هند سنڌ جو مشهور شاعر: ۽ شيخ اياز جو استاد کيئلداس ”فاني“

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هند سنڌ جو مشهور شاعر: ۽ شيخ اياز جو استاد کيئلداس ”فاني“​

    حسيب الرحمان منگي
    سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ناليوارن استادن، شاعرن، اديبن، ڪهاڻيڪارن، ڊراما نگارن ۽ سنگيت ڪارن جو جنم ٿيو آهي انهن ۾ ”کيئلداس فاني“ جو نالو به اهم آهي. کيئلداس ”فاني“ ولد وليرام بيگواڻي جو جنم 4 اپريل 1914ع تي ”ميان جي ڳوٺ“ ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. اتان ئي سنڌي ادب جو معياري رسالو”سنڌو“ مسٽر” بولچند واسومل راجپال“ پنهنجي ادارت هيٺ ڪڍندو هو. ”فاني“ ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول ميان جو ڳوٺ مان حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم هن شڪارپور جي مختلف علمي درسگاهن مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ايم اي انگريزي ادب ۾ پاس ڪيائين. کيئلداس ”فاني“ جو 1929ع ڌاري شعر وشاعري ڏانهن لاڙو ٿيو، سندس استاد مشهور شاعر اديب ۽ حاذق حڪيم آغا غلام نبي خان صوفي هو. علم و ادب جو گهوارو هجڻ سبب شڪارپور اندر ماضيءَ ۾ مشاعرا عام جام هوندا هئا. انهن مشاعرن ۾ ”فاني“ به شرڪت ڪندو هو. هڪ هنڌ کيئلداس ”فاني“ لکي ٿو ته شال مالڪ مرحوم جناب آغا صوفي درازي کي ابدي جاوداني بخشي جو خاص طور شڪارپورشهر ۽ آسپاس جي اُڀرندڙ شاعرن کي مصرع طرح شايع ڪري فقط فقط اُن جي اوٽ تي (قافيه رديف) مشاعره منعقد ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظ کان بي خبر هوندي به هيئن جُڙي ويو هو.
    صبا سچ چئه ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه
    ٻُڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه
    جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي تعريف ٿي هُن جي
    اتي ”فاني“مزدورن جيان ڪمي ڪمدار هو يا نه (1)
    کيئلداس فاني هڪ قابل شخص هو. وٽس علم جي ڄاڻ تمام گهڻي هئي، جنهن سبب ئي هن کي نيوايرا هاءِ اسڪول(هاڻوڪي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول) ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري ملي. جتي هن نورالدين سرڪي ۽ مهان ڪوي شيخ اياز مرحوم سميت ڪيترن ئي شاگردن کي علم جي سوني زيور سان نوازيو. بعد ۾ جڏهن چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ سنڌي ليڪچراريءَ لاءِ جڳهه خالي ٿي ته فاني کي ”بيوس“ جي سفارشي خط سنڌي ليڪچراري ڏياري، بيوس جو خط هن ريت هو: ”مسٽر کيئلداس ــــ وــــ بيگواڻي ”فاني“ بي اي، شڪارپور سنڌ ڪاليج جي سنڌي پروفيسر لاءِ اميدوار بيٺو آهي. پروفيسري جي لياقت لاءِ ڪاليج جي ڊگريءَ سان گڏ جا کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي. سا مُنهنجي نظر ۾ اهڙي آهي جهڙي سوني مُنڊيءَ ۾ هيري جي ڪڻي. ههڙي اعلى شخصيت هٿ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جو شان دوبالا ٿيندو“ 17 مئي 1947ع ڪشنچند تيرٿداس کتري (بيوس) لاڙڪاڻو (2). فاني ليڪچرار بڻجڻ کانپوءِ ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جو مهتمم پڻ ٿي رهيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ ساڳئي سال 1947ع ۾ سنڌ ڇڏي وڃي هند وسايائين ۽ ڀوپال ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اُتي به سندس علمي ۽ ادبي خدمتون نمايان رهيون. هند ۾ رهندي سنڌ کي وساري نه سگهيو.
    ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي وطن
    ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي وطن
    لڏي جن آ لڏايو مون کي وطن
    جن روهه رُلايو مون کي وطن
    ”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دُکي
    سالن ۾ ٿين ساعت نه سُکي (3)
