مون وانگر اڪثر ساٿين جي سپيلنگ جو معيار بهتر نه آهي ۔۔۔ ان جو يقينن سبب مختلف اکرن جو مختلف جڳهه تي مختلف تلفظ آهي۔۔۔ ان باوجود ڪافي دوست ان ۾ خود ڪفيل پڻ هوندا۔۔۔ پر هتي مان انهن ساٿين لاءِ جيڪي موبائيل تي ميسيجنگ يا وري اي ميل جي ڏي وٺ گهڻي تعداد ۾ ڪندڙ هجن لاءِ خاص طور ۽ باقي ساٿين لاءِ عام طور گوگل جي هڪ نئين پروجيڪٽ کي متعارف ڪرائي رهيو آهيان۔۔۔ جي دوستو هي آهي گوگل سڪرائيب۔۔۔
گوگل جي هن پروجيڪٽ مان اي ميل ڪندڙ يا موبائيل ميسيج ڪندڙ دوست ان لاءِ وڌيڪ فائدو وٺندا ته هن پروجيڪٽ تي ريهرسل ڪري هو پنهنجي انگريزي، سپيلنگ ۽ مختصر پيغامن تي مشتمل اي ميل تڪڙي انداز سان ڪري سگهندا۔۔۔
گوگل سڪرائيب دراصل گوگل ليبارٽي تي هڪ اهڙو پروجيڪٽ آهي جنهن ۾ پاڻمرادو مڪمل ٿيڻ (آٽو ڪمپليشن) جي آپشن کي بهترين انداز سان رکيو ويو آهي جنهن سان ائين لڳندو آهي ته جهڙوڪ جيڪو ڪجهه اسان لکي رهيا آهيون اهو گوگل کي خبر آهي ۽ جملي کي پوري ڪرڻ ۾ درست طريقي سان گوگل مدد ڪري رهي آهي۔۔۔ مثال طور توهان جيئين ئي ڪو لفظ يا اکر لکيو ته گوگل توهان کي لفظ اڳتي وڌائڻ يا لفظ پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي مختلف آپشنس انگن جي ڪمانڊ سان ڏيندي ان طرح توهان مطلوبا لفظ جي اڳيان موجود انگ کي پريس ڪري تڪڙي ۽ درست اسپيلنگ ذريعي لکي سگهندو۔۔۔
ان طرح توهان گوگل سڪرائيب کي پنهنجي پسند جي برائوزر ۾ انسٽال ڪري جڏهن به برائوزر تي ڪا اي ميل يا پيغام انگريزي ۾ لکندو ته گوگل توهان کي لفظن ۽ جملن جي پورائي ۾ صلاح ڏيندي رهندي جنهن سان توهان تڪڙي ۽ درست طريقي سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهندو۔۔۔
گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ دوست هتي ڪلڪ ڪري گوگل سڪرائيب جو ايڪسٽينشن پنهنجي برائوزر ۾ انسٽال ڪري سگهن ٿا۔۔۔ پر اهڙا دوست جيڪي مختلف برائوزر استعمال ڪندا آهن اهي گوگل سڪرائيب هوم پيج تي وڃي Google Scribe Bookmarklet کي ڊريگ ڪندي پنهنجي بوڪ مارڪنگ لسٽ يا فيورٽ لسٽ ۾ لڳائي سگهو ٿا۔۔۔۔