ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )​

    [​IMG]
    تبصرو: ڊاڪٽر قربان علي جهتيال

    مارچ 1983ع تي اتر سنڌ جي تاريخي ميرن واري شهر خيرپور ۾ 927 ڪلو هرٽز تي ريڊيو پاڪستان خيرپور جو افتتاح ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هيءُ ريڊيو اسٽيشن نشرياتي دور ۾ ٽاپ ڪري وئي. هن علائقي جي علمي، ادبي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي قدرن کي هڪ وڏو نالو ملي ويو ۽ هن اسٽيشن خدمتن جا وڏا رڪارڊ قائم ڪري ورتا، براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ وڏي مڃتا ماڻي، ميڊيا جي هن تيز ترين دور ۾ ريڊيو کي اڄ به پنهنجي اهميت حاصل آهي. نيوز هجي، موسيقي هجي، تفريح ۽ ڄاڻ هجي، هر فيلڊ ۾ پنهنجي جاءِ والاري بيٺو آهي. هن ريڊيي 27 سالن جي سفر ۾ تمام وڏا فنڪار، ڊراما آرٽسٽ، ڪمپيئر، انائونسر، پروڊيوسر ۽ شاعر پيدا ڪري ملڪ ۽ قوم جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن ريڊيو جي نشريات ڪاڇو ۽ ٿر کان علاوه ڏاکڻيو پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. هن وقت نشريات جا ڪجهه مسئلا ضرور آهن. مشينري ۾ فني خرابي ۽ جنريٽر جي خراب حالت سبب ريڊيو جي نشريات ۾ خلل ضرور پوي ٿو، ان لاءِ لکين لسنر پريشان آهن.اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير ۽ ٻي انتظاميا ريڊيو نشريات جي اصلي معيار لاءِ ڪوشان آهن. اميد ڪجي ٿي ته جلدي ڪو حل نڪري ايندو ۽ اها خرابي دور ٿي ويندي.
    هن وقت ريڊيو خيرپور جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ناميارو شاعر اديب ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو آهي. جنهن جي بيمثال ڪم ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان ريڊيو پروگرامن ۾ بهتري آئي آهي. پهريون ڀيرو اسٽوڊيوز هڪ آرٽ گيلري قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ريڊيو سان وابسته اديبن شاعرن ۽ آرٽسٽن ۽ فنڪارن جون تصويرون سجايون ويون آهن. مختيار ملڪ ۽ خليل ڪمپيوٽر پروگرام مئنيجر آهن. محمد الياس نيوز ايڊيٽر آهي. پروڊيوسرن ۾ اعجاز وساڻ، مير ملاح، ڪليم الله شيخ، الياس لاشاري، ربنواز سولنگي، اسرار احمد ڪولاچي، سيد اڪبر شاهه ۽ نظير گلال شامل آهن جن پنهنجي خداداد صلاحيتن وسيلي علم ۽ ادب جي تمام وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ مثالي ڪم ڪيا آهن. ارشاد جاگيراڻي، مشتاق مغل، امر اقبال، محمود سومرو، صاحب خان شيخ، اختر ٽانوري، نظير سهتو، صائمه سومرو ۽ افسانه چنا نالي وارا ڪمپيئر آهن. مذهبي، سائنسي، تاريخي، ادبي، سياسي، ڪرنٽ افيئر، رانديون، سياست ۽ ثقافت جا پروگرام سر فهرست آهن.
    نئون سج:ريڊيو خيرپور جو هي پراڻو پروگرام آهي جنهن کي نوجوان پروڊيوسر ڪليم الله شيخ پيش ڪري ٿو، نت نئين موسيقي ۽ ڄاڻ پروگرام جي جان آهن. ڪمپيئرن ۾ محمود سومري، اختر ٽانوري، آفسانه چنا، صائمه سومرو، صاحب خان شيخ، رابع چوهاڻ ۽ امر اقبال پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.
    ماروئڙا:هي مقبول پروگرام آهي، اسرار احمد ڪولاچي پروگرام ۾ نئون رنگ ڀريو آهي. پروگرام ۾ براڊڪاسٽ جا انٽرويوز، ڳوٺن جا تعارف سنڌي پهاڪا، لطيف رنگ ۽ سچل سارو سچ شامل هوندا آهن.پروگرام ۾ دستاويزي فيچر وري شروع ڪيا وڃن.
    هيلو ريڊيو خيرپور:
    هونئن ته پريزنٽيشن شعبي طرفان روزانو اوهان جي فرمائش ۽ اوهان جي پسند شامل ٿين ٿا، تمام سٺا آواز انائونسر آهن پر فون ذريعي رڪارڊ ٿيندڙ پروگرام هيلو ريڊيو خيرپور ٻڌندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، پر رڪارڊنگ جو معيار بهتر ناهي، جملن جو ساڳو ورجاءُ ٿئي ٿو. پروگرام جو پرڊيوسر نظير گلال آهي ۽ ڪمپيئر نظير سهتو آهي، پروگرام ۾ نواڻ جي ضرورت آهي. اردو ۾ فون وارو پروگرام مير ملاح پيش ڪري ٿو جنهن جي ميزبان ارم ڪنول آهي. هي تفريحي رنگ آهي، پروگرام ۾ مشتاق مغل اٿس، مشتاق محنتي ۽ ايماندار ڪمپيئر آهي پروڊيوسر کي گهرجي ته تڪراري نوعيت جا سوال نه ڏئي ۽ لسنرز جا انٽرويوز ۽ انعامي رنگ به رکيو وڃي. پروڊيوسر مير ملاح پروگرام جو رڪارڊ رکي.
    ادبي سنگت:ادب ۽ شاعري جي اپٽار لاءِ هي ادبي پروگرام مسرت علي منگي نشر ڪري ٿو، نوجوان شاعر امر اقبال ميزبان آهي، ڪتابن تي تبصرا، شاعرن ۽ ليکڪن جا انٽرويوز، مشاعرا، مذاڪرا ۽ ادبي سڌ سماءَ جا پروگرام هن جي جان آهن، ادبي حوالي سان هي هڪ منفرد پروگرام آهي. اڃا به شاعرن کي وڌ ۾ وڌ موقعو ڏنو وڃي.
    اوهان جو خط پهتو:ٻڌندڙن جي خطن جا جواب هن پروگرام ۾ شامل هوندا آهن، پروڊيوسر اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو پاڻ آهي، ميزبان اياز علي ميمڻ ۽ شبانه حيدر آهن، تمام دلچسپ پروگرام آهي.
    سهڻي ڌرتي:
    هي آبادگار ڀائرن ۽ ماروئڙن لاءِ زرعي ۽ ثقافتي پروگرام آهي، نوجوان پروڊيوسر اڪبر شاهه پروگرام کي سنڀاليو آهي. هن پروگرام ۾ سگهڙ فنڪار اديب ۽ زرعي ماهر ايندا آهن، علي بخش مري، غلام قادر ميراڻي، مير صوبيدار سعيد، نياز نوناري پروگرام جا ڪمپيئر آهن. زرعي مسئلن تي سلسلو اتم کيتي محمد حنيف رند تربيب ڏئي ٿو.
    سنڌي ڊراما:هن اسٽيشن تان وقت بوقت سٺا ڊراما نشر ٿين ٿا، هن پروگرام جو پروڊيوسر ربنواز سولنگي آهي، نون لکندڙن کي به همٿايو وڃي ٿو. هاشم ڀٽي صائمه سومرو، محمود سومرو، افسانه چنا، ايم يحيٰ ڀٽو، مير صوبيدار سعيد ۽ ٻيا کوڙ ڊراما لکندڙ آهن، جيڪي هن اسٽيشن تان اڀريا آهن ۽ ڊرامي ۾ وڏو اتساهه پيدا ٿيو آهي.
    هن اسٽيشن جي موسيقي به وڏي تاريخ رکي ٿي. شاهه عبداللطيف، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي شاعرن کي تمام گهڻو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. نون شاعرن کي به ترجيح ڏني ويندي آهي. موسيقي جو شعبو اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ سيد اڪبر شاهه جي حوالي آهي. هن اسٽيشن تان مقامي نيوز به نشر ٿين ٿيون، ٻارڙن لاءِ عورتن لاءِ ۽ نوجوانن جي لاءِ دلچسپ پروگرام نشر ٿين ٿا. نيوز ايڊيٽر الياس لاشاري آهي. علائقي جي سڀني خبرن ۽ مسئلن کي ڪوريج ملي ٿي. هڪ شاعر، هڪ فنڪار، مهراڻ رنگ، لوڪ رنگ به ريڊيو جي سڃاڻپ آهن. هن ستاويهين سالگرهه جون مبارڪون اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو ۽ ٻئي سموري عملي کي دلي مبارڪون ڏيون ٿا ۽اميد ڪريون ٿا ته ميڊيا جي هن دور ۾ ريڊيو خيرپور جي پروگرامن جو معيار عالمي ليول تي رکيو وڃي، نون فنڪارن کي موقعو ڏنو وڃي، ريڊيو خيرپور جي بجيٽ وڌائي وڃي ۽ خراب مشينري کي جلد درست ڪري ٻڌندڙن جي پسند ۽ راين جو احترام ڪيو وڃي، اسان جون دعائون هن اسٽيشن ۽ عملي سان سدائين گڏ آهن.

    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )

    80 جي عشري جي آخر ۾ خيرپور ريڊيو جي مشهوري تمام گهڻي ٿي ۽ سندس مقبوليت به تمام وڌي وئي هئي۔ انهن ڏينهن ۾ اڃان ٽي وي جي نشريات ايترو گهڻو ڪونه هئي۔ ان دور ۾ شوڪت خاصخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ جهڙن محنتي ماڻهن ريديو خيرپور کي انتها تي پهچايو هو۔

    خبر ناهي هاڻي ته مان ڪوئي 8 سالن کان ريڊيو خيرپور ۽ حيدرآباد ڪونه ٻڌي آهي۔
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )

    بهترين ونڊ آهي
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )


    ڀاء وساڻ صاحب توهان سچ ٿا چئو ته 80 جي عشري ۾ ريڊيو تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ مان ته ريڊيو جو ديوانو هوندو هئس، ( ريڊيو گهر ۾ دڪان تي توڙي سفر ۾ ساڻ هوندو هو، گهر ۾ ته وڏا ريڊيا هوندا هئا پر سفر ۾ هميشه پاڪيٽ سائيز ريڊيو ساڻ کڻندو هئس،) خاص ڪري ريڊيو خيرپور جو ، ان کان علاوه ريڊيو حيدرآباد، ريڊيو آل انڊيه، ۽ ريڊيو بي بي سي ( بي بي سي ته هيئر به نيٽ تي ٻڌندو رهندو آهيان ) پڻ شوق سان ٻڌندو هئس، ۽ نه صرف ٻڌندو هئس پر انهن جي معلوماتي پروگرامن ۾ پڻ خط لکي ڪري حصو وٺندو هئس، ۽ ان وقت ۾ پنهنجو نالو ريڊئي تان ٻڌي ڪري دل باغ بهار ٿئي ويندي هئي۔ جنهن جو مزو هڪ پنهنجو مزو هو، جيڪو بيان ڪري نه ٿو سگهجي۔انهن ڏينهن ۾ ريڊيو جا ٻڌندڙ پڻ ڪافي دوست ٿئي ويا هئا، جن مان ڪافي ته دوستن جا نالا وسري ويا آهن، پر انهن مان محبت ديري جتوئي جو عبدالغفور ڀونئر، ۽ ٺٽي جو هڪ سومرو ، ۽ ڦلجي اسٽيشن جو ڊاڪٽر قربان علي جهتيال خاص دوست ٿئي ويا هئا، ڊاڪٽر قربان علي جهتيال صاحب ته ريڊيوجي سلسلي ۾ هڪ رسالو پڻ ڪديو هو ( ريڊيو پبليڪيشن ) جي نالي سان جنهن جو دادو شهر جو شروعاتي نمائندو مان هئس، ۽ مان جڏهن نائين ڪلاس م هئس ته ڊاڪٽر صاحب سان هڪ ڀيرو ڦلجي اسٽيشن تي ملڻ ويو هئس، ۽ ڊاڪٽر صاحب منهنجي تمام سٺي عزت ڪئي هئي ۽ اسان کي ڦلجي اسٽيشن جو مائو ۽ چانهن نوش ڪرائي هئي، جيڪا مون کي اڄ به ياد آهي، ( جڏهن ته ان وقت منهنجي عمر 14 سال مس هئي ۽ هيئر مان 32 سالن جو آهيان ۽ اهيا ڳالهه تقريبن 18 سال پراڻي آهي ۔ ) ادا وساڻ صاحب تقريبن 12 سالن کان وٺي مون به ريڊيو خيرپور ناهي ٻڌو، ان جو سبب هت ڪراچي ۾ رهڻ آهي۔ هاڻي بس ڪڏهن ڪڏهن نيٽ تي هڪ سنڌي ريڊيو ( جمالي فور يو ڊاٽ ڪام ) ٻڌندو آهيان جنهن ۾ پڻ سنڌي تمام سٺا ڪلام گانا، ۽ گيت پيش ڪيا ويندا آهن۔ان کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن هي ريڊيو اسٽيشن به ٻڌندو آهيان ، جيڪي شايد توهان کي پسند نه به اچن۔ ( ريڊيو 96 )
    ( ريڊيو وائيس آف آمريڪا ) ( ريڊيو پاڪستان )
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )

    بهترين ونڊ آهي ادا.
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )

    اف هاءِ ادا۔۔۔ ممتاز ڪهڙيون ياديون ياد ڏياري ڇڏيوَ۔۔۔ مون کي ياد جڏهن ريڊيو خيرپور تان معلوماتي سوال جواب واري پروگرام ۾ ڪاليج جي دوستن سان مقابلو رهندو هو۔۔۔ هڪ دفعو ڪڻي ۾ نالو به نڪتو هيو ۔۔۔ جنهن منهنجي تعارف کي آن ايئر ڪرڻ کان سواءِ منهنجي پسند جو منظور سخيراڻي آواز وارو ڪلام
    “پيار ڏئي پوءِ پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد۔۔۔۔
    عاشق نه آهين شايد آهين يار وڏو واپاري۔۔۔
    دوست ڪياسين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزاري۔۔۔
    پڻ ٻڌرايو ويو هو۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=N6Kvg6h9FEs
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )

    ادا رشيد صاحب سڀ کان پهرين ته توهان جون مهربانيون جو توهان ڪافي عرصي کانپوء منهنجي ڪنهن ونڊ تي جواب لکيو آهي ۽ پنهنجا خيالات ڏنا آهن جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، جنهن جو بيان مان ڇا ڪيان، بس مان ته وري به اهيو چوندس ته سائين اهيا توهان جي مهرباني، ادا توهان جيڪو استاد بخاري جو ڪلام اهو به منظور سخيراڻي جي آواز ۾ ونڊ ڪيو آهي (
    پيار ڏئي پوءِ پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد۔۔۔۔
    عاشق نه آهين شايد آهين يار وڏو واپاري۔۔۔
    دوست ڪياسين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزاري۔۔​
    ۔اگر سچ پڇو ته اهيو ڪلام منهنجي پسند جو ڪلام آهي، ۽ مان جڏهن پرائمري پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ته اسان جي اسڪول ۾ ريڊيو حيدرآباد جي هڪ ٽيم آئي هئي جنهن منهنجو انٽرويو ڪيو هو، ۽ اهو منهنجو انٽرويو ۽ منهنجي پسند جو اهيو ئي ڪلام هلايو هو، ۽ مون جڏهن اهيو ڪلام هيئر وري ٻڌو آهي ته مون کي اهو پنجين ڪلاس وارو وقت ( 1988ع ) ياد اچي ويو آهي ۽ اها پنجين ڪلاس ۾ اسان سان پڙهندڙ ڇوڪري پڻ ياد اچي وئي جنهن جي مون سان تمام سٺي دوستي هئي ۽ اسان اسڪول ۾ پڙهائي ۾ هڪٻئي سان مقابلو ڪندا هئاسين، ۽ اسان جڏهن پرائمري اسڪولڇڏيو هو ته هُن مون کي هڪ منڊي ڏني هئي جنهن کي اڄ 22 سال ٿئي ويا آهن ان جي باوجود اها منڊي اڄ به مون وٽ محفوظ آهي، ( لکن جو ڇلو آ، ٽڪي جو ڪئين ڀانيان سڄڻ جي نشاني مان ته سيني منجهه لڪايان ) مگر ان آخري ملاقات کانپوء اڄ تائين ان سان ملاقات ناهي ٿي، ۽ افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته انهيء دوران ٻه ٽي ڪلاس فيلو ۽ دوست هي دنيا ڇڏي چڪا آهن، ( الله انهن جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين ) اهو وقت ياد ڪري دل رت جا ڳوڙها ٿي روئي۔ بس ادا ڇا ڪجي بقول استاد بخاري ته ( هوڏانهن يار پيو اچي، هيڏانهن وقت پيو وڃي )

    http://www.youtube.com/watch?v=s9T4uffH1LQ
     
  8. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )

    ادا ممتاز!

    مون سوچيو ته ويگاس جي نئين سبق سان گڏ ئي هن اوطاق تي لکندس۔ پر توهان جي هن ليک اهي ڏينهن ياد ڏياري ڇڏيا جيڪي سائين مختيار ملڪ صاحب سان گڏ رات دير تائين ريڊيو خيرپور جي اسٽوڊيو نمبر 4 کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ‌ ۾ گذارياسين۔۔۔ مونکي اهي ڏينهن ياد اچي ويا جو ڊرامي جي ايڊيٽنگ ڪندي سائين اڪبر علي شاه ۽ سائين ڪليم الله شيخ سان بسڪوٽ ۽ چانهيون پيتيون هيوسين۔۔۔ اهي ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن پراڻيون ميگنيٽڪ اسپول ٽيپون ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪيوسين۔۔۔
    اهو ڏينهن ياد اچي ويو جڏهن ريڊيو خيرپور جي تاريخ ۾ ڪمپيوٽر تي رڪارڊ ۽ ايڊٽ ٿيل ڊرامو 15 جون 2008 تي نشر ٿيو هو۔۔۔ اهو ڏينهن ياد اچي ويو جڏهن سائين جاويد علي شاهه 3 جولا تي ڪمپيوٽرائيز نشريات جو افتتاح ڪيو۔۔۔۔۔
    ريڊيو خيرپور سان جڙيل سڀ يادون تازه ٿي ويون۔۔۔۔ مهرباني ادا۔۔۔
     
  9. معظم بلوچ

    معظم بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2014
    تحريرون:
    48
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Kashmore
    هن دل جون ڇا ٻڌايان توکي مان يار ڳالهيون ، ريڊيو پاڪستان خيرپور نه صرف هڪ ريڊيو پر يونيورسٽي جو درجو ٿو رکي معلومات، سٺا پروگرام ڪمپيئر جي ڳالھائڻ جو انداز ، سڀ لک ٿا لاهن افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سنڌ ڪومت جي هن طرف ڌيان نه آهي ريڊيو جي نشريات هاڻ صرف خيرپور ۾ ٻڌو ٿو وڃي ،13 فيبروري تي ريڊيو جو عالمي ڏهاڙو آهي ادا اوهان سڀ دوستن کي گذارش آهي ته اچو هڪ آواز اٿاريون ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات لائ ۽ ريديو پاڪستان لاڙڪاڻو بند پيل آهي ان کي کولايو وڃي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو