سنڌي اڳواڻ ٿيڻ سولو پر سنڌي ٿيڻ تمام ڏکيو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي اڳواڻ ٿيڻ سولو پر سنڌي ٿيڻ تمام ڏکيو​

    [​IMG]
    انگريزن جي دور ۾ ٽن ماڻهن ”سنڌي“ سڏائڻ جو شرف حاصل ڪيو، اهي آهن: مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالواحد سنڌي . انهن مان مولانا عبيدالله پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏايو ۽ باقي ٻين مهربانن کي غير سنڌين ”سنڌي“ سڏيو. مولانا عبيدالله کي سنڌ ڌرتيءَ دين ڏنو ۽ پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني. هن ڀلاري شخص سنڌ جي اهڙن ٿورن جي مڃتا ڪندي، پنهنجي لاءِ اعزاز ڄاتو ته هو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائي.
    شيخ عبدالمجيد جي سنڌي سڏجڻ جو قصو به تاريخي اهميت جو آهي. 1932ع ۾ پنجاب ۾ هڪ جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت علامه اقبال ٿي ڪئي . انهيءَ جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي پنهنجي اڳواڻن تي جو ڪاوڙ آهي ته هنن وٺي گوڙڪيو. اهي ڪنهن کان به پليا نه پيا پلجن . نيٺ اسان جي ڪونڌر شيخ عبدالمجيد ڪر کنيو ۽ مائيڪ جي اڳيان اچي بيٺو . حاضرين ۽ سامعين منجهان جتان ڪٿان آواز اچڻ لڳو: ”سنڌي ڪو سنو، سنڌي ڪو سنو“ گهڙي پلڪ ۾ چئني طرف خاموشي ڇائنجي وئي ۽ بگڙيل جلسو وڏي رونق ۾ اچي ويو. ائين ۽ انهيءَ کان پوءِ شيخ عبدالمجيد ”سنڌي“ سڏجڻ لڳو.
    مرحوم عبدالواحد سنڌي ​

