ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ريڊيو پاڪستان خيرپور ( جو آواز )

مارچ 1983ع تي اتر سنڌ جي تاريخي ميرن واري شهر خيرپور ۾ 927 ڪلو هرٽز تي ريڊيو پاڪستان خيرپور جو افتتاح ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هيءُ ريڊيو اسٽيشن نشرياتي دور ۾ ٽاپ ڪري وئي. هن علائقي جي علمي، ادبي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي قدرن کي هڪ وڏو نالو ملي ويو ۽ هن اسٽيشن خدمتن جا وڏا رڪارڊ قائم ڪري ورتا، براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ وڏي مڃتا ماڻي، ميڊيا جي هن تيز ترين دور ۾ ريڊيو کي اڄ به پنهنجي اهميت حاصل آهي. نيوز هجي، موسيقي هجي، تفريح ۽ ڄاڻ هجي، هر فيلڊ ۾ پنهنجي جاءِ والاري بيٺو آهي. هن ريڊيي 27 سالن جي سفر ۾ تمام وڏا فنڪار، ڊراما آرٽسٽ، ڪمپيئر، انائونسر، پروڊيوسر ۽ شاعر پيدا ڪري ملڪ ۽ قوم جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن ريڊيو جي نشريات ڪاڇو ۽ ٿر کان علاوه ڏاکڻيو پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. هن وقت نشريات جا ڪجهه مسئلا ضرور آهن. مشينري ۾ فني خرابي ۽ جنريٽر جي خراب حالت سبب ريڊيو جي نشريات ۾ خلل ضرور پوي ٿو، ان لاءِ لکين لسنر پريشان آهن.اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير ۽ ٻي انتظاميا ريڊيو نشريات جي اصلي معيار لاءِ ڪوشان آهن. اميد ڪجي ٿي ته جلدي ڪو حل نڪري ايندو ۽ اها خرابي دور ٿي ويندي.
هن وقت ريڊيو خيرپور جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ناميارو شاعر اديب ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو آهي. جنهن جي بيمثال ڪم ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان ريڊيو پروگرامن ۾ بهتري آئي آهي. پهريون ڀيرو اسٽوڊيوز هڪ آرٽ گيلري قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ريڊيو سان وابسته اديبن شاعرن ۽ آرٽسٽن ۽ فنڪارن جون تصويرون سجايون ويون آهن. مختيار ملڪ ۽ خليل ڪمپيوٽر پروگرام مئنيجر آهن. محمد الياس نيوز ايڊيٽر آهي. پروڊيوسرن ۾ اعجاز وساڻ، مير ملاح، ڪليم الله شيخ، الياس لاشاري، ربنواز سولنگي، اسرار احمد ڪولاچي، سيد اڪبر شاهه ۽ نظير گلال شامل آهن جن پنهنجي خداداد صلاحيتن وسيلي علم ۽ ادب جي تمام وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ مثالي ڪم ڪيا آهن. ارشاد جاگيراڻي، مشتاق مغل، امر اقبال، محمود سومرو، صاحب خان شيخ، اختر ٽانوري، نظير سهتو، صائمه سومرو ۽ افسانه چنا نالي وارا ڪمپيئر آهن. مذهبي، سائنسي، تاريخي، ادبي، سياسي، ڪرنٽ افيئر، رانديون، سياست ۽ ثقافت جا پروگرام سر فهرست آهن.
نئون سج:ريڊيو خيرپور جو هي پراڻو پروگرام آهي جنهن کي نوجوان پروڊيوسر ڪليم الله شيخ پيش ڪري ٿو، نت نئين موسيقي ۽ ڄاڻ پروگرام جي جان آهن. ڪمپيئرن ۾ محمود سومري، اختر ٽانوري، آفسانه چنا، صائمه سومرو، صاحب خان شيخ، رابع چوهاڻ ۽ امر اقبال پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.
ماروئڙا:هي مقبول پروگرام آهي، اسرار احمد ڪولاچي پروگرام ۾ نئون رنگ ڀريو آهي. پروگرام ۾ براڊڪاسٽ جا انٽرويوز، ڳوٺن جا تعارف سنڌي پهاڪا، لطيف رنگ ۽ سچل سارو سچ شامل هوندا آهن.پروگرام ۾ دستاويزي فيچر وري شروع ڪيا وڃن.
هيلو ريڊيو خيرپور:
هونئن ته پريزنٽيشن شعبي طرفان روزانو اوهان جي فرمائش ۽ اوهان جي پسند شامل ٿين ٿا، تمام سٺا آواز انائونسر آهن پر فون ذريعي رڪارڊ ٿيندڙ پروگرام هيلو ريڊيو خيرپور ٻڌندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، پر رڪارڊنگ جو معيار بهتر ناهي، جملن جو ساڳو ورجاءُ ٿئي ٿو. پروگرام جو پرڊيوسر نظير گلال آهي ۽ ڪمپيئر نظير سهتو آهي، پروگرام ۾ نواڻ جي ضرورت آهي. اردو ۾ فون وارو پروگرام مير ملاح پيش ڪري ٿو جنهن جي ميزبان ارم ڪنول آهي. هي تفريحي رنگ آهي، پروگرام ۾ مشتاق مغل اٿس، مشتاق محنتي ۽ ايماندار ڪمپيئر آهي پروڊيوسر کي گهرجي ته تڪراري نوعيت جا سوال نه ڏئي ۽ لسنرز جا انٽرويوز ۽ انعامي رنگ به رکيو وڃي. پروڊيوسر مير ملاح پروگرام جو رڪارڊ رکي.
ادبي سنگت:ادب ۽ شاعري جي اپٽار لاءِ هي ادبي پروگرام مسرت علي منگي نشر ڪري ٿو، نوجوان شاعر امر اقبال ميزبان آهي، ڪتابن تي تبصرا، شاعرن ۽ ليکڪن جا انٽرويوز، مشاعرا، مذاڪرا ۽ ادبي سڌ سماءَ جا پروگرام هن جي جان آهن، ادبي حوالي سان هي هڪ منفرد پروگرام آهي. اڃا به شاعرن کي وڌ ۾ وڌ موقعو ڏنو وڃي.
اوهان جو خط پهتو:ٻڌندڙن جي خطن جا جواب هن پروگرام ۾ شامل هوندا آهن، پروڊيوسر اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو پاڻ آهي، ميزبان اياز علي ميمڻ ۽ شبانه حيدر آهن، تمام دلچسپ پروگرام آهي.
سهڻي ڌرتي:
هي آبادگار ڀائرن ۽ ماروئڙن لاءِ زرعي ۽ ثقافتي پروگرام آهي، نوجوان پروڊيوسر اڪبر شاهه پروگرام کي سنڀاليو آهي. هن پروگرام ۾ سگهڙ فنڪار اديب ۽ زرعي ماهر ايندا آهن، علي بخش مري، غلام قادر ميراڻي، مير صوبيدار سعيد، نياز نوناري پروگرام جا ڪمپيئر آهن. زرعي مسئلن تي سلسلو اتم کيتي محمد حنيف رند تربيب ڏئي ٿو.
سنڌي ڊراما:هن اسٽيشن تان وقت بوقت سٺا ڊراما نشر ٿين ٿا، هن پروگرام جو پروڊيوسر ربنواز سولنگي آهي، نون لکندڙن کي به همٿايو وڃي ٿو. هاشم ڀٽي صائمه سومرو، محمود سومرو، افسانه چنا، ايم يحيٰ ڀٽو، مير صوبيدار سعيد ۽ ٻيا کوڙ ڊراما لکندڙ آهن، جيڪي هن اسٽيشن تان اڀريا آهن ۽ ڊرامي ۾ وڏو اتساهه پيدا ٿيو آهي.
هن اسٽيشن جي موسيقي به وڏي تاريخ رکي ٿي. شاهه عبداللطيف، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي شاعرن کي تمام گهڻو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. نون شاعرن کي به ترجيح ڏني ويندي آهي. موسيقي جو شعبو اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ سيد اڪبر شاهه جي حوالي آهي. هن اسٽيشن تان مقامي نيوز به نشر ٿين ٿيون، ٻارڙن لاءِ عورتن لاءِ ۽ نوجوانن جي لاءِ دلچسپ پروگرام نشر ٿين ٿا. نيوز ايڊيٽر الياس لاشاري آهي. علائقي جي سڀني خبرن ۽ مسئلن کي ڪوريج ملي ٿي. هڪ شاعر، هڪ فنڪار، مهراڻ رنگ، لوڪ رنگ به ريڊيو جي سڃاڻپ آهن. هن ستاويهين سالگرهه جون مبارڪون اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو ۽ ٻئي سموري عملي کي دلي مبارڪون ڏيون ٿا ۽اميد ڪريون ٿا ته ميڊيا جي هن دور ۾ ريڊيو خيرپور جي پروگرامن جو معيار عالمي ليول تي رکيو وڃي، نون فنڪارن کي موقعو ڏنو وڃي، ريڊيو خيرپور جي بجيٽ وڌائي وڃي ۽ خراب مشينري کي جلد درست ڪري ٻڌندڙن جي پسند ۽ راين جو احترام ڪيو وڃي، اسان جون دعائون هن اسٽيشن ۽ عملي سان سدائين گڏ آهن.
بشڪريه عوامي آواز