ڀارت ۾ هاڻوڪي سنڌي ادب تي عالمي ادب جو اثر

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀارت ۾ هاڻوڪي سنڌي ادب تي عالمي ادب جو اثر​


    پروفيسر هيرو شيوڪاڻي

    ڳڙکيون کليل آهن، هر سوُ: اوڀر اولهه، اُتر ڏکڻ، ڪروڙين نه ته به، تمام گهڻيون. اسان جي هن ايڪ قصر ۾، ننڍي کنڊ جي هن ڏيهه ۾ کليل ڳڙکين مان ٻاهريون هوائون پيون اچن ۽ وڃن، ايامن کان. پر اسين، جيستائين تخليقي ادب جو واسطو آهي، پنهنجي ڏات، ڏانوَ، ادراڪ، توڙي پنهنجي ڪنهن تهذيبي ۽ تمدني ورثي سان،ا يندڙ ويندڙ اهڙين عالمي هوائن مان اثر پيا جهٽيندا آيا آهيون ۽ وري انهن قوتن ۽ ڪمزورين سان، شايد سڀ کان اهم اسانجي پنهنجي ٻولي يا زبان آهي، ادبي فن جو واحد واهڻ يا وسيلو، دنيا جي هر ٻيءَ ٻوليءَ جيان، اسانجي پنهنجي زبان، مخصوص تاريخي ماخذن بدولت، هڪ لاثاني گهاڙيٽي ۽ نظام سان اهڙو معجزو آهي، جيڪو هر شبد کي، اُنهن جي باهمي پسگردائي سميت، ڪڏهن به پُوريءَ طرح نه کلندڙ، منجهس سمايل انفرادي، پنگتي نفسياتي، جمالياتي وغيره قوتن سان، باوجود ٻاهرين اثرن جي يا اُنهن جي ڪري تخليقي ادب جُون، معيارن چڪاسڻ جي حوالي ۾، مٿاهيون هيٺاهيون سمتوءَ بخشڻ جي قوت رکي ٿو.
    اِهو کليءَ دل ۽ ذهن سان مڃيندي به ته اهڙن ٻاهرين اثرن جي ڇاپ اڻ ٽر ۽ فطري آهي ته: پنهنجي نجي ذاتي ۽ صفاتي ادبي جينيس جي نشاندهي ڪرڻ، گلوبل پس منظر ۾، ممڪن حد تائين اُن جو درجو مقرر ڪرڻ،ا سانجي اهڙي لاڳيتي مباحثه لاءِ وڌيڪ سارٿڪ يا معنيٰ خيز آهي. توڙي سڄي دنيا جو ادب، سڄي انسان ذات جي گڏيل ميراث آهي. اهو قبول ڪرڻ ۾ اسان کي ڪابه گريز ڪانهي.
    ڀارت ۾ پنهنجي هاڻوڪي سنڌي ساهتيه تي پوندڙ عالمي اثرن تي گو ڪه هتي تفصيلن سان بحث ٿيندو، ليڪن مان پيو سوچيندو رهيو آهيان ته ادبي تاريخ جي ڌار ڌار مرحلن ۾، ادب جي روپن، فارمن، صنفن توڙي خيال، فڪر ۽ نظرين تي اهي اثر ايامن کان جذب ٿيندا رهيا آهن. هڪڙو خيال مونکي لاڳيتو اهو به ايندو رهيو آهي ته ساهتيه سرجنا خود اسانجي هن ننڍي کنڊ جي هن قديم ملڪ ۾، آڳاٽين ٻولين کي ڇڏي به ڏجي ته به سنسڪرت ۾ ئي ساهتيه ڪلا جي سڀني پهلوئن تي اسانجو پنهنجو ساهتيه شاستر، پراچين سمي ۾، ايترو باريڪي سان سوچي ويو آهي، جو اُها ميراث ظاهر يا باطن هاڻوڪي ساهتيه سرجن ۾ ئي نه بلڪ، آڳاٽي ۽ وچولي دؤر ۾ به ڏات ۽ ڏانو تي اثر اندوز رهندي آئي آهي. مثال طور پراچين سنسڪرت ساهتيه شاستر ۾ ڪاويه، شعر و شاعريءَ ۾ رس النعار وڪرو اُڪتي، ڇند وديا، پنگل جا ميسر فڪري تت ناٽڪ جي فارم تي پرت منيءَ جو ناٽيه شاستر، يا بذات خود ادب جي واحد واهڻ ڀاشا تي ڀاشنيءَ جو ويا ڪرڻ ــ شايد دنيا ۾ ڀاشا وگيان تي پهريون اصلوڪو اڀياس ــ گڏجي اسانجي ڏيهي ادب جو تشخص اُجاڳر ڪرڻ ۾ بلاشڪ ڪارفرما رهيا آهن. توڙي اسانجي وچولي يا هاڻوڪي ادبي تاريخي ٽرمنالاجيءَ ۾ عالمي ادبي تاثيرن جي وهڪري ۾ اسين جنهن کي ’جمالياتي خول‘ طور سڃاڻون ٿا، اُهو اسانجي نجي ادراڪ ۾ ’رس‘ يا آنند جي ــ جنهن کي ڀارتيه فڪر ۾ ’برهم آنند سهودر‘ مڃيو ويو، باريڪيءَ سان جنهن جا سڀ تت وياکيا هيٺ آيا، گهڻو علحدو نه آهي.
    اِهو بي سبب نه آهي ته سنڌي ادب ۾ توڻي گلوبل ليول تي اڄ به اڪيلو اُٿاهون نظر ايندڙ اسانجو شاهه لطيف ڀٽائي، جنهن شاعراڻي گهاڙيٽي بيت ۾ پنهنجو ڪلام سرجي ويو، اُهو ڇند وِديا جي صنف دوهي ۽ سورٺي تي بيٺل، سندس پنهنجي خالص تخليقي حاصلات جو منفرد مثال آهي. توڙي شاهه صاحب پنهنجي سيراندي روميءَ جي ’مثنوي‘ رکندو آيو. يا سندس دور ۾ عالمي هوائن جي بدولت، شاعريءَ جي فارمن ۽ صنفن ۾ ’علم عروض‘ جو سرمايو، سمورين باريڪين سان موجود ٿي آيو هو. ۽ اڄ توڻي اسانجون گهڻيون شاعراڻيون صنفون سچل سرمست جي زماني کان وٺي، غزل، مثنوي، رباعي، نظم جي ٻن ٻن شڪلين ۾ انهي علم عروض، صنايع بدايع جي ڇاپ سان، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ مروج آهن. فڪري سطح تي جمالياتي حِظ جي ڪسوٽي به بدليل روپ ۽ رنگ ۾ اسانجي پنهنجي رس سڌانت ۽ شبد شڪتي جي برهم آنند سهودر جو مبادا بدليل سڌريل ماڻ ۽ ماپو آهي.
    عالمي ادب جي ڇاپ: ادبي صنفن ۽ گهاڙيٽن تي نظرثاني:
    اڳيان محض اِشاري اِشاري ۾، شاهه لطيف جي حوالي ۾ بيت جو ذڪر مان ڪري آيو آهيان. اسانجي لوڪ ادب جي فارمن، قصن، ڳاهن، گيتن وغيره کي به، تاريخي ساڃاهه طور اسانکي هتي في الحال پس منظر طور ذهن ۾ رکڻو پوندو. باقي ٻيءَ طرح بيت کان سواءِ وائي (اِها به غالباً شاهه صاحب جي ايجاد آهي) ۽ هڪ اڌ ٻيءَ صنف کي ڇڏي، هاڻوڪي سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪي به صنفون اسين ڪم آڻيون پيا، سي سڀ، اسان کي مڃڻ کپي، عالمي ادب جي دين آهن. اهڙي هڪ اوڀر جي ڳڙکيءَ مان، علم عروض طور مثنوي، غزل، ڪافي، رباعي، قطع، نظم وغيره جون هوائون گهليون. وچ واري ٿوري عرصي ۾ ته اُهي ڄڻڪ اهڙو طوفان بڻجي، هن اسانجي پنهنجي ايڪ قصر ۾ ڌوڪي پيون جو ڪجهه عرصو ته فارسي، گهوڙي چاڙهسي جي مصداق، شعر شاعريءَ ۾ اسانجو پنهنجو تخليقي شعور ئي ٻُهارجي ويو. سڄيءَ الف بي تي ديوان لکڻ جي حرص غزل تي شعرگوئي ڪرڻ يا طرح مصرع تي مشاعري بازيءَ جو مرض اسانجي ادبي تاريخ جو اهو دور گهڻن کان ڳجهو ناهي. البت اپواد طور گل محمد غزل ۾ لڄ رکي يا مرزا قليچ بيت ’رباعي‘ ۾ ڪجهه پنهنجو تخليقي جوهر پسايو. يا پوءِ ڪشن چند بيوس ’نظم‘ جي ٻاهرئين ويس وڳي ۾، زندگيءَ جي نون اُمنگن ۽ دردونديءَ سان سرجن شڪتيءَ جو، سنڌي شعر و شاعريءَ ۾ نئون وهائو تارو بڻجي وڏو موڙ آندو.
    ويجهي ماضيءَ ۾ شيخ اياز فارسيءَ جي ’غزل کي گهيڙو رتو‘ ويس ڏيڻ جي ڪي قدر قابل تعريف ڪوشش ڪئي.
