اڪثر دوست توهان کان پڇندا هوندا ته فلان ويب سيائيٽ يا فلان سافٽويئر جو لنڪ موڪليو ۔۔۔ اها صورتحال ڪمپيوٽر تي ويهندي ته ۽ اي ميل ڪندي ٿي سگهي آسان لڳي پر جيڪڏهن ساڳيو جواب ميسيج جي صورت موڪلڻو هجي ته جواب لکڻ يا وري لنڪ کي ياد ڪرڻ ڏکيو لڳندو ۔۔ منهنجي هڪ دوست ان جو حل اهو ڪڍيو جو يا ته هو مختلف سافٽويئرس جي لنڪس کي فيورٽيس ۾ شامل ڪندو رهندو آهي يا وري هڪ نوٽ پيٽ جي فائيل ۾ انهن لنڪس کي ننڍڙو ڪري محفوظ رکندو رهندو آهي جنهن کي ڪنهن ڏانهن اي ميل ڪرڻ به آسان ته سنڀالڻ ۽ ياد ڪرڻ پڻ آسان۔۔۔۔ منهنجي پڇڻ تي هن گوگل جو هڪ پروجيڪٽ ٻڌايو جنهن کي هُو گُو جل چئي رهيو هيو۔۔۔ مون پڻ هن آزمائڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔ گوگل تي لفظ sindhsalamat ڳولا ڪرڻ تي يوٽيوب تي موجود سنڌ سلامت وڊيوز جا لنڪ هڪ اهڙي سائيٽ تي نظر آيا جتي وڃڻ جو ڪڏهن اتفاق نه ٿيو هيو ۔۔۔ اهڙي ئي هڪ وڊيو جو لنڪ ڪجهه هن طرح هيو ۔۔۔ ڪوڊ: http://en.kendincos.net/video-plhplhj-moonji-shairee-poet-nisar-ahmed-naz-sindh-salamat-studio-presentation.html هن ايتري وڏي يو آر ايل کي جڏهن مون http://goo.gl/ مان گذاريو ته لنڪ ڪجهه هن طرح بيٺو۔۔۔ ڪوڊ: http://goo.gl/smyq هاني جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ميسيج ڪرڻو هجي يا محفوظ رکڻو هجي ته گُو جل ياد رکندي صرف آخري اکر يعني smyq موڪلي ڏيو۔۔۔ يا لکي ڇڏيو۔۔۔ آهي نه آسان، سولو ياد رکڻ جهڙو يو آر ايل۔۔۔ اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو دوست سنڌ سلامت تي ڪو وڏو سارو لنڪ ونڊڻ چاهي ته بس ان لنڪ کي کي گُو جل مان گذاري ننڍو لنڪ حاصل ڪري وٺي ۽ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري وٺي۔۔۔۔ اهڙي طرح ڪنهن الجهيل يا آنگر کنيل ويب سائيٽ جي تشريح به نه ٿي سگهندي۔۔۔۔
جواب: ڊگهي يوآر ايل کي ننڍو بڻايو۔۔۔ سائين تمام زبردست ونڊ آهي، مست لاءِ نئين نڪور ڄاڻ آهي۔۔ اهڙا معلوماتي ۽ ڪارائتا ونڊ اوهان کي سنڌ سلامت جي معلومات ونڊيندڙ دوستن ۾ منفرد مقام تي بيهارين ٿا۔۔۔
جواب: ڊگهي يوآر ايل کي ننڍو بڻايو۔۔۔ بهترين ڪوششون آهن توهان جي ۽ اسان فقيرن جي لا۽ لاجواب معلومات پڻ ۽ وڏي ڳالهه اها ته ان سان ڪنهن به سائيٽ جي تشريح به نه ٿيندي ادا هي گوگل وارن جي لاجواب سروس آهي پر مان توهان کي ياد ڏياريندو هلان ته اهڙي قسم جون ڪافي ويب سائيٽس پڻ آهن جيڪي يو آر ايل کي ننڍو ڪري پيش ڪنديون آهن پر گوگل جي وري ڳالهه ئي نرالي آهي بهترين معلومات آهي ادا سدائين گڏ
جواب: ڊگهي يوآر ايل کي ننڍو بڻايو۔۔۔ ada Nisar naz sahib khe dithe deinah thiya mehrabani kere jeko read kere sain jen khe message convey kanda
جواب: ڊگهي يوآر ايل کي ننڍو بڻايو۔۔۔ If u want 2 reach the bonds ofheavens or depth of the earth can do so but not without knowledge. ( Surah Rehman
جواب: ڊگهي يوآر ايل کي ننڍو بڻايو۔۔۔ ادا رشيد تمام بهترين ونڊ آهي اسان جي ڄاڻ ۾ به واڌارو ۽ ڪم به آسان۔لک لائق اهڙي ونڊ لا