عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
منير سولنگي
تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها،
تون ساٿ اچي ڏيندين سڀ وهم اجايا ها.
آخر ته چري دل آ، جو تنهنجي مٿان هرڪي،
برسات اُٺي غم جي، ته به نيڻ اجاياها.
معراج ڏسي ڪوئي ها، منهنجي مسرت جو،
جنهن وقت پرينءِ منهنجي گھر پير گھمايا ها.
جذبن جي گلستان ۾ هڪ وار نهار آئي،
سيني تي پٽا جڏهن تو نانگ نمايا ها.
آباد رهي ساقي، شل تنهنجو هي ميخانو،
ڪڏهن ته اسان ڀي هت، ڪجھ جام لٽايا ها.
تڙپيس ۽ رنس ليڪن هن خونه مٽي پنهنجي،
پٿر جي خدا آڏو سجدا مون گنوايا ها.
هر وقت مٺا ماندو، توڪاڻ ”منير“ آهي،
تو جنهن کي صنم جلون جا چنڊ چمايا ها۔
تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها،
تون ساٿ اچي ڏيندين سڀ وهم اجايا ها.
آخر ته چري دل آ، جو تنهنجي مٿان هرڪي،
برسات اُٺي غم جي، ته به نيڻ اجاياها.
معراج ڏسي ڪوئي ها، منهنجي مسرت جو،
جنهن وقت پرينءِ منهنجي گھر پير گھمايا ها.
جذبن جي گلستان ۾ هڪ وار نهار آئي،
سيني تي پٽا جڏهن تو نانگ نمايا ها.
آباد رهي ساقي، شل تنهنجو هي ميخانو،
ڪڏهن ته اسان ڀي هت، ڪجھ جام لٽايا ها.
تڙپيس ۽ رنس ليڪن هن خونه مٽي پنهنجي،
پٿر جي خدا آڏو سجدا مون گنوايا ها.
هر وقت مٺا ماندو، توڪاڻ ”منير“ آهي،
تو جنهن کي صنم جلون جا چنڊ چمايا ها۔