سومر ڏينهن سنڌيونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس سان حيدرآباد شهر ٻاهران حادثو پيش آيو۔ ان متعلق ضمير جي چهنڊڙي تي ننڍو آرٽيڪل لکي اخبار وارن کي موڪليم جن ريسپانس ڏنو۔۔۔ ٽرانسپورٽ نظام تي توجهه جي ضرورت! اسد علي ميرجت هوءَ به سنڌ يونيورسٽيءَ جي هزارين شاگردن منجهان هڪ شاگردياڻي هئي جيڪي علم جي پياس ٻجهائڻ لاء مختلف شهرن مان ڪَهي اچي ڄامشورو جي جبلن جي وچ ۾ آباد ٿيل مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهچن ٿا ۽ تعليم جي زيور سان مستقبل سينگارين ٿا. هر طالبِ علم جي سوچ وانگر سندس به اها سوچ هوندي ته يونيورسٽي مان پڙهي لکي مان به اڳتي علم جي روشني وکيريندس، يا وري اهو خواب هوندس ته پڙهائي مڪمل ڪري، ڪا سٺي نوڪري حاصل ڪندس، جنهن سان پنهنجي ماءِ پيءَ جي ڪيل محنتن ۽ هيتري اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪيل سندن مشتقتن کي پڄاڻي تي پهچائيندس. هر ڏينهن وانگر هن سومر تي به هو فقط اهو خواب اکين ۾ رکي گهر منجهان تيار ٿي يونيورسٽيءَ لاءِ نڪتي هوندي. هن جي ماءُ پيءَ هر گز نه سوچيو هو ته هو جيڪا سندن اکين جي نور آهي، اڄ يونيورسٽيءَ لاءِ جيئن جيئري کلندي ۽ مرڪندي وڃي پئي، اونئين جيئري صحيح سلامت واپس نه ايندي. سنڌي يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس سان پيش آيل حادثي ۾ جان وڃائيندڙ ان نيتو مينگهواڙ وانگر ڪيترا ئي ٻيا شاگرد گهران ته صحيح سلامت نڪتا پر گهر وريا ته زخمي حالت ۾ ۽ ڪي ته اڃان به اسپتال ۾ تمام گهڻي سيريز حالت ۾ آهن. اهو سڀ ڪجهه ڇا جي ڪري ٿيو؟ ڇا فقط الله جي رضا هئي. ڇا ان ۾ ڊرائيور ۽ يونيورسٽي انتظاميه جي لاپرواهي ۽ بيحسي شامل نه آهي. هي هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ سميت سنڌ جي مڙنئي يونيورسٽين جي ٽرانسپورٽ جي بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ايتريون سوين پوائنٽ بسون جيڪي روز هزارين شاگردن کي مختلف شهرن مان سنڌ يونيورسٽي پهچائين ٿيون، ڇا ايترين سالن ۾ انهن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي؟ ٿر ۾ هلندڙ کيکڙي مثل انهن بسن جي حالت (ڪنڊيشن) ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. هي بسون عام سهولتن کان ته عاري آهن ئي پر انهن جي انجڻ ۽ مشينري ختم ٿيل (Expire) ٿيل آهي. اڪثر بسن جي حالت ايتري قدر خراب آهي جو انهن ۾ بريڪ يا ته موجود نه آهي يا وري موجود آهي ته ان تي يقين نه آهي. اهڙيون بسون بس هينڊبريڪ جي آسري هلن پيون. سنڌ جي مستبقل جا معمار شاگرد جڏهن يونيورسٽي اچڻ وڃڻ لاءِ روز انهن بسن ۾ سوار ٿين ٿا ته پوائنٽ بسن ۾ چڙهندي دعا گهرن ٿا ته شل خدا خير سان منزل تي پڄائي. هڪ هڪ پوائنٽ بس ۾ جانورن وانگر سٿيل شاگردن کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته هي يونيورسٽيءَ جي ٽرانسپورٽ نه آهي پر سنڌ جي ڪنهن پٺتي پيل علائقي جي بس مزورن، هارين کي کڻي منزل تي رسائي پئي. انهن ڌڪي اسٽارٽ بسن ۾ سفر ڪندڙ شاگردن کان ڪير پڇي ته اهي مزور هاري لڳندڙ شاگرد جڏهن اهڙين بسن جي سفر مان ٿڪجي گهر پهچن ٿا ته پوءِ هڏ هڏ ۾ مزورن وانگر ئي سور محسوس ڪن ٿا ۽ گهر رسڻ کان بعد ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ جي قابل محسوس نه ٿا ڪن، اهڙي ٽرانسپورٽ شاگردن کي ذهني ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار بڻائي ٿي. اچ وڃ واري ٽرانسپورٽ ته ٺهيو پر مختلف وقتن تي شٽل جي طور جيڪي بسون هلن ٿيون انهن ۾ ٺيڪ ٺاڪ ڪرايو وٺڻ باوجود شاگردن کي ڪا سهولت نه ٿي ملي، شاگرد ويچارا حيدرآباد شهر تائين بس جي دروازن تي لڙڪندي پهچن ٿا. هر سيمسٽر ۾ شاگردن جي في مان جنهن ٽرانسپورٽ جي خرچن جي مد ۾ ايترو سارو پئسو ڪٽيو وڃي ٿو ته ڇا انهيءَ ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن! روز يونيورسٽيءَ ڏانهن ايندي رستن ۾ يا مُک چاڙهيءَ تي يا ڪا پوائنٽ بس “خراب ٿيڻ” سبب بيٺل ڏسندا آهيون ته هاڻي معمول سمجهي گذري ويندا آهيون، ڇو ته اهڙي ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ تبديلي جو سوچڻ هاڻي اسان کي اجايو لڳي ٿو. اسان کي ته ايترا سال گذريا آهن هينئر تائين ان سسٽم ۾ ڪا به تبديلي نه ڏٺي آهي. اسان کان پهرين گذري ويل شاگرد به انهن بسن ۾ سفر ڪري يونيورسٽيءَ ۾ پهچندا هئا ۽ اسان به ايئن ئي سفر ڪري هتي پهچندا آهيون ۽ اسان کان پوءِ ايندڙ شاگرد به شايد ايئن ئي يونيورسٽيءَ پهچندا. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي دوران مون سان گڏ پڙهندڙ هڪ دوست جڏهن حيدرآباد شهر مان روز هڪ بس ۾ ڄامشورو پهچندو هو ته ان بس جي حالت، ڊرائيورن جي لاپرواهي بابت ڪا ڳالهه نئين ٻڌائيندو هو. ڪڏهن ٻڌائيندو هو ته اڄ پوائنٽ بس هن اسٽاپ تي خراب ٿي بيهي رهي، ڌڪو ڏئي اسٽارٽ ڪئيسين يا وري ڪڏهن ٻڌائيندو هو ته اڄ فلاڻي سيٽ تي شاگرد ويٺو هو ته سيٽ جڏي هئي ڪري پئي. هڪ ڀيري ڪلاس روم ۾ معمول کان به ليٽ پهتو. سبب پڇيومانس ته ٻڌايائين ته يار اڄ الله جا لک شڪر آهن جو بچي پهتا آهيون، اڳتي ساڳي بس ۾ نه ويهندس. اڄ ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان ويهڻ ٿيو.. بس ۾ بريڪ نالي ڪا شئي نه هئي. ڊرائيور ايڪسيلريٽر سان اسپيڊ کي گهٽ وڌ ڪندي مڙئي اچي منزل تي رسايو ۽ هينڊبريڪ سان گاڏي بيهاري. وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کانئس گاڏيءَ جي حالت بابت پڇيم ته چيائين “يار ڪهڙا سور ٿو پچين.. ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.” هنن بسن جي جيڪا حالت آهي ان کي ڏسي هڪ دوست مذاق ۾ چيو ته يار پاڻ واري سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کان وڌيڪ شريف ڪير ٿيندو، جو اهڙي ختم ٿيل بسن ۾ سفر ڪري خاموشيءَ سان يونيورسٽيءَ ۾ پهچن ٿا. ڪراچي جي يونيورسٽيءَ ۾ اهڙيون بسون هلن ته ٻئين ٽئين ڏينهن جهيڙا هجن... ٻئي دوست دخل ڏيندي چيو ته ادا جهيڙا هتي به ٿيندا آهن پر شاگردن جا پاڻ ۾ سيٽن تي ويهڻ تي جهيڙا ٿيندا رهن ٿا. سو شاگردن جي وچ ۾ 50 سيٽن جي ورهاست تي جهيڙو نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو.. مطلب ته ميوزڪ چيئر وارو قصو هوندو آهي. قسمت وارو ويهي رهندو آهي، وري جي ڪو ڏاڍو شاگرد اچي ويو ته قسمت وارو اٿي بيهندو ۽ اهو ئي قسمت وارو ٿي ويهي رهندو آهي. جيڪو واقعو ڪالهه ان بدقسمت شاگردن واري بس سان ٿيو ان ۾ ڊرائيور جي به وڏي لاپرواهي ڏسي پئي وڃي. ميڊيا موجب واقعو اسپيڊ ۽ اوورٽيڪنگ سبب پيش آيو. اسپيڊ ۾ اوورٽيڪ ڪرڻ ته انهن لاءِ روز جو معمول آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙين جڳهن تي اوورٽيڪنگ ڪن ٿا جتي فقط هڪ گاڏيءَ جي گذرڻ جي جڳهه هوندي آهي، ان صورت ۾ اڳيان ايندڙ ننڍين گاڏين جي لاءِ پڻ خطرو هوندو آهي. انهن لاپرواهه ڊرائيورن جي سبب يونيورسٽيءَ جي حدن ۾ ايترا ڪيترائي ننڍا وڏا واقعا ٿيندا رهيا آهن. اهڙي طرح صورتحال سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۾ ڪا مختلف نه آهي. يونيورسٽين جي انتظاميه کي گهرجي ته ان ڏس ۾ اثرائتا قدم کڻن ۽ شاگردن جي سفر کي يقيني طور تي محفوظ بڻائن. شاگردن سان اچ وڃ جي دوران پوائنٽ بسن ۾ جيڪي مسئلا ٿين ٿا انهن تي ڌيان ڏنو وڃي. ڇو ته شاگردن جي جان جيتري ماءُ پيءَ لاءِ قيمتي آهي اوتري ئي ملڪ ۽ سنڌ جي مستقبل لاءِ سندن جان قيمتي آهي. جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بسن لاءِ مختلف ڪمپنين ۽ ماڻهن کي ڪانٽريڪٽ ڏنا وڃن ٿا ته بسن جي ڪنڊيشن کي معيار جي مطابق ڏسي پوءِ ڪانٽريڪٽ ڏنا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ باقاعده ايڪشن کنيو وڃي. انهن جي گهڻيون نجي ڪمپنيون ۽ فرد ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان ايڪسپائر ٿيل مشينري ۽ انجڻ وارن گاڏين کي سستي ۾ وٺي يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ ۾ هلاين ٿا ۽ منافعو ته ڪماين ٿا پر انهيءَ سان گڏ سوين شاگردن جي زندگين کي خطري ۾ وجهن ٿا، انهن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. asadmirjat@yahoo.com
جواب: ٽرانسپورٽ جي نظام تي توجهه جي ضرورت۔!! ساڳئي موضوع تي روزنامه سوڀ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد هيمون ڪالاڻي جوڇپيل موضوع
جواب: ٽرانسپورٽ جي نظام تي توجهه جي ضرورت۔!! ڏٺو وