اڪثر دوست توهان کان پڇندا هوندا ته فلان ويب سيائيٽ يا فلان سافٽويئر جو لنڪ موڪليو ۔۔۔ اها صورتحال ڪمپيوٽر تي ويهندي ته ۽ اي ميل ڪندي ٿي سگهي آسان لڳي پر جيڪڏهن ساڳيو جواب ميسيج جي صورت موڪلڻو هجي ته جواب لکڻ يا وري لنڪ کي ياد ڪرڻ ڏکيو لڳندو ۔۔ منهنجي هڪ دوست ان جو حل اهو ڪڍيو جو يا ته هو مختلف سافٽويئرس جي لنڪس کي فيورٽيس ۾ شامل ڪندو رهندو آهي يا وري هڪ نوٽ پيٽ جي فائيل ۾ انهن لنڪس کي ننڍڙو ڪري محفوظ رکندو رهندو آهي جنهن کي ڪنهن ڏانهن اي ميل ڪرڻ به آسان ته سنڀالڻ ۽ ياد ڪرڻ پڻ آسان۔۔۔۔
منهنجي پڇڻ تي هن گوگل جو هڪ پروجيڪٽ ٻڌايو جنهن کي هُو گُو جل چئي رهيو هيو۔۔۔ مون پڻ هن آزمائڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔
گوگل تي لفظ sindhsalamat ڳولا ڪرڻ تي يوٽيوب تي موجود سنڌ سلامت وڊيوز جا لنڪ هڪ اهڙي سائيٽ تي نظر آيا جتي وڃڻ جو ڪڏهن اتفاق نه ٿيو هيو ۔۔۔ اهڙي ئي هڪ وڊيو جو لنڪ ڪجهه هن طرح هيو ۔۔۔
هن ايتري وڏي يو آر ايل کي جڏهن مون http://goo.gl/ مان گذاريو ته لنڪ ڪجهه هن طرح بيٺو۔۔۔
هاني جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ميسيج ڪرڻو هجي يا محفوظ رکڻو هجي ته گُو جل ياد رکندي صرف آخري اکر يعني smyq موڪلي ڏيو۔۔۔ يا لکي ڇڏيو۔۔۔ آهي نه آسان، سولو ياد رکڻ جهڙو يو آر ايل۔۔۔
اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو دوست سنڌ سلامت تي ڪو وڏو سارو لنڪ ونڊڻ چاهي ته بس ان لنڪ کي کي گُو جل مان گذاري ننڍو لنڪ حاصل ڪري وٺي ۽ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري وٺي۔۔۔۔ اهڙي طرح ڪنهن الجهيل يا آنگر کنيل ويب سائيٽ جي تشريح به نه ٿي سگهندي۔۔۔۔
منهنجي پڇڻ تي هن گوگل جو هڪ پروجيڪٽ ٻڌايو جنهن کي هُو گُو جل چئي رهيو هيو۔۔۔ مون پڻ هن آزمائڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔

گوگل تي لفظ sindhsalamat ڳولا ڪرڻ تي يوٽيوب تي موجود سنڌ سلامت وڊيوز جا لنڪ هڪ اهڙي سائيٽ تي نظر آيا جتي وڃڻ جو ڪڏهن اتفاق نه ٿيو هيو ۔۔۔ اهڙي ئي هڪ وڊيو جو لنڪ ڪجهه هن طرح هيو ۔۔۔
ڪوڊ:
http://en.kendincos.net/video-plhplhj-moonji-shairee-poet-nisar-ahmed-naz-sindh-salamat-studio-presentation.html
ڪوڊ:
http://goo.gl/smyq