زرار پيرزادو بدر ابڙو، انور پيرزادي ۽ سنڌ جي ٻين انتهائي ٿورن ليکڪن مان هڪ آهي، جنهن پاڻ کي سنڌ جو شاگرد سمجهي ڪري ان جو مطالعو ڪيو آهي، علم جي حاصلات جو ئي اهو جذبو آهي، جنهن کيس ڊرائنگ روم مان ڪڍي فيلڊ ۾ اچي بيهاريو آهي ۽ اها ئي شئي آهي جيڪا کيس روايتي ليکڪن کان ممتاز ڪري بيهاري ٿي. انور پيرزادو صاحب به چوندو هو ته ” علم فيلڊ ۾ آهي، لائبريرين ۾ ڪتاب هوندا آهن“.
بدر ابڙي جي هڪ خاص خوبي اها به آهي ته هو ڪنهن به خيال، سوچ يا نظرئي آڏو فل اسٽاف ڏئي ڪري سوچڻ ۽ سمجهڻ واري عمل کي بيهاري ناهي ڇڏيندو، پر هو ان کي ”ڪاما“ ڏيئي ڪري تحقيقي ۽ کوجنائي سفر کي جاري رکي ڪري جيڪو به ڪم ڪري ٿو سو ”دريافت“ بڻجي پئي ٿو، پنهنجي راءِ کي ”حرف آخر“ سمجهي ڪري ڳنڍ ٻڌي نه بيهڻ هن جي ٻي وڏي خوبي آهي. پاڻ کي ڪجهه نه سمجهي ڪري هن جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، سو سندس عظيم سوچ جو ثمر آهي.
بدر سنڌ جي انهن ٿورن ليکڪن مان به هڪ آهي جنهن تخليقي ۽ تحقيقي مورچن کي هڪئي وقت پئي سنڀاليو آهي، هي تمام وڏو مُهم جو به آهي، جيڏو حساس ۽ انتهائي نفيس لکڻين جو مالڪ آهي ته اڻانگن سفرن جو وري سگهارو مڙس به آهي، بدر جي اها شعوري ڪوشش هوندي آهي ۽ هو انور صاحب وانگي ان جي پرچار به ڪندو رهيو آهي ته سنڌ ۾ توهان کي جيڪو ڪجهه به نظر اچي ٿو تنهن کي اڄ ئي قلمبند ڪري سڄي تاريخ لکو.
بدر جي تحقيق جو اهو انداز به کيس ممتاز ڪري ٿو، هو جيڪا به شئي پنهنجي ٻن اکين سان ڏسندو آهي تنهن کي تر تڪڙ ۾ پني تي لاهي ڇڏيندو ۽ ان کي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندو.
سنڌ کي دستاويز ڪرڻ جي اهميت ۽ ضرورت کان جيئن ته هيءُ خوب واقف آهي، ان ڪري هيءُ خاموشي سان ڪنڊائتو ٿي ڪم، ڪم ۽ بس ڪم ئي پئي ڪندو رهي ٿو ۽ هاڻي هن ايترو ڪم ڪيو آهي جو ان کي ڇپائڻ ۽ سهيڙڻ سندس لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي، اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته هتي هڪ پاسي اسان جا سرڪاري ادارا ۽ سرڪاري ادارن ۾ ويٺل ڪک ڀڃڻ لاءِ به تيار ناهين ٻئي پاسي ذاتي طور تي ڪي ماڻهو ايترو ڪم ڪن ٿا جو اهو ڇپجڻ کان رهجي وڃي ٿو ۽ سرڪاري ادارا ٺهيل ٺڪيل ڪم کي به ڇپائي نٿا سگهن، ان حوالي سان بدر ابڙي ڪيترن ئي ادارن کي پنهنجا ڪتاب ڇپائڻ جي آڇ به پئي ڪئي آهي ته عملي موٽ نه مليس، تنهن ڪري ئي هڪ ڀيري انتهائي دکدائڪ ٿي چيو هيائين ته ”زرار! جيڪڏهن مان مري وڃا ته مون سان گڏ منهنجو هيءُ سمورو اڻ ڇپيل تحقيقي ڪم به دفن ڪري ڇڏجو“.
بهر حال حالتون ڪهڙيون به ناسازگار ۽ ڏکيون هجن بدر ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ ڪمپيوٽر بڻجي سنڌ کي ڊاڪيومينٽ ڪرڻ ۾ جنبيل آهي، هن جي تخليق ۽ تحقيق جو اهو پهلو انتهائي با مقصد رهيو آهي ته هيءُ جيڏانهن به ويو، جنهن به دنيا ۾ ويو ته ان کي ڊاڪيومينٽ ڪري ڪتابي شڪل ڏئي ڇڏيائين، سنڌو درياءَ جو سفر ڪيائين ته ”سنڌو مهم“ تي ڪتاب لکي ڇڏيائين، جيل ويو ته سنڌي ادب کي شاهڪار ”جيل ڊائري“ ڏنائين، سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو ته سنڌي ادب کي ”تنقيد نگاري“ جو انتهائي املهه ڪتاب ڏنائين، گوتم ٻڌو جي ديس نيپال ويو ته سفر نامو لکي ورتائين، ڀٽائي سان عشق ڪيائين ته ان تي ڪتاب اچي ويو، ڀٽائي جو تصوراتي مجسمو به ٺاهي ورتائين جيڪو ڀٽائي جو مشهور ماڊل بڻجي ويو آهي، تاريخي ماڳ رني ڪوٽ جو سنڌ ايڪسپلوريشن ۽ ايڪسپيڊيشن جي شيم سان سروي ڪيائين ته ان تي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪتاب اچي ويا، انسان جي ارتقاءَ تي سوچيائين ته ڪتاب ”ماڻهو“ مارڪيٽ ۾ اچي ويو.
ڪجهه ڏينهن اڳ سندس کير ٿر جبل تي لکيل ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ جي زينت بڻجي چڪو آهي.بدر ابڙي جو ايم آر ڊي تحريڪ بابت به هڪ اڻڇپيل ڪتاب موجود آهي، جيڪو سالن کان ڇپائي جي انتظار ۾ آهي، بدر جي ان ڪمپيوٽر نما رفتار سان ٿيندڙ ڪم کي ڏسي ڪري ان حقيقت ۾ وري ايمان قائم ٿي وڃي ٿو ته پاڻ وٽ ادارا نه پر شخصيتون ئي ڪم ڪن ٿيون، اها سنڌ جي الائي بدقسمتي آهي، الائي خوشقسمتي؟!! بشڪريه عوامي آواز