    ورهاڱي بعد هتي ڀارت ۾ به، بدليل حالتن جي للڪارن کي قبولي، پنهنجي پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ سان غزل جي سدابهار صنف کي، منهنجي ويچار ۾ اول اول سڳن آهوجا انوکيون تخليقي بلنديون بخشيون. پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ مرڻ پڄاڻا سندس هڪڙي ئي شعري مجموعي ’ارمان‘ ۾، غزل جي هڪ شعر ۾، مذڪور صورتحال بابت هُن چيو:
    پاڪ جذبن کي گهٽيندو ٿو اچان سالن کان،
    هاءِ، منطق جا راز ڇو کليا مُون قاتل تي.
    ’غزل‘ تي، هتي ڀارت ۾ عنقريب هر ننڍي وڏي، اڄ سوڌو پئي قلم آزمايو آهي پر غزل جهڙي نازڪ نفيس صنف سان، جنهن کي پارکن شاعريءَ جي عطر جو عطر قرار ڏنو آهي. سڳن آهوجا بعد ايم ڪمل، ارجن حاسد ۽ واسديو موهيءَ، فارم جي پابندين اندر رهندي قافئي ۽ رديف ۾ ڪي تجربا ڪندي، حسن و عشق جي هن پياري فارم ۾ نفاست سان نوان موضوع، نوان انڀوَ اُڻندي، سنڌي غزل کي ڪافي معتبري بخشي آهي:
    غزل ۾ ايم ڪمل جا هي چند شعر غور ڪرڻ جهڙا آهن:
    گاڏي ليٽ آ، اڄ پڻ بيبُو،
    ممي ممي ڪري سمهي پيو آ.
    سڀ مسافر سهڪندا، بس کي ڌڪيندا ٿا هلن،
    هڪ ڊرائيور فقط آ، جو مزي ۾ ويٺو آ.

    خواهشون پنهنجون ننڍيون ٿي ويون
    ٻارها ئي وڏا ٿيا آهن.
    ارجن حاسد غزل کي پنهنجي احساس ۽ انداز جون سمتون بخشيندي چيوروشنيءَ کي، ۽ چميم ڪرڻن کي،
    اڄ ائين نانءُ کنيو مون تنهنجو،
    ڪنهن به مٽيءَ کي سڏيان ڪئن پنهنجو،
    پنهنجو مان گهر ڇڏي نڪتو آهيان.
    ۽ هتي نئين ڪويتا جي سگهاري دستخط واسديو موهيءَ غزل کي ته وري ازل جي اُڃ بڻائي ڇڏيو. 2001 ۾ شايع ٿيل سندس ڪتاب ’چهنب ۾ ڪک‘ کي هن ان دائمي طور ڇڏيل گهر کي ’گهر جي تلاش کي.... ارپڻ ڪندي چيو آهي:
    اڱڻ خطن ۾
    سارون خوشبو
    اِٽي ڏڪر گِل
    لاٽون خوشبو
    ڳنڍ ڳوٺ سان،
    پاڙون خوشبو.
    پارسيءَ زبان جي غزل ۾ رديف جو هي انوکو نڀاءُ، بس موهيءَ جي شاعراڻي ڏات جوئي جوهر آهي:
    توتي اُڇلون ڪري ٿي، سچ آ چنڊ!
    ڇول کان پري هٽي بهڻ، سونهين؟
    غم ته شخصي، نجو، رڳو پنهنجو،
    اُن سان ايڏو رسي بهڻ، سونهين؟
    ٻاهرين (جن کي اسان پرائو رهڻ نه ڏنو) هوائن طور آيل انهن شاعري جي صنفن ۾ غزل، ڀارت ۾ سڀني شاعرن کي ڀاءِ ته پيو آهي، ليڪن غزل کي فقط ڪي ڪي ئي ڀاءِ پيا آهن. غزل ڀلا اهڙو ڪو سولو فارم آهي به ڇا!
    ها، اولهه طرف کان، بحرِ وزن يا موزونيت کان آجي آيل نئين ڪويتا، گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾، زبردست لهر بڻجي آيل، البت بزرگ توڙي نون شاعرن، نيم شاعرن يا غير شاعرن کي اِها اهڙي سولي لڳي، جو هر ڪو هٿ کس ڪرڻ ۾ لڳي ويو. گوڪه سرجڻ جا انيڪ امڪانات رکڻ واري نئين ڪويتا به سولي ته ڪانه هئي ۽ نه آهي. دراصل ڏات، ڏانو ۽ حوادث وارن لاءِ ڪابه صنف سولي ڪانه هوندي آهي.
    نئين ڪوتا، اولهه جي دين، خيال، فڪر ۽ نظرين جي، نين فني تقاضائن سان جن ڪوين للڪار جي روپ ۾ قبول ڪئي، تن ۾ هتي ڀارت ۾ اُن جي باني هريش واسواڻيءَ جي انوکي سٻراٽيءَ سان کان سواءِ، اُن لهر ۾ ڇاپ پيدا ڪري سگهي. اڄ به هن جو ڪويتا سنگرهه ’چاليهه ڇاهتر‘ نئين ڪويتا جو سنگ ــ نشان آهي. هُن کانسواءِ نئين ڪويتا ۾ واسديو موهي (تضاد 1976 ’صبوح ڪٿي آهي؟‘ 1983) آنند کيماڻي (بيمار پيڙهي ۽ شمشان گهاٽ وٽان لنگهندي) موهن ڪلپنا (جهاز جي ڊيڪ تي) مهيش نيڻواڻي (مڌو) ڪي معتبر پڙاو آهن.
    شعر و شاعريءَ ۾ اِنهن گلوبل هوائن جي گهلندي، ٻيون به صنفون آيون انگريزيءَ جو سانيٽ، اسان وٽ چوڏسي بڻجي آيو ۽ نارائڻ شيام جهڙو ممتاز شاعر سانيٽ جي فارم ۾ ’روپ مايا‘ جهڙو ماڊرن ڪلاسڪ کنڊ ڪاويه جي طرز تي ڏيئي سگهيو. يا فرينچ ادب جي ٽرائليٽ اسان وٽ اول هري دلگير ترائيل جي اسم سان آندي. مگر اُن کي تخليقي سمتون هريڪانت ۽ نارائڻ شيام عطا ڪيون. جپان جي جهوني شاعراڻي صنف ’هائڪو‘ به نارائڻ شيام جي سگهڙ ڇهاءَ سان ابرودار اجرو تجلو بڻجي چمڪيو ۽ اُهي ’ماڪ ڀنا رابيل‘ جي شاعراڻي خوشبو ڦهلائي ويا. پرڏيهي ڏيهي، اِنهن شاعراڻين صنفن جي گهٽ، هتي ڀارت ۾ هاڻوڪي يا ويجهي ماضيءَ ۾ ايتري آئي جو ڪرشن راهيءَ جي پهرئين انعامي ڪويتا سنگرهه ’ڪماچ‘ ۾ هُن اڳيان اهڙين ذري گهٽ 23 صنفن جو شمارو به ڏيئي ڇڏيو، جن ۾ اسانجو پنهنجو اصلوڪو فارم بيت (دوهو، سورٺو) نيو ڪلاسيڪل شاعريءَ صنف طور به شامل آهي. هڪ مصرع جي صنف، وڏي تخليقي سٻرائيءَ سان، ’تنها‘ جي نالي سان اندر ڀوڄواڻيءَ داخل ڪئي.ا ڃا پُوري سڌ پئجي نه سگهي آهي ته ’تنها‘، اهڙين مٿي ذڪر ڪيل شاعري صنفن جيان، ٻاهران عالمي ادب جي اثر جو روپ آهي، يا اندر ڀوڄواڻيءَ جي پنهنجي ايجاد آهي. تازو ئي ستيش روهڙا جو ’تنها‘ سنگرهه، خلاصو سئو تنهائين جو شايع ٿيو آهي. بهرحال هتي منهنجي مُراد گلوبل ادب مان شاعراڻين صنفن جي اسانجي مٿان پيل اثر يا ڇاپ (impact) ڏانهن اوهانجي ڌيان ڇڪائڻ جي آهي. اُنهن ۾ به اسانجي پنهنجي ڏات، ادراڪ ۽ فڪري ولوڙ جي جيتري به برتري، بلندي اچي سگهي آهي،ا ُها اڀياسين کان ڳجهي ڪانهي. ادبي تاريخ ۾ آغاز ۽ ڳڻپ جو به مهت ته آهي، ليڪن منهنجي سمجهه ۾ ’ديرپائي‘ پنهنجي اهڙي قسم جي ڏات جي اوچائي تي ئي منحصر آهي.
    ادب جي نثر واريءَ شاخ ۾، اسانجي هاڻوڪي سنڌي سرجڻ جي ڀلا صورتحال ڪهڙي آهي؟ ناول، ڪهاڻي، مضمون، ناٽڪ (يڪ فصلو يا مڪمل) کان سواءِ جيوني، آتم ڪٿا يا خود تنقيد، اڄ جنهن روپ ۾ (sense) اسان وٽ لکجن پيا، مان ڀانيان ٿو، سڀ جا سڀ مغربي ادب جا ئي فارم آهن. عالمي ادب جو، اِن ريت، نظم خواهه نثر جي لڳ ڀڳ هر صنف، جنهن ۾ هاڻوڪي سنڌي ادب ۾ اسانجون تخليقي ڪاوشون جاري آهن، سڀ ٻاهران آيل آهن. کليءَ دل سان اِهو سڀ قبول ڪندي ڏسڻو فقط اِهو آهي ته، شاعريءَ جيان نثر نويسيءَ جي انهن ٻن ٻن فارمن ۽ روپن ۾ اسان هتي پنهنجي ڏات، ڏانوَ، ذاتي تشخص، توڙي فهم ۽ فڪر جي قوتن سان، اُنهن سڀني کي، يا اُنهن مان ڪن ۾، پنهنجون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون بلنديون حاصل ڪرڻ جيتري تسڪين ماڻي ۽ ڏيکاري سگهون ٿا. هيءَ، ٻاهريان اثر جهٽڻ ۽ جذب ڪرڻ جي فنامنا، هروڀرو ڪا فقط سنڌي ادب سان لاڳو ناهي بلڪ هن برصغير جي هند جي خواه سنڌ جي، مڙني ٻولين جي، جي هاڻوڪي، توڙي ويجهي ماضيءَ جي ادبي لکيتن ۾، اِها ڇاپ نظر اچي ٿي.
    مثال طور ڪهاڻيءَ جي صنف جو ئي جيڪڏهن جائزو وٺجي ته سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان ويهارو کن سال اڳ ئي اُن جي شروعات ٿي. پوءِ ورهاڱي بعد هتي ڀارت ۾ ڪهاڻي. پنهنجي قد و قامت، ٽِڪنڪ ۽ نڀاوَ ۾ جيئن لکجي رهي آهي، مغرب جي ’شارٽ اسٽوري‘ تي ئي مبني آهي. ليڪن هتي ڀارت ۾، وطن کان اُکڙجي آيل ۽ شهري ۽ مهانگري ماحول ۽ پسگردائيءَ ۾ اچي وسيل سنڌي قوم جي سيگمينٽ کي،ا ُن جي پاٺڪن توڙي اديبن کي، ننڍي ڪهاڻيءَ جو مختصر گهاڙيٽو، پنهنجي منڍ وچ ۽ عروج موثر گهڙت ۾، انڀوَ ۽ احساس جي ننڍن افسانوي کڻن ۽ ڀلن کي اظهار ڏيڻ جي خيال کان، شايد وڌيڪ راس اچي ويو آهي. اِنڪري ’ڪهاڻي‘ باوجود ٻاهرئين گهاڙيٽي جي، هتي، ترقي پسند، رومانوي يا پريوگ وادي، ويندي جديد ڪهاڻيءَ جي ٽنهي ڌارائن ۾، اسانجي پنهنجي افسانوي ڏات ۽ ڏانو جي قوتن بدولت ڀارت جي اهڙين ٻين هاڻوڪين زبانن جي ڪهاڻي، ساهتيه سان برميچجي بيهڻ جي تسليميءَ جو سنتوش ماڻي سگهي آهي. جئن مغرب ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن جي ڪهاڻيءَ جي اوسر ۾ ٿيو. هتي به سنڌي ڪهاڻي، پريوگ، جدت، اڪهاڻي، ائبسرڊ ڪهاڻيءَ جي ٻن ٻن روپن ۾ اُن جي معتبري مڃرائي سگهياسين.
    سنڌ جي هاڻوڪي ڪهاڻي شاخ جي پُوري شناس ته هتي اسانکي اسانجا سرحد پار جا پارکو ئي وڌيڪ ڪرائي سگهندا، ليڪن منهنجو پنهنجو جيترو به محدود اڀياس آهي ته سنڌ ۾ به هاڻوڪي ڪهاڻي، ڪافي سٻر، گوناگون ۽ اوسر جا اهڙا سڀ مرحلا پار ڪرڻ جي تسڪين ڏياري ٿي.
    البت ’ناول‘ اسان وٽ اوترو اُسري نه سگهيو آهي، جيترو ٻين ڪيترين ڀارتيه ٻولين ۾ اُسريو آهي. اِن جي سببن تي خلاصو بحث ٿي سگهي ٿو. اسان هتي به ڪنهن حد تائين ڪيو آهي. ناول جي صنف ۾، گلوبل ليول جي فلابيئر، دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، جيمس جائس، ڪافڪا، مارل پروست، فاعنر وغيره ته اسان سوڌو، گهڻن جي ساراهه ريس جا باعث آهن ئي آهن، مگر ڀارتيه سطح تي شرت چندر، ٽئگور، منشي پريمچند، وي.ايس کاڊيڪر، پنا لال پٽيل، امرتا پريتم جيتري قد ۽ ڪاٺيءَ جو ڪو هڪڙو به ناول نويس سنڌيءَ ۾ ڪونه اُڀري سگهيو آهي. ڏيئي وٺي سندري اُتمچنداڻي (ڪرندڙ ديوارون)، موهن ڪلپنا (رڃ ۽ پاڇا)، لعل پشپ (هُن جي آتم جو موت)، گوورڌن ڀارتي (سئور جون سئو صورتون)، ڪرشن کٽواڻي (ترندڙ بادل) ڪي سنتوش ڪرڻ جهڙا نالا کڻي سگهجن ٿا.
    ناٽڪ نويسي ته وري ناٽڪ ڪاري (اسٽيج ۽ پرفارمنس وغيره) جي محتاج آهي.ا ئين ته اُن ۾ ٻاهرين هوائن جي اثر بدولت نئين ناٽڪ، ائبسرڊ ناٽڪ جا تجربا اسان حرص مان ڪيا آهن اوس. مگر پلي رائيٽنگ جي ادبي خاني ۾، يڪ فصلن يا ٽه فصلن ناٽڪن ۾، ڪنهن حد تائين اسانجي پت رکڻ ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش (مورچابندي، ٽه فصلو ناٽڪ ’باهه‘ يڪ فصلن جو مجموعو)، موتي پرڪاش (رات هڪ طوفان جي) ۽ ايم ڪمل (ماچس ڪٿي آهي؟) واهر اوس ڪئي آهي.
    ڳڻائڻ جي خيال کان ڪهاڻيءَ کي ڇڏي، ناول ۽ ناٽڪ وانگر، اِهي ڳالهيون، مضمون نويسي جيوني ۽ آتم ڪٿا جهڙين نثري صنفن لاءِ به چئي سگهجن ٿيون.
    سرسري طور ساهتيه ڪلا جي فارمن، روپن يا صنفن ۾ اڄ صورتحال اها آهي ته توڙي ڏات، ڏانو، انڀوَ، احساسات جوهر، اُهي جهڙا ۽ جيترا به اسانجا پنهنجا آهن، جذب يا هم آهنگ ڪيل آهن، نظم خواهه نثر ۾ اسان تمام گهڻي قدر، جئن مون اڳيان ڏيکارڻ جي، اختصار ۾ ڪوشش ڪئي آهي، اسين عالمي ادب کان گهڻو متاثر پئي رهيا آهيونخيال، فڪر ۽ نظرين جي ڇاپ:
    ڌرتيءَ جي هن گولي تي جڏهن کان به وٺي، ماڻهوءَ نالي وارو پراڻي، جنهن روپ ۾ اُپجي ۽ نسري آيو آهي، پوري جڙ ۽ چيتن پسگردائيءَ ۾، سوچ هُن جي فطري قوت به آهي ته ڪمزوري به. مغربي فلسفي جو هڪڙو اهم ۽ بنيادي مامرو ئي کڻي پنهنجي ڳالهه شروع ڪجي ته آيا ’مان آهيان اِنڪري سوچيان ٿو يا مان سوچيان ٿو، تنهن ڪري مان آهيان.‘ توڙي ان بحث ۾ هتي گهڻو اونهو نه به وڃجي ته به، ماڊرن مغربي فلسفي جي اَبي ريني ڊيڪارٽ جو جڳ پرست گفتو “Cagito ergo Sum” يعني مان سوچيان ٿو تنهن ڪري مان آهيان، هاڻوڪي گلوبل سوچ، فڪر ۽ نظريي جو، انساني وجود جي حوالي ۾، عقليت پسنديءَ (Rationalism) جو هڪڙو اهڙو انقلابي موڙ بڻجي آيو، جنهن انساني زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ــ ماديت طبعيات، سماجي، نفسياتي، سياسي، ادب، لطيف فن ــ بنيادي موڙ آندو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جن جو اڄ انسانذات جي سوچ ۽ وهنوار تي سڀ کان وڌيڪ اثر کليل اکين سان ڏسي ٿو سگهجي.
    هتي انسان جي ٻين فئڪلٽين کي مباحثه کان ٻاهر رکندي، رڳو ساهتي ڪلا، تخليقي ادب جي ماخذن، تاثيرن تائين محدود رهجي ته، هن ننڍي کنڊ جي پنهنجي فڪري ولوڙ ويدانت ۽ تصوف جي نظرين کي بعيد ماضيءَ جي تاريخيت ۾ وجهي، هاڻوڪي سوچ ۽ فڪر ۾ ترقي پسند نظريه جي بنياد مارڪسواد رومانيت (مغربي ادب ۾ ناول جي شاخ کي اول اول چوندا ئي ’رومان‘ هئا) نفسياتي ۽ جنسياتي سوچ جو محرڪ فرائڊزم، جديد ادبي لاڙن ۾ وجوديت، ويندي اڄ سوڌو بعد جديديت (Post Modernism)، جنهن ۾ روس جي فڪر ۽ فلسفي جي دين فارملزم، اسٽرڪچرازم ۽ پوءِ فرانسيسي ادب ۽ فڪر جون هوائون ’ڀڃ گهڙ (Deconstruction) عورت جي ٻهُوسمتي برابري ۽ ستا وغيره جا فڪري زور ۽ نظريه اسانجي هاڻوڪي ادب تي، ادبي تخليقي شرطن ۽ امڪانن جي ڪسوٽيءَ تي، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ڪار فرما آهن، سڀ عالمي ادب جي ڇاپ (Impact) جا مظهر آهن.
    اِهي سڀ فڪري ۽ نظرياتي اثر، هتي ڀارت ۾ اسانجي سنڌي سرجن تي سڀ، يا اُنهن مان ڪي ۽ ڪيترا ڪارفارما آهن يا اُنهن اسانجي ادبي ڏات ۽ ڏانوَ کي ڪيترو سنواريو آهي، ڪهڙي اوسر ڏني آهي، اُن تي مختصر يا طائراڻي نظر وجهڻ کان اڳ هڪڙي اهم ڳالهه ادب جي فطري محويت رکندڙ اڀياسين کي شايد ٻڌائڻ جي گهڻي ضرورت ته نه آهي ته ساهتيه سرجن، ڪنهن به فڪر يا فلسفي جو Surrogate نه آهي، احساسداري، اُمنگ، جذبي، ڏک، سُور، سونهن جي سواد جهڙن تخليقي محرڪن لاءِ، اُهي انفرادي سطح تي، ادبي رچنا جي پيچيدي ٻوليائي سمرچنا ۾ جيتريءَ حد تائين جذب ٿي اچن ٿا، اوتريءَ حد تائين ئي، هر ٻوليءَ جي ادب جو معيار ۽ آبرو بڻجن ٿا، پوءِ ڀل ته گلوبل ليول تي اُهي ڪٿان به ڇو نه آيا هجن، اولهه کان يا اوڀر کان، اُتر کان يا ڏکڻ کان.
    مثال طور ورهاڱي کان ٿورو اڳ ئي شعر و شاعري يا افسانوي ادب ۾ اسان وٽ مارڪسوادي نظريه کان اثراندوز، جيڪو ترقي پسنديءَ جو دور آيو، خاص طور ورهاڱي کان ترت پوءِ ڀارت ۾، تنهن هڪ لهر جي روپ ۾ ڏهاڪو کن سال، شعر، ڪهاڻي، ناول وغيره ۾ ’ٻڌي پيداوار‘ (Bulk Production) جو وڏو ڪم ڪيو. چڱو خاصو پڙهندڙ طبقو به ان سان جڙي ويو، ليڪن پوءِ ڏٺوسين ته ساهتيه ۽ شبد جي ڪلا، ڪنهن مخصوص نظريه جو مجموعي وهڻ بڻجڻ سان پرچاري ۽ پئمفليٽي بڻجي ٿو وڃي. اپواد طور ڪي شعر، ڪي چند ڪهاڻيون، يا هڪ اڌ ناول، ان ڌارا مان، احساس ۽ تخليق جي ڪسوٽيءَ خاصي ڪجهه نالا ئي رچناڪارن جا ديرپائي ماڻي سگهيا، باقي سڀ ڪجهه ترت وسري ويو.
    ترقي پسند ڌارا کان پوءِ گذريل صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾، نظم کان وڌيڪ نثر خاص ڪري ننڍي ڪهاڻيءَ ۾ تجربن ۽ انفرادي ڏات جي قوت وارن ڪن ڪهاڻيڪارن گهڻيءَ حد تائين احساسداري ۽ پنهنجي انڀوَ طرف سچيار رهندي، اِن مغربي صنف کي پنهنجون سمتون بخشيون: موهن ڪلپنا، ڪي.ايس ٻالاڻي، گنو سامتاڻي ۽ لعل پشپ ان ڏس ۾ لاشڪ ذڪر جوڳا نالا آهن.
    گلوبل هوائن جي بدليل زورن جي بدولت، توڙي ڀارت اندر بدليل، معاشي، سياسي حالتن اندر وري نئين افراتفري، نااُميدي، بيگانيت جهڙين نفسياتي احساسن جي دٻاوَن هيٺ، مجموعي طور مغرب جي جديد ويچار ڌارائن، جهڙوڪ وجوديت جو فلسفو، آوان گارد، ائبسرڊٽي، سنڌي جاتيءَ جي نئين ٽهيءَ جي حِس ۽ سرجن شڪتي رکندڙ نوجوانن ۾ نئون ولوڙ پيدا ڪيو. اِنهن مڙني گڏيل مسيل زورن گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي ۾، جيڪوا دبي اُچاهه، چُوهه آندو اُن مان صنفن جي روپ ۾ نئين ڪويتا، نئين ڪهاڻي، نئون ناول، ناٽڪ ۽ نئين تنقيد جي نمايان روپ طور، ڏهاڪو يا ڏيڍ ڏهاڪو کن سال ڪافي فنامنل بڻجي پيو. هر ننڍي وڏي شهر مان، بي ساخته ڪافي ادبي مخزنون ۽ رسالا، هنئين جي زور تي نڪري نروار ٿيا. فرانز ڪافڪا، البيئر ڪامو، سارتر، پرومت جيمس جائس جهڙا عالمي اديب، اِن ٽهيءَ جا رول ماڊل بڻجي پيا. اِن حوالي ۾، اڳيان نئين ڪويتا جي اهم ڪوين جا نالا ذڪر هيٺ آندا اٿم. ڪهاڻيءَ ۾ شيام جئسنگهاڻي، ايشور چندر، آنند کيماڻي، وشنو ڀاٽيا ڪي ڌار تري بيهندڙ سرجن ڪار آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ جي صنفن کي اُنجي اندرئين سٽاوَ ۾ تبديل، اُڻت بڻت ۽ ڊسٽرب ڪندڙ احساسداريءَ سان هڪ تازگيءَ ڀريو نئون تيوَر بخشيو. توڙي ڀارت ۾ ٺڪرين تي بيٺل پاڙن واري سنڌي جاتيءَ ۾ پنهنجي جداگانه سڃاڻپ، ٻولي ۽ ڪلچر کي بچائڻ ۽ وجود قائم رکڻ جي جدوجهد وڌيڪ گهري ٿي آهي ۽ سنڌي پڙهندڙ طبقو گهٽيو. پر پوءِ به گذريل صديءَ جي انهن پونئين ڏهاڪن ۾ سنڌي ادب ۾ جديديت جو اِهو ولولو لاشڪ عبرت ۾ وجهندڙ رهيو. محدود وسيلن ۽ ڏي وٺ جي باوجود، خود سرحد پار سنڌ جي ادب ۽ افساني تي، هتان جي اِنهي جديد لهر جيئن هتي ڏٺوسين، ڪافي اثر وڌو (خير اُن بابت آئينٽڪ پٺڀرائي يا رد قد اسانجا سنڌ سرزمين جا پارکو وڌيڪ آڇي سگهندا).
    هاڻي ويجهڙائي وارن سالن ۾، ڪي سال گذريل صديءَ جا، ڪي بنهه هاڻوڪا چار پنج سال ايڪويهين صديءَ جا، عام ٽڙيل پکڙيل محدود سنڌي سماج جي ذري گهٽ ناآشنائيءَ، پڙهندڙ طبقي جي ڪنهن به معقول پٺڀرائي توڙي للڪار جي، هاڻي مونکي احساس ٿيڻ لڳو آهي ته، باوجود اُن بعد ڪنهن فيصلاڪُن نئين ٽهيءَ جي آمد کان سواءِ (ٻين ڀارتيه ٻولين جي ادب جي برعڪس) بعد جديديت جا ڪجهه ڇڊا پاڊا آثار، اِنهن گذشته پيڙهين جي بچيل کچيل تخليقڪارن منجهان، ڪهاڻي، ڪويتا، تنقيد وغيره جي روپ ۾، باز وقت زاڪ ديريدا جي ڀڃ گهڙ واري اصول جي اثر هيٺ، يا اِستري فلاسافر، عورت جي امپاورمينٽ جي حامي ۽ ٻوليءَ جي پيچيدي اُڻت بڻت مان لٽرري ٽيڪسٽ جي (پراڻين نين تصنيفن) اندران ممڪن حد تائين نوان ۽ ڇرڪائيندڙ تخليقي ارٿ يا معنائون ڳولهڻ جي سگهه واري هڪ برجستي نقاد جوليا ڪرست ايوا جي سوچ ۽ فڪر جا ڪجهه پڙاڏا ڪن ڪهاڻين (مايا راهي)، ڪن ناولن (لعل پشپ ۽ آنند کيماڻي جا تازا ناول)، واسديو موهيءَ جي ڪن غزلن ۾ ٻڌجي سگهجن ٿا. پڪ سان چوڻ جي حالت ۾ ته ڪونه آهيان ته اِهي ٿورا آواز ۽ اِشارا، پنهنجي ٻوليائي سماج جي عڪاسيءَ بدولت آهن يا هن وشال، گلوبل ليول تي مالي يا اقتصادي سڌارن، مارڪيٽ فورسز جي اثرن ۽ تڪڙي ايندڙ لبرل ازم جي لهرن منجهان پوندڙ احساسي موٽ جو نتيجو آهن، يا خلقڻ جي سنسڪارن ۽ عادتن وس، ذهني عيش يا مجبوريءَ جا مظهر آهن. مان ڪنهن پڪي نتيجي تي پهچڻ ۾ پاڻ کي قاصر پيو سمجهان.
    پر هڪڙي ڳالهه خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو ته پنهنجي زبان ۾ ادب خلقڻ جي تڙپ، سڀني وٽ نه، ته به ڪن، ڪافي ٿورن وٽ، سبڪبائي رهي آهي، باوجود ان جي ته، تاريخي وهڪرا اسانجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سوچ، فڪر ۽ سرجڻ جي بنهه برخلاف وڃي رهيا آهن، اِنڪري ذاتي طور مون لاءِ ڪافي حد تائين، هار مڃڻ تائين جدوجهد ڪندو رهڻ جي اِڇا، تقويت ڀري ته اوس آهي

    بشڪريه سارنگا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو