
ڊيٽا جو تڪڙو ۽ مڪمل بيڪ اپ وٺڻ لاءِ ڪنهن سٺي سافٽويئر جي جستجو ۾ ته مان رهندو ئي آهيان پر جيڪڏهن اهڙو سافٽويئر ڪمپني طرفان مفت ۾ ملي ته اهو ته وڌيڪ ڀلو۔۔۔۔ پر ان کان به وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهون ٽيڪنيڪل يا ڪمپيوٽر جي ڄاڻ گهٽ رکندڙ هجي ته ان جي استعمال لاءِ به آسان هجي ته اهو ته ويتر ڀلو۔۔۔۔۔ ۽ جڏهن مون آڪسٽر بيڪ اپ سافٽويئر کي انسٽال ڪري استعمال ۾ آندو ته اهو ئي مون کي اهڙو سافٽويئر لڳو جنهن لاءِ مٿي مون ٽئي خوبيون لکيون آهن۔۔۔۔
هن جي اضافي خوبين ۾ شامل آهي۔۔۔
مڪمل پاڻمرادو ڊيٽا کي بيڪ اپ طور رکڻ جي سهولت
استعمال ۾ آسان
ٺهندڙ ڊيٽا بيڪ اپ کي هارڊ ڊسڪ يا فليش ڊرائيو ۾ رکڻ جي سهولت
بيڪ جي ڪاپي ڪري مختلف لوڪيشنس تي رکڻ جي سهولت
بيڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ انڪرپشن ۽ پاسورڊ لڳائڻ جي سهولت
بيڪ اپ کي ڪمپريس ڪري اسپيس بچائڻ جي سهولت
جيڪڏهن توهان کي بيڪ اپ وٺڻ دوران ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻو هجي ته پاس ۽ رزيوم ڪرڻ جي سهولت
انسٽاليشن جي طريقي ڪار کي آساني سان سمجهائڻ لاءِ حاضر آهي يوٽيوب وڊيو۔۔۔
پوءِ ايترين خوبين جي حامل هن سافٽويئر کي پنهنجي سافٽويئر خزاني ۾ ڇونه رکي اضافو آڻيو۔۔۔۔ ته پوءِ هي وٺو لنڪ۔۔۔۔