    کيئلداس ”فاني“ ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. جتان 1973ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. سندس قابليت کي ڏسي ڀوپال گورنمينٽ کيس انٽر ڪاليج جو هميشه لاءِ پرنسيپال مقرر ڪيو. فاني صاحب اُتي ”سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيءَ“ جو ڪنوينر، صوبائي اڪيڊمي جو وائيس پريزيڊنٽ، مرڪزي ادبي اڪيڊمي جو ميمبر، ممبئي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن جو نگران ۽ ڀوپال ڪلامنڊل جو 35 سال چيئرمين به رهيو. فاني جون تحريرون توڙي شاعري مختلف رسالن جي صُفحن جي زينت بڻجي چُڪي آهي. هو هڪ ئي وقت اُستاد، شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار۽ سنگيتڪارهو. سنڌ هند جي ناليوارن شاعرن ۽ اديبن کيس هن طرح خراج تحسين پيش ڪيو آهي، ڪجهه مثال ٿو پيش ڪريان. شيخ اياز لکي ٿو ته ”هُوسنڌي ادب ۾ امر ٿي چُڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گُداز سان پڙهندا.“ (4) منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ کيئلداس فاني نثر لکڻ ۾ شاعراڻي جذبات ۽ رنگين عبارت ڪم آڻيندا هئا“(5)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کيئلداس فاني کي ”فلسفي شاعر“ لکيو آهي.(6)، فاني جي غزلن جو اڀياس ڪندي مُنهنجو والد نقش ناياب منگي لکي ٿو ته ”فاني جي غزل واري شاعري جي فريمن ۾ احساس ۽ دردن جون تصويرون جابجا نظر اينديون، هن جنهن نموني احساسن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي، اهو سندس ڪمال آهي.(7)، همٿرام ڪيسواڻي لکيو ته ” اُستاد شري کيئلداس فاني شڪارپور سنڌ جي پروفيسر ۽ شاعر جي شاندار شخصيت انهيءَ مان عيان آهي ته نه فقط هو اعلى درجي جو عالم ماهر اديب ۽ شاعر آهي پر ٻين قابل شاگرد شاعرن به سندن صحبت مان خاص شاعراڻو فن ۽ ڪماليت حاصل ڪئي آهي، شيخ اياز جي اکرن ۾ ”فاني صاحب لفظن گهڙڻ ۾ هڪ سُهڻوسنگتراش ۽ ماهر مصور آهي، سندس سُخن سازي جي ساک ٿا ڏين“(8)، فاني صاحب جي شاعري ۽ نثر جا مجموعا هندستان ۾ ريڊيو راڳ، سامونڊي لهرون، سڪ سوز ۽ ساز (گُجرات ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ پاران بي اي آنرس لاءِ منظور ٿيل ڪتاب) مڪتي مارڳ، پڇتا جا ڳوڙها، احساس جو آئينو، خزان جو خوشبوءِ ، پيلا پن، توڙي سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1995ع ۾ سندس ڪلام جو مجموعو ”سمنڊ سمايو بوند“ ۾ ڇپيل آهن.
    کيئلداس فاني جي ديهانت جي تاريخ ”سمنڊ سمايو بوند “ ۾ جي بئڪ ٽائيٽل تي جون 1995ع ڄاڻايل آهي، ان کان علاوه روزانه هلال پاڪستان ڪراچي 31 جون 1997ع تي پنهنجي ادبي صفحي”ساهت سڀيتا“ جو فاني نمبر شايع ڪيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ” فاني جي ٻي ورسي جي مناسبت سان ترتيب ڏنو ويو آهي.“ ان حساب سان فاني جي ديهانت جي تاريخ 31 جولاءِ 1995ع ٿئي ٿي. فاني جي شاگرد نورالدين سرڪي مرحوم پنهنجي ڪتاب ” ڪي وسرن نه مُور“ ۾ فاني جي ديهانت جي تاريخ 8 اپريل 1995ع ڄاڻائي آهي. هاڻي اهو مسئلو به تحقيق طلب ٿي ويو. کيئلداس فاني بيگواڻي سوين شعر لکيا جي اسان وٽ هميشه امر رهندا.
    حوالا:
    1. فاني کيئلداس بيگواڻي.(ڪتاب)”خزان جي خوشبو ۽ پيلا پن“ ،ڀوپال مارچ1994ع صفحو نمبر 8.
    2. فاني کيئلداس بيگواڻي ”ڪتاب“ ”سڪ سوز ۽ ساز“ڇاپو پهريون، ڪلاڪار منڊل ڀوپال فيبروري 1983
    3. ساڳيو صفحو 54.
    4. قاضي حميده: استاد هيو فاني.......(شيخ اياز جو پنهنجي استاد کيئلداس فانيءَ کي خراج) روزانه هلال پاڪستان: ادبي صفحو ساهت سڀيتا 31 جولاءِ 1997ع صفحو نمبر 4.
    5. ملڪاڻي منگهارام:”سنڌي نثرجي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد...ڪنڊيارو ٽيون ايڊيشن 1993ع ، صفحو نمبر 233.
    6. جوڻيجوڊاڪٽر عبدالجبار: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ صفحو نمبر282.
    7. منگي نقش ناياب: کيئلداس فاني جي غزل گوئي. ”ماهوار نئين زندگي ڊسمبر 1998ع صفحو نمبر 32.
    هي انتهائي ناياب مضمون سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سلسلي وار”سنگت“ ادبي ڪڙي نمبر 14 براءِ مئي ۽ جون 2008ع مان ورتو ويو آهي. سندن ٿورا

    بشڪريه سنڌ فورم
    کيئلداس فاني جا خط

    نوٽ کيئلداس فاني جا توهان ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو