انگريزي ٽائيپنگ جي رفتار وڌائڻ ۽ سپيلنگ جي درستگي لاءِ‌ گوگل جو هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ۔۔۔

'اچو ته انگريزي سکون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون وانگر اڪثر ساٿين جي سپيلنگ جو معيار بهتر نه آهي ۔۔۔ ان جو يقينن سبب مختلف اکرن جو مختلف جڳهه تي مختلف تلفظ آهي۔۔۔ ان باوجود ڪافي دوست ان ۾ خود ڪفيل پڻ هوندا۔۔۔ پر هتي مان انهن ساٿين لاءِ جيڪي موبائيل تي ميسيجنگ يا وري اي ميل جي ڏي وٺ گهڻي تعداد ۾ ڪندڙ هجن لاءِ خاص طور ۽ باقي ساٿين لاءِ عام طور گوگل جي هڪ نئين پروجيڪٽ کي متعارف ڪرائي رهيو آهيان۔۔۔ جي دوستو هي آهي گوگل سڪرائيب۔۔۔
    گوگل جي هن پروجيڪٽ مان اي ميل ڪندڙ يا موبائيل ميسيج ڪندڙ دوست ان لاءِ وڌيڪ فائدو وٺندا ته هن پروجيڪٽ تي ريهرسل ڪري هو پنهنجي انگريزي، سپيلنگ ۽ مختصر پيغامن تي مشتمل اي ميل تڪڙي انداز سان ڪري سگهندا۔۔۔
    گوگل سڪرائيب دراصل گوگل ليبارٽي تي هڪ اهڙو پروجيڪٽ آهي جنهن ۾ پاڻمرادو مڪمل ٿيڻ (آٽو ڪمپليشن) جي آپشن کي بهترين انداز سان رکيو ويو آهي جنهن سان ائين لڳندو آهي ته جهڙوڪ جيڪو ڪجهه اسان لکي رهيا آهيون اهو گوگل کي خبر آهي ۽ جملي کي پوري ڪرڻ ۾ درست طريقي سان گوگل مدد ڪري رهي آهي۔۔۔ مثال طور توهان جيئين ئي ڪو لفظ يا اکر لکيو ته گوگل توهان کي لفظ اڳتي وڌائڻ يا لفظ پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي مختلف آپشنس انگن جي ڪمانڊ سان ڏيندي ان طرح توهان مطلوبا لفظ جي اڳيان موجود انگ کي پريس ڪري تڪڙي ۽ درست اسپيلنگ ذريعي لکي سگهندو۔۔۔

    [​IMG]

    ان طرح توهان گوگل سڪرائيب کي پنهنجي پسند جي برائوزر ۾ انسٽال ڪري جڏهن به برائوزر تي ڪا اي ميل يا پيغام انگريزي ۾ لکندو ته گوگل توهان کي لفظن ۽ جملن جي پورائي ۾ صلاح ڏيندي رهندي جنهن سان توهان تڪڙي ۽ درست طريقي سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهندو۔۔۔
    گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ دوست هتي ڪلڪ ڪري گوگل سڪرائيب جو ايڪسٽينشن پنهنجي برائوزر ۾ انسٽال ڪري سگهن ٿا۔۔۔ پر اهڙا دوست جيڪي مختلف برائوزر استعمال ڪندا آهن اهي گوگل سڪرائيب هوم پيج تي وڃي Google Scribe Bookmarklet کي ڊريگ ڪندي پنهنجي بوڪ مارڪنگ لسٽ يا فيورٽ لسٽ ۾ لڳائي سگهو ٿا۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رمضان ترڪ

    رمضان ترڪ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    278
    جواب: انگريزي ٽائيپنگ جي رفتار وڌائڻ ۽ سپيلنگ جي درستگي لاءِ‌ گوگل جو هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ

    زبردست چونڊ آهي، مهرباني.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انگريزي ٽائيپنگ جي رفتار وڌائڻ ۽ سپيلنگ جي درستگي لاءِ‌ گوگل جو هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ

    ادا رشيد مهرباني۔

    مان اڳ ۾ عرض ڪيو هو اوهان ، علي علي ۽ نثار ابڙي سان ملاقت وقت جڏهن اسان سنڌ سلامت جي فائدن ۽ ” سنڌ سلامت ڇو “ تي بحث ڪيو هو ته مان اوهان کي چيو هو ته سنڌ سلامت جي مقبوليت ۽ هئڻ جو هڪ سبب ڪمپيوٽنگ ٽپس ۽ نئين معلومات پڻ آهي۔

    يقينن اسان جهڙا ڪمپيوٽر جي استعمال ڪرڻ ۾ زيرو قسم جا ماڻهو اوهان جي هنن شيئرنگ مان ڀرپور فائدو وٺندا
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: انگريزي ٽائيپنگ جي رفتار وڌائڻ ۽ سپيلنگ جي درستگي لاءِ‌ گوگل جو هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ

    بلڪل ادا سليمان توهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي هتي اسان کي روز روز نوان نوان ٽپس ملندا آهن

    ادا رشيد مان ته گوگل جو اهو فيچر انسٽال ڪري ڇڏيو آهي

    بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ ۽ وقت سر معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انگريزي ٽائيپنگ جي رفتار وڌائڻ ۽ سپيلنگ جي درستگي لاءِ‌ گوگل جو هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ

    بهترين ونڊ آهي ادا.
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: انگريزي ٽائيپنگ جي رفتار وڌائڻ ۽ سپيلنگ جي درستگي لاءِ‌ گوگل جو هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ

    ادا رشيد توهان تمام زبردست خبر ٻڌائي آهي، اهو ڪم دراصل اسپيل چيڪنگ جي بنياد تي ٿيندو آهي، توهان سان شايد مان هڪ ڀيرو اڳ ۾ ڳالهه ڪئي هئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ اسڪالر سنڌي ٻوليءَ ۾ اسپيل چيڪنگ جو ڪم پنهنجي ٿيسز ۾ سٺي نموني ڪري رهيو آهي۔ ان ۾ آءِ آءِ سي ٽي انسٽيٽيوٽ طرفان بڻايل هڪ سنڌي ايڊيٽر ۾ شروعاتي طور ۾ اهو لفظ‌ شامل ڪيو پيو وڃي۔۔۔ ان تي جيڪو پهريون سيمينار ٿيو هو، ان ۾‌مان شرڪت ڪئي هئي ۔
     
  7. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: انگريزي ٽائيپنگ جي رفتار وڌائڻ ۽ سپيلنگ جي درستگي لاءِ‌ گوگل جو هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ

    بهترين شيئرنگ........
     
  8. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: انگريزي ٽائيپنگ جي رفتار وڌائڻ ۽ سپيلنگ جي درستگي لاءِ‌ گوگل جو هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ

    ادا رشيد سمون تمام بهترين ونڊ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو