ٽما ٽن مان ٺهيل دوائن جا فائدا محققن جو خيال آهي ته ٽماٽن جو ڪيچ اپ کائڻ سان ارهن جي ڪينسر ۽ هڏين جي ٽٽڻ جو امڪان گھٽجي وڃي ٿو.انهيءَ جو سبب ٽماٽن ۾ موجود لائيڪوپن جي ڪري آهي جيڪو هن کي ڳاڙهو رنگ ڏي ٿو.گذريل چند سالن جي تحقيق جي دوران اها به خبر پئجي چڪي آهي ته اهي شيون جيڪي ٽماٽي مان ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ جن ۾ لائيڪو پين زياده اهي اهي مردن جي غده قداميه جي ڪينسر ۾ به مفيد اهن .تنهنڪري پهروڪي ۽ هاڻوڪي تحقيق جي مطالعي کان پوءِ اهو چئي سگھجي ٿوته ٽماٽي ۾ موجود لائيڪوپن مرد ۽ عورت ٻنهي جي لاءِ مفيد آهي ارهن جي ڪينسري خلين تي لائيڪوپن ۽ ٽماتي ۾ موجود دوا ۽ طاقتور جزن جو ڪهڙو اثر پوي ٿو.مشاهدي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جڏهن خلين جو انهن طاقتور جزن سان واسطو پيو ته اهي پهرين وانگر تيزي سان وڌندا رهيا .جڏهن انهن ٽنهي مقوي جزن جو مقدار وڌايو ويو ته سرطاني خلين جي وا ڌ رڪجي وئي. ٻي تحقيق هالينڊ ۾ ٿي ته جنهن مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته اهڙي غذا سان هڏين جي ٽٽڻ کي روڪي سگھجي ٿو جنهن ۾ ٽماٽو گھڻو هجي پيري ۾ هي بيماري گھڻو ڪري عورتن ۾ وڌي ويندي آهي جنهنجي جي ڪري سندن هڏين جي ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي ٻن نمونن جي خلين ج جائزو ورتو ويوهڪ اهڙو خليو هو جيڪو هڏين کي سخت رکي ٿو ۽ بيو اهو جيڪو هڏين کي نرم رکي ٿو يعني طبعي ۽ غير طبعي گھرڙن کي مشاهدي ۾ رکيو ويو .ظاهر آهي ته هڏين جي ٽٽڻ جو تعلق غير طبعي گھرڙن سان آهي خبر پئي ته لائيڪو پن غِر طبعي گھرڙن تي ڪنٽرول ڪري ٿو . هڏين جي ٽٽڻ جي مرض کي هڪ خاموش بيماري چيو ڃي ٿو پر حقيقت اها آهي ته هڏي جو وڌڻ 35 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي انهيءَ کان پوءِگھٽجڻ جوعمل شروع ٿي وڃي ٿو. انهي ءَ ڪري ماهرن جو خيال آهي ته ٽماٽي جو استعمال هر عمر ۾ جاري هجڻ گھرجي ڪينيڊا جا سائنسدان هاڻ اهو ڏسڻ چاهين ٿا ته جيڪڏهن ٽماٽي جي ست مان گوريون ٺاهيو وڃن ته هڏين جي ناڪاره ٿيڻ تي ڪيترو فائدو ڪنديون هيستائين هوو انهيءَ نتيجي تي پڳ آهن ته جيڪڏهن روزانو ٽماتي جو 8 آئونس رس پيتو وڃي يا ڏيڍ سو گرام پاستا ساس کاڌو وڃي يا لائيڪوپن جي هڪ گولي کاڌي وڃي ته جسم ۾ لائيڪوپن جو مقدار مناسب سطح تي رهي ٿو.ان ماهرن جو خيال آهي ته گھڻن ماڻهن کي مناسب مقدار ۾ لائيڪوپن نه ملندو آهي. اها ڳالهه عجيب آهي ته اسان جو جسم تازن ٽماتن مان ايتري لائيڪوپن جذب نه ڪندو آهي جيتري رڌل ٽماٽن مان حاصل ڪري ٿو ڪجھ عرصو پهرين مثاني جي غدود جي ڪينسر ۾ ٽماٽي مان ٺهيل شين باب جيڪاتحقيق ٿي هئي انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو هو ته جيڪڏهن ٽماٽي جو ڪيچ اپ هفتي ۾ هڪ دفعو کاڌو وڃي ته ته مردن ۾ مثاني جي غدود جي ڪينسر جو خطرو ٽيون حصو گھٽجي وڃي ٿو
ادا حڪيم محمد يوسف کتري صاحب حق موجود؛ مهربانيون اهڙي ڪارائتي ڄاڻ ڏيڻ تي، واقعي الله ذوالجلال اسان لاءِ اهڙيون نعمتون، پئدا ڪيون آهن جو انسان جيترا شڪرانا ادا ڪري گهٽ آهن ... ادا سائين، هڪ سوال آهي ته ٽماٽي کائڻ سان مساني ۾ پٿري به ٿي پوندي آهي ڇا؟ جڙيل هجو شال نثار ابڙو مڪو پاڪ
سائين حڪيم صاحب توهان جون لک مهربانيون، جو اسان کي لال ٽماٽر جي باري ۾ اهڙي ناياب معلومات ڏني۔ سائين هڪ دفعو ٻيهر مهرباني
جواب: ٽماٽن جا فائدا ادا سائين ! اڄ ته سنڌ سلامت تي رڳو حڪيمن جو قبضو آهي۔مان ڀڄان ٿو ،الائي جي، ڪيتري وقت کان پوءِ وڃي سنڌ سلامت ڳولي لڌي ،پر اتي به رڳو ٽماتن ، انبن ،ليسوڙن۽گدرن وغيره جا فائدا ۔ جيڪي خريد ڪري کائي نه ٿو سگهان۔ رڳو وات ٿو پاڻي پاڻي ٿئي۔