جواب: رات ٿـڌڙي ، چنڊ ، ڌيمي روشني , ڪو وڻـنـدڙ واءَ ۾ اٽڪي پـيو (ڊاڪٽر مشتاق ڦل)
تمام زبردست شاعري، ڊاڪٽر صاحب جي، مختصر غزل، مختصر وزن، اڄڪلهه اسان جا خوبصورت شاعر ننڍي وزن واري شاعري ۾ تمام وڏي ڳالهه ڪري ويندا آهن۔ ڊاڪٽر صاحب منهنجي ناقص خيال موجب هن ۾ فاعلاتن ، فاعلاتن ۽ فاعلن وارو وزن رکيو آهي۔ ساري سنڌ جي شاعرن کي جيڪي شاعريءَ جو شوق رکندڙ آهن انهن جي اصلاح لاءِ خاص ڪري ادا اسد مست، سائين سليمان وساڻ، ادا عمران درويش سومرو ۽ اسان وارو ساحل رنجيت رام رکيو ممبئي وارو جيڪڏهن هن مان لاڀ حاصل ڪن ته ڪري سگهن ٿا۔
ڊاڪٽر صاحب جي غزل جو مطلعو جنهن جي تقطيع مان هيٺ لکان ٿو اميد ته غور سان ڏسندا ۽ انهي آسان ۽ خوبصورت وزن تي لکڻ جي ڪوشش ڪندا۔
روح ڪنهنجي راهه ۾ اٽڪي پيو
ان جي تقطيع هيٺ آهي
هن ۾ صرف توهان لفظ
ڪنهن تي اٽڪيا هوندا ته ڪ ن هه ن ۾ چار اکر آهن سائين نثار ڪيئن ان کي ٻن اکرن جو پڌ ڪري لکيو آهي، دوستو توهان بلڪل صحيح آهيو پر توهان کي هڪڙي ڳالهه ٻُڌائيندو هلان ته علم عروض ۾ اهي اکر جن تي
زير زبر پيش نه اچي ته بوقت ضرورت انهن
اکرن کي حذف ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته
ڪنهن ۾
ٻه نون آهن ۽ اهي به
نون غُنان، انهن ٻنهي نونن جي مٿان ڪا به
زير زبر پيش شد مد ڪانهي انهي ڪري ڊاڪٽر صاحب لفظ ڪنهن کي علم عروض جي حساب سان ٻه نون غُنان حذف ڪري لفظ ڪنهن کي صرف ٻن اکرن جو مجموعو
ڪهه ڪري وزن کي بلڪل ٺيڪ ۽ درست لفظ ٻٽو ڪري لکيو آهي۔ ان کان علاوه توهان جي ناليج ۾ اهو به اظافو ڪندو هلان ته سنڌي جا هي لفظ
۽ ۾ اهڙا لفظ آهن جو دنيا جي ڪنهن ٻولي ۾ انهن لفظن جو ملڻ مشڪل آهي، سنڌي علم عروض ۾ اهي ٻئي لفظ ۽
آ اهڙا لفظ آهن جن کي علم عروض ۾ وقت ضروت موجب سنگل اکر طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو ته ٻٽي لفظن طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو اميد ته منهنجي هن ٿوري سمجهاڻي مان توهان لاڀ حاصل ڪئي هوندي۔ باقي ڊاڪٽر صاحب جي مطلع جي ٻي لائين
يار بيپرواهه ۾ اٽڪي پيو
واري ٻي لائين توهان سڀني شاعرن لاءِ ڇڏيان ٿو ته منهنجي هن سمجهاڻي جي جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب جي مطلع جي ٻي لائين جي توهان تقطيع ڪري مونکي جواب جي صورت ۾ ضرور ڏيو، تقطيع معنا
لفظن کي ٽوڙڻ ۔مٿي مون توهان کي ڊاڪٽر صاحب جي مطلع (جنهن کي سولي سنڌي ۾ ٿلهه به چئي سگهجي ٿو) جي پهرين سٽ جي تقطيع ڪرڻ سيکاريو آهي اُن مان سمجهي سگهو ٿا۔ آخر ۾ محترم سليمان کي بهترين ڊيزائن بنائڻ تي دل جي گهرائين سان واڌايون۔