نثارناز
سينيئر رڪن
اڄ ڏينهن جو تقريبن پوڻين ٽي وڳي ، وزير اعلي هائوس اڳيان ڌرڻي لاءِ ويندڙ جيئ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ريلي کي ڪراچي ويجهو نادرن بائي پاس ويجهو روڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ پوليس ۽ ترقي پسند پارٽي ۾ تقرار جي نتيجي ۾ فائرنگ ڪئي ويئي جنهن ۾ جيئ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ٽي ڪارڪن شهيد ٿي ويا، ۽ اها افواهه پوري سنڌ ۾ ڦهيلجي ويئي ته ڊاڪٽر قادر بخش مگسي جن انهي فائرنگ جي زد ۾ اچي ويا آهن. نتيجي طور پوري سنڌ ۾ شديد قسم جي ڳڻتي پکڙجي ويئي. ۽ سموري سنڌ جا شهر احتجاج طور بند ٿي ويا، ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، پوليس جي طرفان سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن. ٽنڊو محمد خان شهر به مڪمل طور بند ٿي ويو آهي. آخري خبرن اچڻ تائين ڪراچي نادرن بائي پاس تي ڪارڪنن ۽ پوليس درميان چڪريون جاري هُيون. ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ترجمان مظفر ڪلهوڙي ڊاڪٽر قادر مگسي جي خيريت هُجڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي
رپورٽ : نثاراحمدناز ٽنڊو محمد خان