    مرحوم عبدالواحد ذات جو انڍهڙ هو ۽ ننڍڙائپ ۾ مائٽن کان ڪاوڙجي سنڌ مان هليو ويو . سندس ڪاوڙ جو وڏو ڪارڻ هي هيو ته مائٽ کيس ديني تعليم ڏيارڻ پيا گهرن ۽ هي همراهه دنيا جي تعليم وٺي وڏو ماڻهو ٿيڻ پيو گهري . ڪجهه تعليم ورتائين ۽ سيد ذاڪر حسين جي مهربانيءَ سان هن کي ”جامعيه مليه“۾ پڙهندڙ ننڍڙن ٻارن جي سنڀال جي نوڪري ملي. نوڪري جي تقاضا اها هئي ته هو شادي شده هجي. ان ڪري کيس جيلاني سيدن مان گهر واري ملي. عبدالواحد پاڻ اتان جي ماحول ۾ اوپرو هئو، هن ته اتي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ به کيس ڌاريائپ سبب ”سنڌي“ سڏيو ويو ۽ اسان جو عبدالواحد ايئن ”سنڌي“ بڻجي ويو. بي بي سي ۾ ڪم ڪندڙ آصف جيلاني اسان جي عبدالواحد سنڌي انڍهڙ جو پُٽ آهي .
    انهن ٽنهي بزرگن يعنيٰ مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالواحد سنڌي تي ”سنڌي“ هجڻ ۽ سڏائڻ جو اهو رنگ چڙهيو جو اهي ٽئي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ انتهائي بي لوث، پر خلوص ۽ پنهنجي مقصد سان سچا رهيا ۽ ٽنهي جو انت ڏاڍو ڏکيو ٿيو.پڇاڙيءَ واري پهر ۾ هنن جي ذهني حالتن ۾ ڏاڍيون لاهيون چاڙهيون آيون .
    ”سنڌي ٿيڻ“ ۽ ”سنڌي سڏائڻ“ ڪا ٻاراڻي ڳالهه ڪانهي، انهيءَ امانت جو بار ٿئي ٿو . جنهن لاءِ ماڻهوءَ کي ڀوڳڻو پئي ٿو . غير مشروط طور تي بي لوث ۽ پرخلوص ٿيڻو پئي ٿو ۽ زندگيءَ ۾ انهن ماڻهن جي بي رخين، نظر اندازين ، تڪليفن، مخالفتن ۽ دشمنين جو نشانو ٿيڻو پئي ٿو ، جن لاءِ سوچجي ۽ لوچجي ٿو . ”جنين لاءِ مياس سي ڪلهي ڪانڌي ڪين ٿيا“ سنڌي ٿيڻ ۽ سنڌي هجڻ جي منزل آهي ، ڄاڻ سڃاڻ آهي ، اعزاز ۽ انعام آهي سچو سنڌي هوندو ته پنهنجا ۽ پراوا ساڻس زيادتيون ضرور ڪندا.
    عام سنڌي به سچو آهي، پر خلوص آهي ۽ بي لوث آهي ۽ وفادار آهي. هو منٿ ۽ محبت جو ماڳ آهي. عام سنڌيءَ سان سچي ته ڇا پر ڪوڙي محبت ڪري ۽ جتائي هن جو سر به لڻي سگهجي ٿو ۽ سر وڍڻ تي به سنڌي چون چران نه ڪندو. اسان جوعوام سنڌي آهي ان ڪري سور ۽ سختيون به سهندو حيرانيون ۽ پريشانيون به ڏسندو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسي به رهيو آهي ته برداشت به ڪري رهيو آهي. پر هن جو اڳواڻ خوش آهي، سک ۾ آهي ۽ سڪون ۾ آهي. ان ڪري هي چوڻ مناسب ٿيندو ته
    سنڌي ٿيڻ تمام ڏکيو پر سنڌي اڳواڻ ٿيڻ تمام سؤلو. جيڪڏهن سنڌي اڳواڻ ٿيڻ سؤلو نه هجي ها ته ايئن پنجن مان پندرهن نه ٿين ها، روزانو نت نوان ليڊر ۽ اڳواڻ پيدا نه ٿين ها . جيڪڏهن سنڌي اڳواڻ ٿيڻ مشڪل هجي ها ته پنڌ گهمڻ وارا ماڻهو پيجارن ۽ بنگلن ۾ پير پائي نه سگهن ها . پر اسان وٽ ته سياست جهڙو سولو واپار ۽ وهنوار آهي ئي ڪونه . هن ميدان ۾ جيڪو به سڃو آيو ته سائو ٿي ويو . هي عجيب طلسم آهي ۽ انوکو جادو آهي . جو آيو سو اگهيو .
    ايندڙ دؤر ۾ جڏهن سنڌ جي سياسي تاريخ لکي ويندي ته مستقبل جو محقق هر وجهه کان هي اعتراض اٿاريندو ۽ سوال اڀاريندو ته سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ هر پارٽي وحدت کي قائم رکڻ بدران پاڻ ڪثرت ۾ ڪيئن تبديل ٿي؟ ۽ هڪ پارٽي مان هڪ کان وڌيڪ پارٽين ڇو جنم ورتو؟ سنڌ جي ڪنهن به پارٽي نعم البدل قيادت ڇو نه پيدا ڪئي؟ هر پارٽي جاگيردارانه سوچ ۽ انداز سان ڇو هلائي وئي؟ گهڻي کان گهڻين پارٽين جي اڳواڻن ”رازداري“ ۽ ”ضابطي“ جي نالي ۾ اڀرندڙ قيادت ۽ پرخلوص ڪارڪنن جو استحصال ڇو ڪيو؟ ڪنهن خاص وقت کان پوءِ ڪنهن پارٽيءَ جا انتهائي پرُجوش، فعال ۽ ڪارائتا ڪارڪن پارٽي ڇڏي ڇو ويا؟ اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا سوال آهن، جن جا جواب سنڌ جي پارٽين جي قيادت کي ڏيڻا پوندا.انهن پاڻ جواب نه ڏنو ته تاريخ پاڻ انهن جو جواب تجويز ڪندي. اهي ماڻهو جيڪي تاريخ جي موڊ کي ڄاڻن ٿا ۽ سمجهن ٿا، سي هن ڳالهه تي اتفاق ڪندا ته سنڌ جي پارٽين جي قيادت ۽ پر خلوص ڪارڪنن هر هڪ نازڪ موڙ تي سنڌ جي خوشحالي، روشن مستقبل، سک ۽ سڪون واري تبديلي جي ڪوشش کي صدي اڌ صدي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ٻولي جي تحريڪ هجي يا ون يونٽ جي تحريڪ، ايم آرڊي جي تحريڪ هجي يا ڪالا باغ ڊيم جي تحريڪ هر موڙ تي عوام، بلڪ سنڌي عوام پنهنجي سياسي، نظرياتي ۽ قومي جذبي، ڏاهپ ۽ وابستگي جي ثابتي، بلڪ عملي ثابتي ڏني آهي. پر هر موڙ تي قيادت کان غلطيون ٿيون آهن۽ قيادتون غلطيون ڪنديون رهيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي قيادت غلطي نه ڪري ته ان جا پر خلوص، باصلاحيت ۽ سگهارا ڪارڪن بلڪ بازو ايئن ڪٽجي الڳ نه ٿين. جيڪڏهن انهن پر خلوص، باصلاحيت ۽ سگهارن ڪارڪنن ۾ نظرياتي پختگي هجي ها ته اهي لال جا آرسي ٿيڻ، صوفي منش ٿيڻ ۽ دنيا ترڪ ڪري ويهڻ کي اهميت نه ڏين ها . ان بدران هو پارٽي ۾ ويهي قيادت سان مهاڏو اٽڪائن ها يا قيادت جي جاگيردارانه سوچ ۽ عمل جو پڙدو چاڪ ڪن ها.
    ڪارڪنن بلڪ ڀڳوڙن ڪارڪنن جي انهيءَ عمل ڪنهن تبديلي ۽ ڪنهن انقلاب کي پٺتي ڌڪڻ ۾ اوترو ۽ اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي جيترو ان پارٽيءَ جي قيادت ڪردار ادا ڪيو آهي . سندن رويو اهڙو آهي جو چوندا آهن ته ڪنهن هنڌان ست ڀائر اچي گذريا. ڇهن ڀائرن کي نانگ کاڌو پر انهن دانهن ڪوڪ نه ڪئي. جڏهن ستون ڀاءُ نانگ کاڌو ته هن دانهن ڪئي ته ”گهوڙا ڙي گھوڙا مون کي نانگ کائي ويو .“ اهي ڪارڪن جيڪي قيادت جي نانگ کان ڏنگيا وڃن ٿا ، اهي خاموش ڇو ٿيندا آهن ؟ ڇا هي ڪارڪن چاهن ٿا ته ڌرتي تي زندهه رهندڙ آخري سنڌي اهڙي دانهن ڪري؟ ڪارڪنن جي اهڙي خاموشي تي سڄي قوم کي يرغمال بڻائي جاگيرداراڻي سوچ رکندڙ قيادت کي تحفي ۾ ڏئي ٿو . ڇا اهو ظلم ڪونهي؟ اهي ڪارڪن ڪهڙو قومي انقلاب آڻي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي پارٽيءَ ۾ انقلاب آڻي نه ٿا سگهن. اهي ڪهڙي دشمن جي سيني کي چيري سگهندا .
    [​IMG]
    ۔

    [​IMG]
    ۔
    [​IMG]
    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي)
     
  2. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي اڳواڻ ٿيڻ سولو پر سنڌي ٿيڻ تمام ڏکيو

    ادا ممتاز تمام بهترين ونڊ آهي۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي اڳواڻ ٿيڻ سولو پر سنڌي ٿيڻ تمام ڏکيو

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو