ لکيو هو اهو ايڏو وڏو نه آهي پر ٽئگور کي جنهن ترجمو ڪيو هو پاڻ تمام وڏي پائي جو شاعر هو ييٽس 19 صديءَ جي تمام وڏن شاعرن مان هو.
    شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ” ڀونر ڀري آڪاس“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته 1947ع کان اڳ جو اڻ ڇپيل ڪلام منهنجي زهر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو ان جي ذميوار اها بي انتها مايوسي جي اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام واري ڪيفيت هئي. جنهن جو تفصيل فقط منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن زخم بناهن کي تازو ڪندو. باقي ڪنهن خاص دلچسپيءَ جو باعث نه ٿيندو“ شاعر جي سياسي وابستگي شاعريءَ جو انت ثابت ٿئي ٿي. اسان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ تعليم سان گڏ زبان جي بقا ۽ بچاءُ جي اڃا جنگ جوٽي به ناهي جو سموري سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جي پاڙ آهستي آهستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تيز ڪئي وئي آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي بنهه پڙهائي نه ٿي وڃي. اڃا تائين سنڌ جا سمورا ادبي ادارا ۽ رياستي ادارا ان تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. متان ائين نه ٿئي جو فقط ” سنڌي زبان ۽ سنڌ جو نالو وڃي بچي“ ڇا هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ماڊلازم آهي؟ اچو ته شاعري ڏانهن هلون. شاعر پنهنجي حسن ۽ تخليق کي ابديت بخشي ته اها انسان ذات لاءِ آجپي جو ذريعو ۽ فرحت بخش بڻبي ۽ دنيا جي هر رنج و صحت لاءِ ڇپر ڇانوءِ ٿيندي ته جيئن هو تازه دم ٿي اڳتي وڌي.
    اياز هميشه لاءِ سوچيو هو ته شاعر سماج جو ذميوار فرد آهي ۽ شاعريءَ جي ذميواري کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو. پر اياز وسيع نموني سان انسان ذات سان محبت ۽ عشق ڪيو. اياز چوي ٿو ته ” مان عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي ۽ هاڻ پٺتي موٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، پر ڇا منهنجي تقدير بدران ائين ٿيڻ نه گهربي هئي ۽ پنهنجي ديس جي تقدير ڦيرائڻ لاءِ ڦيٽ نه کاوان ها ته منهنجي شاعريءَ کي اها جلا ڪٿان ملي ها؟ جا ٻول کي امرتا ڏيندي آهي. سنڌ ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته سڀ ڪجهه پيسو آهي. پيسو ماڻهن لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. نتيجو اهو آهي ته ماڻهو پئسي لاءِ ڪجهه به ڪري ٿو سگهي، جڏهن ماڻهوءَ وٽ پئسو گڏ ٿئي ٿو ته انسانيت جي آپي مان نڪري وڃن ٿا. انقلابي جڏهن شرابي ڪبابي ٿين ٿا ته هنن ۾ خلوص نه ٿو رهي فقط فلوس رهي ٿو. ملان پلاٽن پر مٽن جي ڪڍ دربدر آهن. اهو وساري ڇڏين ٿا ته هو رڳو چار فوٽ يا ڇهه فوٽ قبر تي جنازي نماز پڙهائين ٿا. پارسي ۾ ڪنهن جو شعر آهي ان جو ترجمو هيٺين ريت آهي ته:
    ” اسان جا دعا مهل هٿ کڻڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته خدا جي اڳيان جيڪو هٿ اسان جي شفاعت ڪندو سو خالي آهي“ سائين جي ايم سيد جي زباني موجب
    ڀري ڀري پيءُ جيسين جيئن گهڙي گهڙيءَ جو جام،
    وري نه هي مئخانو ملندو، هي مئه ناهي مدام.
    هاءِ ڄڻ اياز حافظ کي پيو ورجائي اياز جي نظر ذرا وڌي ويل آهي تصوير جو ٻيو رخ به ڏسڻ ۾ پئي آيس، جي زندگي ڪيتري نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي، امنگن جو جهول آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي آهي، هي چنڊ ستارا، هي بادل، هي برساتون، هي گل هي باغيچا هي مٺڙا ماڻهو، هي وسندڙ وستيون هي سڀ زندگيءَ جون دوستيون آهن. اي موت تون هڪ تکي انداز نشاني وانگر ڪان ڪڇي بيٺو آهين، جنهن سيني ۾مسرت جو واسو آهي. ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين، اياز ته بنيادي طرح هي ساڳيو رند آهي پر شاهه لطيف جي اثر هيٺ اچي جذبي کان سلوڪ طرف لاڙو ڏيکاري ٿو.
    تنهنجا پير چمان، ڌرتي منهنجي مائڙي
    ڀاڪر پيان ڀاؤ، مان ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،
    آءُ نه ٻيو ڄاڻان مذهب منهنجو ماڻهپو،
    اچو ته اياز جو خيال ڏسو ته ڇا ٿو چوي،
    شال وسين او سنڌڙي تنهنجا کيت وسن،
    واهونديءَ جي واءَ ۾ مارو شال ملن،
    جن جي ڪوٽ ڪڙن جهوريو منهنجي جيءَ کي
    سائين جي ايم سيد جي زباني موجب ته هي محب وطن بي تعصب ترقي پسند ۽ آزاد خيال شاعر ۽ نثر نويس آهي. مغربي دنيا ۾ جيڪي به اهڙن خيالن جا ماڻهو آهن جن جي خيال تي نقطه چيني ۽ مخالفت هروڀرو نه ٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهي ذهني ارتقا جي اهڙي درجي تي پهتا آهن جت اهڙا خيال سوين سال اڳ کان ظاهر پئي ٿيا.
    شيخ اياز جي سموري شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ انصافين، آزادي ۽ آزادي جي پانڌيئڙن سان ٿيندڙ وار تائين بابت ڄاڻ هجڻ سان گڏ انقلابي واٽ وٺندڙن لاءِ مشعل راهه آهي. اياز سنڌ جي حالت زار، سنڌين سان ٿيندڙ ڪلور ۽ ويل وهندي ڏٺو تنهن سندس دل کي ڦٽي ڇڏيو، ان خون مان قلم ڀري هن سنڌ ڌرتيءَ جي امرتا ۽ ان کي بچائڻ لاءِ ايترو ته گهڻو ڪجهه لکيو آهي جنهن جو مٽ ڳولڻ مشڪل آهي. اياز جهڙا بيباڪ دلير ۽ مهان شاعر سنڌ ۾ ورلي پيدا ٿيندا جيڪڏهن شيخ اياز کي عالمي مفڪر اعظم جي حيثيت سان ياد ڪجي ته هوند وڌاءُ نه ٿيندو.

    بشڪريه عوامي آواز
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف

    منهنجي ڪَوِتا جاپَ جُڳن جا!​

    نصير مرزا
    اها 8 1 هين آڪٽوبر 1997ع جي شام هئي، پرنس ڪامپليڪس ڪراچيءَ جي ڊرائننگ روم ۾ شيخ اياز صاحب سان اسين گڏ ويٺا هئاسين. اسين معنيٰ احمد سولنگي، رکيل مورائي، بيدل مسرور ۽ چوٿون هي ناچيز...اصل ۾ اسين سڀ اُتي ان ڪري گڏ هئاسين جو، بيدل...شيخ صاحب بابت پي ٽي وي لاءِ ڪو پروگرام پئي رڪارڊ ڪيو ۽ اسين ان جو حصو هئاسين. (افسوس! اهو پروگرام اياز صاحب جي زندگيءَ ۾ رڪارڊ ٿيندڙ آخري پروگرام هو، جيڪو رڪارڊ ته پئي شڪ ٿيو، پر نشر ٿيڻ کان الائي ڇو رهجي ويو؟) شيخ صاحب سان one to one اها منهنجي آخري ڪچهري هئي، جو ان کان پوءِ 29 هين ڊسمبر 1997ع تي جيڪا ڄامشورو ٽول پلازه وٽ هن سان منهنجي ملاقات ٿي، اُها بهرحال يڪ طرفه هئي، جو هو ايمبولينس ۾ اڇي ڪفن ۾ ملبوس، اسٽريچر تي خاموش ستو پيو هو ۽ مون ئي پئي هن سان مسلسل ڳالهايو. مون کي ياد آهي، اهو ڪچڙي منجهند جو وقت هو، جو مون ان ايمبولينس جي دريءَ مان اندر جهاتي پئي اندر ڏٺو هو ۽ چپن ۾ چيو هوم:
    ڇاڇا جام اياز پياريئه،
    سڀ کي سُرڪ سبحان ڪر ي وئي!
    اياز صاحب جي مڙهه واري ان ايمبولينس ۾ اندر ويٺلن مان مون مونس اياز کي ته يڪدم سڃاتو، جيڪو اياز صاحب جي پيرانديءَ کان مغموم ويٺو هو. مونس کان سواءِ اياز صاحب جو هڪڙو ٻيو فرزند به مون ڏٺو، جيڪو ان گاڏيءَ جي فرنٽ سيٽ تي ويٺو هو. ڀانئيان ٿو غالبن سليم اياز هو ۽ گاڏين جو اهو قافلو، جڏهن اتان ڀٽ شاهه ڏانهن اُسهيو ته اياز صاحب واري ايمبولينس سڀني پويان ايندڙ گاڏين جي ڄڻ اڳواڻي پئي ڪئي. ها! جنهن گاڏيءَ ۾ اسان ويٺل هئاسين، اتي بيدل ڪنهن اداس ڌن ۾ اياز کي ڳائڻ شروع ڪيو. ”ڌرتي توکي... منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي ويندي....“ ۽ اُن کان پوءِ اسين سڀ به، هن سان هم آواز ٿي اياز صاحب کي ڀٽ شاهه تائين... ويندي لحد ۾ لاهڻ تائين... ڳائيندا ئي رهاسين ۽ لحد بند ٿيڻ شروع ٿي ته بيدل ڳاتو پئي:
    ڪالهه مليران مهڪ اُٿي جا نگر نگر ڦهلايان،
    سنڌ ديس جي ڌرتي، توتي پنهنجو سيس نمايان،
    پنهنجو سيس نمايان، الا، مٽي ماٿي لائنيان!
    هتي مون لکڻ اهو پئي چاهيو ته 18 هين آڪٽوبر 1997ع تي شام واري شيخ صاحب سان آخري ملاقات وقت دراصل حيدرآباد واپس موٽڻ سبب...وقت اسان وٽ ٿورو هو ۽ ٻڌائڻ لاءِ ۽ اسان سان ڪرڻ لاءِ، ڳالهيون...شيخ صاحب وٽ بي شمار هيون، بي تحاشا! ۽ حيران پيو ٿيان...باوجود علالت ۽ هيڻائيءَ جي هو گفتگوءَ وقت بلڪل چاڪ و چوبند هو ۽ بي پناهه روانيءَ سان ڳالهائيندو رهيو هو ۽ سندس اهڙي گفتگو جو خاص موضوع هو سندس آٽو بايوگرافي ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۽ دوستو...اها ته اياز سان منهنجي پوئين ملاقات جي آخري ساروڻي آهي، پر اياز صاحب سان، منهنجي پهرين ملاقات کان اڳ هتي هيءَ ڳالهه پڙهندا هلو ته اهو اسي وارو ڏهاڪو هو، جو ”ٿر-ياترا“ دوران هڪڙي صبح جو...باک جي ڌنڌلڪي ۾، مون ڪارونجهر جبل کي ڏٺو هو ۽ يڪدم ئي لڳو هئم ته ڄڻ ڪنهن عظيم شاعر کي پيو ڏسان ۽ اُن کان پوءِ ڪنهن وقت جهمپير ۾، مون شوِ جي مندر ڀرسان ڪينجهر جي ڪناري هڪڙو وڏو شاهي پراسرار گدامڙي جو وڻ دوست رسول بخش درس سان گڏجي ڏٺو هو ۽ يقين ڪريو شيخ اياز صاحب...اُن کي جڏهن مون پهريون ڀيرو روبرو محمد ابراهيم جويي صاحب جي رهائش گاهه تي ڏٺو ته اوچتو اياز صاحب تي نظر پوندي ئي صبح جي سوجهري ۾ ڏٺل ڪارونجهر جبل جو اُهو ڏيک ۽ گدامڙي جو پراسرار شاهي وڻ منهنجي اکين جي آڏو اچي ويا هئا ۽ اجهو هاڻي شيخ صاحب جي شاعري بابت منهنجي هيءَ راءِ پڙ هو...پر ترسو...شيخ اياز جي شاعريءَ بابت خود شيخ اياز کان ئي پهرين ڇو نه پڇجي، ته هو پاڻ پنهنجي شاعري بابت ڇا ٿو چوي...شيخ اياز چوي پيو ته، ”اڻ ڳاتل الاپ جڳن جا، منهنجي ڪوتا، جاپ جڳن جا.“ ته بس ان سٽ کي پڙهڻ کان پوءِ، مون کي سدائين ڀاسندو آهي ته ڄڻ شيخ اياز واقعي جهمپير واري ان شاهي گدامڙيءَ جي وڻ هيٺان ڪينجهر ڪناري سان ويٺو آهي ۽ ٻيجل وارو ڪماچ سندس ڪلهي ۾ آهي ۽ هو سج جي ڪرڻن جو تاءُ پنهنجي قلم ۾ ڀري، ڌرتيءَ جيڏي طويل ڪاڳر تي، پُوري طاقت سان لکي رهيو آهي ته،
    منهنجي ڪوتا جاپ جڳن جا
    اڻ ڳات لآلاپ جڳن جا
    شال ڌئان مان پاپ جڳن جا
    ۽ مون اياز کي جڏهن جڏهن پڙهيو، پڪ ڄاڻو هو صرف شاعر ته مون کي ڪڏهن لڳو ئي ڪونهي، جهڙو جادوگر هجي! ۽ مان ڀانئيان ته جويي صاحب شايد درست ئي لکيو آهي ته اياز جي شاعري ويهين صدي ۾ هڪ ڪرشمي وانگر ظاهر ٿي آهي...۽ هي جو مون اياز کي هتي جادوگر لکيو آهي ته اهو به شايد غلط ڪو نه لکيو آهي، جو مون ئي ڇا، جن جن هن کي روبرو ڏٺو هو، سدائين چيو...ڇا ته طلسم آهي، هن جي شخصيت ۽ اکين جي؟ ۽ ڀانئيان ٿو ته اياز صاحب جي ڪروڙين مداحن، همعصرن ۽ ساٿين مان شايد ئي ڪو دعويٰ ڪري سگهندو ته هنن اياز جي انهن پراسرار اکين سان اکيون ملائي ڪڏهن ساڻس ڳالهائڻ جي همٿ ڪئي هوندي ۽ توڙي جو زندگيءَ جي پوئين پهر ۾، هُو ڪپل وستوءَ واري گوتم ٻڌ وانگر نحيف ۽ ضعيف ئي نظر ايندو هو، پر...يا منهنجا مولا! ان وقت به هن جي اکين ۾ ايڏو ته تيج...۽ ايڏو اهاءُ ۽ ايڏي ته طاقت مون کي نظر ايندي هئي جو هن وقت تصور ۾ به اياز جي اهڙين اکين ۾ گهوري ڏسڻ جي همٿ ئي نٿو ڪري سگهان...۽ سچ پڇو ته شيخ اياز جون اهي اکيون نظر ئي ڪٿي اينديون هيون، مون کي؟ ڄڻ آڳ اڳ آسمان لڳنديون هيون مون کي ۽ هر ڏسڻ واري کي. حميد سنڌي صاحب پاران ڪوٺايل ۽ اياز صاحب جي اهڙي پراسرايت جا قصا جشنِ روح رهاڻ ۾ شريڪ شخصن ته اڪثر ئي پئي مون کي ٻڌايا آهن، پر الاس! جشنِ روح رهاڻ جا اُهي ميڙا ۽ ملحلا مون اکين سان ڪو نه ڏٺا هئا، جو انهن ڏينهن ۾، آئون اڃا نوخيز هوس ۽ گهران ڪو نه نڪرندو هوس. ها! ڊگهي عرصي بعد مراد علي مرزا صاحب جي ٽيپن ۾ مون ريڊيو حيدرآباد ۾ اهڙي رڪارڊنگ ضرور روائينڊ فارورڊ ڪري ٻڌي آهي ۽ واقعي...يقين ڪريو ته ڇا ته ڌرتي ڌڏائيندڙ انداز آهي ان ۾ شيخ اياز صاحب جي شعر پڙهڻ جو...ڀانئيان ٿو، جيڪو به اها رڪارڊنگ ٻڌندو ان جا ل۾ ضرور ڪانڊارجي ويندا...۽ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اڄوڪي ڏينهن 1923ع ڌاري شڪارپور جي ”شيخ محلي ۾“ جنم وٺندڙ ۽ نهايت ننڍي عمر ۾ ئي يتيم ٿي ويندڙ، شيخ مبارڪ ۾ ايڏي شڪتي ۽ ايڏي طاقت آخر آئي ڪٿان ۽ ڏني ڪنهن ان کي اها سگهه! ۽ اها ڏهوڻي ڏات...جو هن ان جي هئڻ جو اعلان، خود هن طرح سان ڪيو.
    مون ڏات انوکي آندي آ
    ٿي تند وڙهي تلوارن سان
    ۽ منهنجو ويساهه آهي ته اها طاقت خو د هن کي اُن ٻوليءَ، جي ها سنڌي ٻوليءَ ئي ڏني، جنهن لاءِ هن هيئن اعتراف ڪندي لکيو آهي ته،
    پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهن چوندين ماءُ،
    توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي؟


    بشڪريه روزانه ڪاوش
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف

    واھ سٺي ونڊ۔شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  7. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف

    پنهنجي محبوب شاعر بابت ايتري سٺي معلومات پڙهي ڀانيان ٿو ته عقيدت ۾ هڪ نواڻ اچي وئي آهي! سنڌ جي ارڏي شاعر جي شان ۾ پنهنجي عقيدت جا گل پيش ڪرڻ جو جسارت ڪيان ٿو!
    عرض آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دنيا ڇا به چوي
    او شاعر!
    توکي موت نه ايندو!

    تنهنجا گيت گلن جيئن رهندا،
    منهنجي ڌرتي تي،
    او شاعر!
    توکي موت نه ايندو!

    تنهنجي هر احساس منجهان ٿي،
    ڪنواري سونهن بکي،
    او شاعر!
    توکي موت نه ايندو!

    ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي بيهي،
    چنڊ پيو سوچي،
    او شاعر!
    توکي موت نه ايندو!

    پنهنجي پيالي مان ڪجه امرت،
    مونکي اوتي ڏي،
    او شاعر!
    توکي موت نه ايندو!
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مبارڪ علي شيخ ( شيخ اياز ) جو تعارف

    تنهنجا گيت گلن جيئن رهندا،
    منهنجي ڌرتي تي،
    او شاعر!
    توکي موت نه ايندو!

    بلڪل شاعر کي موت نه ايندو آهي۔ اياز جي شاعري زنده رهندي

    سنڌ جي سر موڙ شاعر کي سلام
     
  9. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    اياز، شيخ مبارڪ علي:
    جديد سنڌ، ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، -تن- ۾ شيخ -اياز- جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي. -اياز-، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي، هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، -ان- ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي.
    سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’-اياز-‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن -پاڙو- بنگل -پاڙو-، سڏبو هو. شيخ -اياز- جو خاندان -بکراڻي- آهي. شيخ -اياز- ثانوي -تعليم- تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ -ايس- ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي -تعليم- دؤران ڪاليج مئگزين جو -ايڊيٽر- به رهيو. هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ -اياز- سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن گوبند مالهيءَ -اپريل- 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ -اياز- ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ -اياز- شڪارپور ضلعي ۾ به سنگت کي منظم ڪيو، -ان- کان سواءِ’ انجمن -ترقي- پسند مصنفين‘ سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’-پاڪستان رائٽرز گلڊ-‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.
    شيخ -اياز- ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو. شيخ -اياز- شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو.
    ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ -اياز- جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم، -بهاري لال- ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر -ارجن شاد- ۽ ٻيا ڀارت هليا ويا ۽ ورهاڱي جي هن ڪاري وار شيخ -اياز- جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت هليو وڃڻ سبب شيخ -اياز- -اردو- اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس -اردو- شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو، -ان- ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن -اردو- شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس -اردو- شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه دل“، 1954ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مهراڻ“ جو -ايڊيٽر- ٿيو. جويي صاحب، شيخ -اياز- جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو ته هو -اردو- شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي -جاري- رکي، ڇو ته هو پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پهچائي سگهي ٿو. ’مهراڻ‘ جي 1955ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ -اياز- جا ڏانهس لکيل خط ۽ -اياز- جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين -اياز-، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو. -ان- بعد -اياز- جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ -ٻولي- به اعليٰ درجي جي آهي. -اياز- جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا، -جن- جو تفصيل هن ريت آهي:
    (1). ”ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: 1962ع)
    (2). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر 1962ع)
    (3). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: 1963ع)
    (4). ”-اڪ- جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: 1965ع-ايوبي مارشل لا ۾ هي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نه اچي سگهيو ۽ هي ڪتاب ٻيهر 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)،
    (5). ”ڪي جو -ٻيجل- ٻوليو“ (شاعري: 1970ع)
    (6). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: 1973ع)
    (7). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: 1975ع)
    (8). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: 1980ع)
    (9). ”-پتڻ- ٿو پُور ڪري“ (شاعري: 1982ع)
    (10). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: 1985ع)،
    (11). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: 1985ع)
    (12). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: 1985)
    (13). ”-ٽڪرا ٽٽل صليب جا-“ (شاعري: 1985ع)
    (14). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: 1986ع)
    (15). ”-ڀڳت سنگهه- کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: 1986ع)
    (16). ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: 1986ع)
    (17). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پهريون: جولاءِ 1987ع)
    (18). ”-اڪن نيرا ڦليا-“ (شاعري: 1988ع)
    (19). ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري 1989ع)
    (20). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو: -اپريل- 1991ع)
    (21). ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن“ (شاعري: 1991ع)
    (22). ”الوداعي گيت“ (شاعري: 1991ع)
    (23). ”ننڊ وليون“ (شاعري: 1992ع)
    (24). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو پهريون، شاعري: 1992ع)
    (25). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو ٻيو: 1992ع)
    (26). ”-جر- ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: 1993ع)
    (27). ”سرلوهيڙا ڳڀيا“ (شاعري: 1993ع)
    (28). ”سورج مکي سانجهه“ (شاعري: 1993ع)، (29). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: 1993ع)
    (30). هرڻ اکي ڪيڏانهن“ (شاعري: 1994ع
    (31). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: 1995ع)
    (32). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: 1995ع)
    (33). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: 1996ع)
    (34). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: 1996ع)
    (35). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پهريون: 1995)
    (36). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو: -آڪٽوبر- 1996ع)
    (37). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر 1997ع)
    (38). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون: -آگسٽ- 1998ع)
    (39). ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ (شاعري: 1997ع)
    (40). ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (شاعري: 1998ع)
    (41). ”مينهن ڪڻيون“ (شاعري: 1999ع)
    (42). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (-تاجل بيوس- سان گڏ شاعري: 1997ع)
    (43). ”-اور- -الله- سان'>-اٿي -اور- -الله- سان-“ (شاعري: جنوري 1998ع)
    (44). ”-اڳتي قدم-“ (2001ع:شيخ -اياز- -آگسٽ-، سيپٽمبر ۽ -آڪٽوبر- 1947ع ۾ ’-اڳتي قدم-‘ ماهوار جا 3 پرچا ڪڍيا هئا، -جن- کي گڏ ڪري نئين ترتيب سان محمد ابراهيم جويي 2001ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو)
    (45). ”جي -تند- برابر توريان“ (ڪهاڻيون: شيخ -اياز- جون ’سفيد وحشي‘ ۽ ’پنهل کان پوءِ‘ عنوان سان ڪهاڻين جي مجموعن ۽ -ان- کان ٻاهر رهجي ويل ڪهاڻيون، -انور- فگار هَڪڙي ترتيب ڏئي ڇپائي پڌريون ڪيون)
    (46). ”پکي ساڳي -پار- جا“ (-تاجل بيوس- سان گڏ:2004ع).
    شيخ -اياز- جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ -اياز- جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ -اياز- جي شاعريءَ ۽ نثر کي 22 جلدن جي صورت ۾ -ثقافت- ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جنهن جا پهريان ٽي جلد -آگسٽ- 2009ع تائين ڇپجي چڪا آهن، جيڪي -تاج- جويي ترتيب ڏنا آهن. -جن- ۾ -اياز- جي شاعريءَ جا 13 ڪتاب اچي ويا آهن، ٻيا جلد تياريءَ هيٺ آهن. سندس -اردو- شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئه دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ -اور- نيل ڪي پتي“ 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فهميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور ۽ شاعر -احمد سليم- ڪيو، جيڪو پڻ -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- 1976ع ۾ ڇپيو، -اياز- جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن- اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(2004ع) ۽ -بخشل باغي-”هي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع)جي نالي سان ڇپايو.
    شيخ -اياز- پنهنجي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي ڪري، جيل ياترا به ڪئي، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽ -بغاوت- جا الزام به هنيا ۽ ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا. -ان- سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي سڄي جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ -اياز- خلاف -باهه- ٻاري وئي، جنهن جي جواب ۾ برک دانشور رسول بخش پليجي ”-انڌا اونڌا ويڄ-“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات “ ۽ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ قاسم -پٿر- ”ادب ڪي نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا.
    شيخ -اياز- قديم توڙي جديد شعري صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو هو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي -بيت- ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پهريون ڪماياب تجربو به -اياز- ڪيو ۽ -ان- کان علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين، -جن- ۾ -آزاد نظم-، نثري نظم ،هائيڪو، ڏيڍ سٽا ۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن. اهڙي نموني پاڻ اندازاً وِيهن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام چيو اٿس.
    سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ -اياز- ئي ماڻي. شيخ -اياز- جي ڪلام جو ڪجهه حصو هنديءَ، -اردو-، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جي -انگريزي- ترجمي تي مشتمل هيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا
    ٿيا آهن.
    1. THE STORMS CALL FOR PRAYERS. (Translation from Sindhi by: Asif Farukhi & Shah Muhammad Pirzada: 1999).
    2. IMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ (Translated by: J.M Girglani: 2003).
    3. SONGS OF FREEDOM, (Translated by: Saleem Noor Hussain: 2003).
    4. ON THE BANK OF INDUS. (Translated by: Professor Latif Noonari: 2006).
    نوٽ: J.M Griglani جي ترجمي جو ٻيو ڇاپو شيخ -اياز- چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
    شيخ -اياز- جي شاعري فڪري حوالي سان ٻن دورن / لاڙن تي مشمتل آهي. پهريون دور -ترقي- پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ٻيو دور -بين- الاقواميت، ويدانت يا -تصوف- جو نمونو پيش ڪري ٿو. اهي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان به جهلڪن ٿا، جو پهرئين دور ۽ پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنهنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رهندو.
    جهڙيءَ طرح شيخ -اياز- شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”-اڳتي قدم-“ جو -ايڊيٽر- رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه وقت سنڌي -اخبار--برسات-‘ جو پڻ -ايڊيٽر- رهيو. -ان- ريت صحافت جي شعبي ۾ به حصيدار بڻيو. اخباري ڪالم ۽ -اخبار- ۾ ڇپجندڙ سندس دعائون، سندس فڪري تبديليءَ جون شاهد آهن.
    شيخ -اياز- بابت نصير مرزا، جامي چانڊيي، ملڪ نديم، -آغا سليم-، -انور- فگار هَڪڙي، هدايت پريم، گُرڏني گانگاڻيءَ ڪتاب ڇپرايا آهن، جڏهن ته -تاج- جويي پڻ هيٺيان چار ڪتاب ڇپايا آهن:
    1. ”-جر ۾ ٿو جرڪان- (1999ع)، (2). ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ (2000ع)، (3). ”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ (2002ع)، ۽ (4). ”آءُ درازا هل“ (2007ع).
    شيخ -اياز- ٻه شاديون ڪيون، -جن- مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيءَ جهڙي مصروف شهر ۾ انتهائي اڪيلائپ جي ڏکوئيندڙ احساس ۾ گذاريائين. دوستن کان ڌار، دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به آخري دم تائين لکندو رهيو. هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي.
    WIKIPEDIA http://en.wikipedia.org/wiki/Shaikh_Ayaz
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    144
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248
    سنڌ جو مهان ڪوي ۽ محبوب شاعر شيخ اياز
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب، شاعر ، سگهڙ ، وقت به وقت سنڌي ادب منجهه پنهنجو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ،جڏهن شاعرن جي صف ۽ موتين جي مالها کي ڏسبو ته ته ڪيترائي ماڻڪ ان مالها جي زينت بڻيل نظر ايندا .اهڙن شاعرن منجهان سڄي ڌرتي سان پيار ڪندڙ ڌرتي جو وڏي مان وڏي عظيم شاعر جو نالو اسين فخر سان وٺنداسون ته لڄادار لطيف سائين سڀني شاعرن کان اعلي ۽اتم درجي جو نظر پيو ايندو ، مڱر ويهين صدي تي نظر ڪبي ته لطيف سائين جو سڪون وري شيخ اياز پيو لاهڻ ۾ چٽو پٽو نظر پيو ايندو اڄ کان 20 سال اڳ تاريخ 28 ڊسمبر 1997ع آچر ڏينهن سنڌي ادب ۽ جديد شاعري جو مهان شاعر سموري سنڌي ادب کي سوڳ ۾ ڇڏي راهه رباني ٿيو مڱر ڪافي عرصو گذري وڃڻ باوجو هن جي گيتن جي گونج ۽ شاعري جو لفظ لفظ سماج جي ترجماني پيو ڪري ، اڄ به ان ئي زماني جيان سندس شاعري گونجي ٿي جئين پاڻ پنهنجي زباني چئي ويو ته

    ڇني گل گلاب جا ، ڪيئي ڌارو ڌار ،

    اڙي موت ميار ، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان .

    سنڌ جو هي مهان شاعر سنڌ جي سهڻي ،قديم ۽ تاريخي شهر شڪارپور جي بنگل پاڙي جي معزز شخصيت محترم شيخ غلام حسين ولد شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ جي گهر پرهه ڦٽي مهل 2 مارچ 1923ع ڌاري پنهنجو اکيون کوليون سندس تربيتت علمي ،ادبي گهراڻي منجهه ٿيڻ سبب ننڍي هوندي کان الله تعالي وڏي ڏات سان نوازيو هو . ابتدائي تعليم شڪارپور منجهان ۽ انٽر جي تعليم شڪارپور جي مشهور ڪاليج جي _سي _ ائيڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ڌاري پرائي وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيائين 1944ع ڏاري ڊي _جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين سندس قانون جي ڊگري ڪرڻ جو شوق جاڳيس اها ڊگري ايل ،ايل ،بي سال 1950ع ڌاري ايس _ايم لا ڪاليج منجهان حاصل ڪري وڪالت جي ڪرت ڪڻ شروع ڪيان ڪجهه عرصو ڪراچي شهر ۾ وڪالت ڪرڻ بعد سکر شهر اچي وسايائين ۽ اتي وڪالت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو . هن ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي جڏهن ڇوٿون درجو پڙهندو هو ته هڪ رسالي ۾ سندس جو (نظم) ڇپيو هو مڱر باقائده طور سال 1946ع کان ادبي دنيا ۾ لکڻ شروع ڪيائين سندس ڇٺي جو نالو ( شيخ مبارڪ علي ) جي نالي سان ڪوٺيو ويو مڱر جڏهن شاعري ڪيائين تع علمي ۽ ادبي دنيا جي رنگ ۾ وري ( شيخ اياز) جي نالي سان پاڻ کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين جيڪو نالو اڄ تائين زنده جاويد آهي ۽ سڃاڻپ آهي سنڌ جي هن مهان شاعر شعر و شاعري جي شروعات (کيئلداس فاني ) جي اثر هيٺ ڪئي. جيڪا سال 1947ع کان وٺي 1997ع تائين جاري ساري رهي ، هو ڪڏهن به نه ٿڪيو . سندس شاعري جو پهريون مجموعو سڀ کان اول اردو (شعرن ) جو ننڍڙو مجموعو (بوئي گل نالئه دل) سال 1954ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو تنهن بعد سال 1962ع ڌاري سندس شاعري پهريون سنڌي زبان منجهه مجموعو (ڀوءَنر ڀري آڪاس) پاڪستان رائيٽرز گلڊ ڪراچي ڇپرائي پڌرو ڪيو هو .شيخ اياز کي الله تعالي شاعري جي اهڙي ته ڏات عطاءَ ڪئي هئي جو سنڌي ادب جي سڀني صنفن کي پنهنجي ڏات سان جرڪائي نروار ڪرايو پوءِ غزل ، هجي يا وائي دهو هجي يا نظم ، آزاد نظم هجي يا نثراڻو نظم گيت هجي يا لوڪ گيت ٽيڙو هجي يا بيت سڀئي صنفون سندس محتاج نظر اچن ٿيون سندس سڀني ادبي رنگن ، صنفن تي وڏي دسترس حاصل هئي. شيخ اياز سنڌي ادب جي سمورين وصفن تي قلم کڻي جهجي انداز سان لکيو آ سندس خاص موضوع سونهن ، ڏک ، درد ، عشق ، پيار ، امن ، سلامتي ، وصل ، وڇوڙو ، ڌرتي جا مسئلا ، ڌرتي سان پيار پنهنجي اندر جو آواز هڪ سهڻي سليڪي سان ظاهر ڪيو آ سندس شاعري ۾ موضوع رڳو سنڌ ڌرتي ناهي هن جي شاعري منجهان مظلوم قومن جي ڳالهه ظاهر آهي شيخ اياز وٽ انسانيت سڀني کان اتم ۽ اعلي ۽ اهم آهي شيخ اياز محبوب جي هر انداز کي پنهنجي ڏات سان ظاهر ڪري بيان ڪري ٿو

    ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کٽي ، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي ،

    ائين وقت ڪٽيو ، ائين عمر لٽي ، سڀ سانگ سجايو آ پيارا .

    شيخ اياز پرين جا پير ڏسي ماڳ جو رستو منجهيو ٿو پوي ۽ پنهنجي من اندر جي ڳالهه هن طرح ظاهر ڪري ٻڌائي ٿو ته

    چمڪي وڄ وجود ۾ ،ڏٺم پرين جا پير ،

    اونده ۾ اوير منجهايو هو ماڳ کي

    شيخ اياز جي شاعري رومانيت جي پهلو سان ٽم ٽار لکي پئي آهي سندس رومانيت واري پهلو ۾ لفظن جو سٽاءَ موتين جي مالها جيان چٽيو اٿس ، سندس لفظن جي چونڊ به اعلي درجي جي آهي شيخ اياز جي گيت واري صنف به نهايت اعلي درجي آ هو گيت جي صنف ۾ مومل جي واتان راڻي کي انتظار ۾ پنهنجي زباني چوائي ٿو ته

    رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي ،

    ماڪ ۾ مينڌرا ، ڪاڪ روئندي رهي

    شيخ اياز سنڌي زبان جو محبوب شاعر هو سندس شاعري سنڌ جي هر طبقي جي دل جي ڌڙڪن آهي شيخ اياز هڪ بهترين اعلي درجي جو نثر نويس به هو جنهن جي نثر جي سٽ ، سٽ لفظ، لفظ سهڻي ۽ لاجواب آهي سندس نثر وسيع مطالعي ۽ گهري فڪر جو اولڙو آهي شيخ اياز ٻولي جو بادشاهه ۽ سنڌي لفظن جو لغت جو رهبر آهي شيخ اياز جي نثري صنفن ۾ سفرنامه ، تقريرون ، آتم ڪهاڻي ، نوٽ بوڪ ، ٽڪرا ، ادبي خط ، افسانا ڪهاڻيون ، ڊائري ۽ انٽرويو تمام اعلي نموني جا آهن ، شيخ اياز جي شخصيت ۽ سندس تخليقي فن ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج ناهن شيخ اياز کي عالمگير شهرت حاصل هئي شيخ اياز سنڌي ادب جي پنهنجي پورهي سان جهول ڀري ويو آهي سندس وفات مهل تائين 65 ڪتاب مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪا هئا ۽ ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ ڇڏي ويو ، شيخ اياز کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي جن ۾ اردو ، انگريزي ، سرائڪي ، جرمني ، گريڪ ، روسي ، وغيره شيخ اياز کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هن ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي جو اردو ۾ مڪمل منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي ، شيخ اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ کي نهايت عظمت وارو درجو ڏيندڙ هو شيخ اياز پاڻ کي لطيف سائين جي پيرن جي پڻي سڏيو آهي ،لطيف سرڪار کان علاوه حضرت سچل سرمت رح ۽ سامي کي ۾ مڃتا ڏئي پنهنجي شاعري واري زبان ۾ چوي ٿو ته

    سچل سامي ڀٽ ڌڻي

    جنهن ۾ ڀي ڪا قرب ڪڻي

    آءُ انهي جي پير پڻي

    ڇو ته اهو هي ڌرتي آ

    ڇو ته ڇپر مان ڇاٽ ڇڻي

    هونئن ته مون ۾ آءُ گهڻي

    هونئن ته مون ۾ آءُ گهڻي

    شيخ اياز جي شاعري ۽ نثري ڪتاب لڳاتا ڇپجندا رهيا آهن جن ۾

    ڀونر ڀري آڪاس ، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين ، ڪلهي پاتم ڪينرو ، اڪ جون ڦلڙيون ، ڀيڄ ڀيني ، پتڻ ٿو پور ڪري ، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ، ڪپر ٿو ڪن ڪري ، جڳ مڙي سپنو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا شيخ اياز مڃتا طور ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا جن منجهه 23 مارچ 1994ع تي پاڪستان سرڪار پاران ملڪ جو سڀ کان وڏو ادبي اعزاز (هلال پاڪستان ۽ 16 آڪٽوبر 1994ع تي (فيض احمد فيض ) ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو شيخ اياز جو فن ۽ فڪر انهن سڀني اعزازن کان تمام گهڻو مٿانهون آهي شيخ اياز پنهنجي زندگي ۾ ٻه شاديون ڪيو جن منجهان چار پٽ ۽ چار ڻياڻين جي اولاد اٿس هي دنيا بي بقا آهي ڪهڙا به من موهيندڙ انسان هجن مڱر آخر سندن خاڪي پتلو مٽي ۾ ملڻو آهي شيخ اياز به 74 سال 9 مهينا 26 ڏينهن زندگي جا گذاري هميشه سنڌ واين کان ڌار ٿي ويو سندس آخري آرم گاهه ڀٽائي سڳوري جي پاڙي ڪرار ڍنڍ جي ڪنڌي تي ڀٽ شاهه ۾ آهي سندس جنازي جي نماز ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي پنهل فقير ادا ڪرائي سندس اڄ 94 جنم ڏينهن سنڌ جا اديب مختلف شهرن ۾ سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا ۽ سالگره ملهائيندا


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو