بدر ابڙو: سنڌ کي دستاويزي ڪندڙ هڪ ڪمپيوٽر زرار پيرزادو بدر ابڙو، انور پيرزادي ۽ سنڌ جي ٻين انتهائي ٿورن ليکڪن مان هڪ آهي، جنهن پاڻ کي سنڌ جو شاگرد سمجهي ڪري ان جو مطالعو ڪيو آهي، علم جي حاصلات جو ئي اهو جذبو آهي، جنهن کيس ڊرائنگ روم مان ڪڍي فيلڊ ۾ اچي بيهاريو آهي ۽ اها ئي شئي آهي جيڪا کيس روايتي ليکڪن کان ممتاز ڪري بيهاري ٿي. انور پيرزادو صاحب به چوندو هو ته ” علم فيلڊ ۾ آهي، لائبريرين ۾ ڪتاب هوندا آهن“. بدر ابڙي جي هڪ خاص خوبي اها به آهي ته هو ڪنهن به خيال، سوچ يا نظرئي آڏو فل اسٽاف ڏئي ڪري سوچڻ ۽ سمجهڻ واري عمل کي بيهاري ناهي ڇڏيندو، پر هو ان کي ”ڪاما“ ڏيئي ڪري تحقيقي ۽ کوجنائي سفر کي جاري رکي ڪري جيڪو به ڪم ڪري ٿو سو ”دريافت“ بڻجي پئي ٿو، پنهنجي راءِ کي ”حرف آخر“ سمجهي ڪري ڳنڍ ٻڌي نه بيهڻ هن جي ٻي وڏي خوبي آهي. پاڻ کي ڪجهه نه سمجهي ڪري هن جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، سو سندس عظيم سوچ جو ثمر آهي. بدر سنڌ جي انهن ٿورن ليکڪن مان به هڪ آهي جنهن تخليقي ۽ تحقيقي مورچن کي هڪئي وقت پئي سنڀاليو آهي، هي تمام وڏو مُهم جو به آهي، جيڏو حساس ۽ انتهائي نفيس لکڻين جو مالڪ آهي ته اڻانگن سفرن جو وري سگهارو مڙس به آهي، بدر جي اها شعوري ڪوشش هوندي آهي ۽ هو انور صاحب وانگي ان جي پرچار به ڪندو رهيو آهي ته سنڌ ۾ توهان کي جيڪو ڪجهه به نظر اچي ٿو تنهن کي اڄ ئي قلمبند ڪري سڄي تاريخ لکو. بدر جي تحقيق جو اهو انداز به کيس ممتاز ڪري ٿو، هو جيڪا به شئي پنهنجي ٻن اکين سان ڏسندو آهي تنهن کي تر تڪڙ ۾ پني تي لاهي ڇڏيندو ۽ ان کي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندو. سنڌ کي دستاويز ڪرڻ جي اهميت ۽ ضرورت کان جيئن ته هيءُ خوب واقف آهي، ان ڪري هيءُ خاموشي سان ڪنڊائتو ٿي ڪم، ڪم ۽ بس ڪم ئي پئي ڪندو رهي ٿو ۽ هاڻي هن ايترو ڪم ڪيو آهي جو ان کي ڇپائڻ ۽ سهيڙڻ سندس لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي، اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته هتي هڪ پاسي اسان جا سرڪاري ادارا ۽ سرڪاري ادارن ۾ ويٺل ڪک ڀڃڻ لاءِ به تيار ناهين ٻئي پاسي ذاتي طور تي ڪي ماڻهو ايترو ڪم ڪن ٿا جو اهو ڇپجڻ کان رهجي وڃي ٿو ۽ سرڪاري ادارا ٺهيل ٺڪيل ڪم کي به ڇپائي نٿا سگهن، ان حوالي سان بدر ابڙي ڪيترن ئي ادارن کي پنهنجا ڪتاب ڇپائڻ جي آڇ به پئي ڪئي آهي ته عملي موٽ نه مليس، تنهن ڪري ئي هڪ ڀيري انتهائي دکدائڪ ٿي چيو هيائين ته ”زرار! جيڪڏهن مان مري وڃا ته مون سان گڏ منهنجو هيءُ سمورو اڻ ڇپيل تحقيقي ڪم به دفن ڪري ڇڏجو“. بهر حال حالتون ڪهڙيون به ناسازگار ۽ ڏکيون هجن بدر ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ ڪمپيوٽر بڻجي سنڌ کي ڊاڪيومينٽ ڪرڻ ۾ جنبيل آهي، هن جي تخليق ۽ تحقيق جو اهو پهلو انتهائي با مقصد رهيو آهي ته هيءُ جيڏانهن به ويو، جنهن به دنيا ۾ ويو ته ان کي ڊاڪيومينٽ ڪري ڪتابي شڪل ڏئي ڇڏيائين، سنڌو درياءَ جو سفر ڪيائين ته ”سنڌو مهم“ تي ڪتاب لکي ڇڏيائين، جيل ويو ته سنڌي ادب کي شاهڪار ”جيل ڊائري“ ڏنائين، سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو ته سنڌي ادب کي ”تنقيد نگاري“ جو انتهائي املهه ڪتاب ڏنائين، گوتم ٻڌو جي ديس نيپال ويو ته سفر نامو لکي ورتائين، ڀٽائي سان عشق ڪيائين ته ان تي ڪتاب اچي ويو، ڀٽائي جو تصوراتي مجسمو به ٺاهي ورتائين جيڪو ڀٽائي جو مشهور ماڊل بڻجي ويو آهي، تاريخي ماڳ رني ڪوٽ جو سنڌ ايڪسپلوريشن ۽ ايڪسپيڊيشن جي شيم سان سروي ڪيائين ته ان تي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪتاب اچي ويا، انسان جي ارتقاءَ تي سوچيائين ته ڪتاب ”ماڻهو“ مارڪيٽ ۾ اچي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس کير ٿر جبل تي لکيل ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ جي زينت بڻجي چڪو آهي.بدر ابڙي جو ايم آر ڊي تحريڪ بابت به هڪ اڻڇپيل ڪتاب موجود آهي، جيڪو سالن کان ڇپائي جي انتظار ۾ آهي، بدر جي ان ڪمپيوٽر نما رفتار سان ٿيندڙ ڪم کي ڏسي ڪري ان حقيقت ۾ وري ايمان قائم ٿي وڃي ٿو ته پاڻ وٽ ادارا نه پر شخصيتون ئي ڪم ڪن ٿيون، اها سنڌ جي الائي بدقسمتي آهي، الائي خوشقسمتي؟!! بشڪريه عوامي آواز
جواب: بدر ابڙو: سنڌ کي دستاويزي ڪندڙ هڪ ڪمپيوٽر منهنجي شخصي ۽ ادبي زندگي بدر ابڙو ڪيڏو عجيب مرحلو آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ ته مان ڇا آهيان؟ منهنجو خيال آهي ته يا آئون ڪجهه آهيان ئي ڪو نه يا وري ازل کان ابد تائين هوندس: ڪنهن ماڻهو جي ڪا حيثيت هجي ته هجي، مان ته ذرڙو آهيان جنهن جي ڪا به حيثيت ڪو نه آهي، البت ضرور سوچيندو آهيان ته ”ڪل“ جي تڪميل ان مهل تائين ڪيئن ٿي سگهي ٿي جيستائين ان مان ذرڙو کٽل آهي. ان ڪري آئون به ڪل جو حصو آهيان. جيئن ٻارڙن جا نالا سندن ماءُ پيءُ جي ذهن جي عڪاسي ڪندا آهن تئين منهنجي ذهن کي پڙهڻ لاءِ منهنجن ڪتابن ۽ ڪالمن جا عنوان پڙهو، منهنجي روح کي سمجهڻ چاهيو ته پوءِ لکڻيون پڙهو، آئون فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته مون پيار جو پورهيو ڪيو آهي، مصلحتن کي پاسو ڪيو اٿم ۽ وڪاڻو به نه آهيان. جيڪو به ڪم کنيو اٿم ڪوشش ڪري ڪمٽمينٽ سان ڪيو اٿم. ڪچايون ضرور اٿم سي به تمام گهڻيون جسماني طرح به ڪمزور آهيان ۽ عقليت، دليل ۽ اهليتن جي اعتبار کان به پاڻ ۾ ڪوتاهيون ڏسان ٿو پر جڏهن به بي ايماني سنڌ ۽ سنڌين سان ويساهه گهاتيءَ جو الزام لڳو. مري پوندس. سٺي سنگت مليم، سنڌي ادبي سنگت ”علمي ماءُ اٿم“ ڄڻيو ته سنڌ آهي ۽ مرڻ کانپوءِ به سنڌ جي مٽيءَ ۾ ئي ملڻ جي خواهش رکان ٿو. ڀٽائي جي پيرن ۾ جاءِ ملي ته ڄڻ محنت قبول پئي! هونئن آئون موت ۾ به بس ايترو ئي يقين ٿو رکان جيئن غالب چيو آهي ته زندگي ڪجهه عنصرن جي ترتيب آهي ۽ ”ظاهري“ موت انهن جو پريشان ٿي وڃڻ آهي، آئون هميشه جي زندگيءَ جو قائل آهيان، ڪو ان کي روحاني معنيٰ ۾ وٺي يا مادي جي معنيٰ ۾، جنهن صورت ۾ مادو ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي ۽ شڪل بدلائي ٿو، تئين آئون به ازل کان روپ بدلائيندو پيو اچان، باقي هن ڌرتيءَ تي پنهنجي موت کان پوءِ به ڪجهه عرصو زندهه رهي سگهجي ٿو، پنهنجي ڪيل ڪم جي بنياد تي. پيار جو پورهيو ڪيو اٿم. ماڻهن ڏاڍو پيار ڏنو آهي، سچ پچ ايترو گهڻو جو سنڀالي نٿو سگهان. پاڻ فقرائي نموني پيا ٿا هلون ۽ جبل، ٿر، بر، ميدان ۽ ڊيلٽا جهاڳيون. جيستائين جسم ۽ حالتن ساٿ ڏنو پيا هلنداسين، اجهو وري سفر تي پيو وڃان، توڻي جو هڪ مهينو اڳ قافلي سميت ڦرجي آيو آهيان، دوستن جي دعا ۽ زندگي جو پروگرام جوڙيندڙ جي مهربانيءَ سان کوڙ سارو مواد هٿ ۾ اٿم، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪو نوجوان رضاڪار ساٿ ڏئي ته ڏهاڪو کن ڪتاب تيار ۽ ڪمپوز ڪري ڇڏجن. آئون ٽائپسٽ ڪو نه آهيان نه ته جيڪر اهو به ڪم ڪري ڇڏيان ها.! جيستائين جيئرو آهيان واعدو ٿو ڪريان ته ورچي ڪو نه ويهندس، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به سوچيندو آهيان ته اسان جيڪو ڪم ڪريون ٿا، ڪٿي ”اجايو“ ته ڪو نه آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو دل چوندي آهي ته ڪتابن ۽ مسودن جو دڙو ٺاهي انهن کي تيلي ڏيئي ڇڏيان. ائين ته ڀٽائي سوچيو هو جو سڄو رسالو کڻي ڪراڙ ۾ اڇلايو هئائين، خير ! اهي شايد ڪي مختصر دورا ٿين ٿا جيڪي هر ليکڪ کي پوندا هوندا. لکڻ مون کي تمام گهڻو پيار ڏنو آهي پر تمام گهڻو ورتو به آهي، ايترو گهڻو ۽ جذبن کي ڌوڏيندڙ جو آئون بيان ڪري به نٿو سگهان، جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ليکڪ دنيا جو سڀ کان خوش نصيب ماڻهو ٿئي ٿو، اهو نٿو ڄاڻي ته ساڳيو شخص معاشي ۽ سماجي طور ڪهڙن گهاڻن مان پيڙجي نڪري ٿو، پر ان هوندي به عزت نفس سبب ڪنهن جي آڏو هٿ نٿو ٽنگي. مون پنهنجون سڀ تحريرون موضوعن جي لحاظ کان، مسودن وانگر جدا جدا رکي ڇڏيون آهن ته جيئن مون کان پوءِ ڪنهن کي ڳولڻ ۾ تڪليف نه ٿئي، ڪي ڪم هٿ ۾ آهن اهي ٽڙيل پکڙيل آهن، جنهن کي زندگي ٿو چئجي ان تي ڀروسو ڪرڻ اجايو آهي، ان ڪري سڀ ڪم پاڻ ڪرڻ جو عادي آهيان، ڏسندي ڏسندي اڌ سنگت موڪلائي وئي آهي، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، ڪيهر شوڪت، هدايت منگي، رزاق مهر ! اهي ته منهنجي پنهنجي ٽهيءَ جا هئا، باقي ڪي ٻه چار ذاتي دوست آهن، الله سائين کين وڏي ڄمار ڏئي.! اسان پنهنجي جوانيءَ ۾ سدائين رضاڪار رهياسين، اڄ به آهيون پر هاڻي شايد ئي ڪو ماڻهو رضاڪار بچيو آهي سڀ پروفيشنل ٿي ويا آهن، اها ڪا خراب ڳالهه ڪو نه آهي بلڪه چڱو آهي، اسان ته پاڻ کي ڪنهن پروفيشنل وانگر وڪڻي به ڪو نه سگهيا آهيون، اڄ اسان کي رضاڪار طور ڪيل ۽ اڌ ۾ رهيل ڪمن جي پورائي لاءِ ڪو رضاڪار نوجوان کپي ته ملي ئي ڪو نه ٿو. سچ پچ ڪم لاءِ حالتون ڏکيون ٿينديون پيون وڃن. خبر ناهي ته آئون ڪنهن محبت ۾ نڪتل آهيان يا وحشتن ۾، پر ايترو پري نڪري آيو آهيان جو موٽ جي ڪا صدا ڪم ئي نه ٿي ڪري، سچ پچ ته اهو پتو ئي نٿو پوي ته ان سفر ۾آئون ڪٿي پهتو آهيان، ڪهڙي جبل جي ڪهڙي لڪ ۾ آهيان بس! دعا ڪريو ته سج لڪ ۾ نه لهي ۽ هٿ ۾ رهيل ڪم مڪمل ڪري وٺان.!
جواب: بدر ابڙو: سنڌ کي دستاويزي ڪندڙ هڪ ڪمپيوٽر بدر ابڙو جي شخصيت هڪ انسائيڪلو پيڊيا کان گهٽ ناهي۔ بدر سنڌو دريا جو سفر ٻيڙيء ۾ ڪري سنڌوءَ جي تاريخ سهيڙي آهي۔ مهرباني ڀا ممتاز شيئرنگ جي
جواب: بدر ابڙو: سنڌ کي دستاويزي ڪندڙ هڪ ڪمپيوٽر جي ادا بلڪل بدر ابڙو تمام بهترين شخصيت آهي تمام بهترين ادا.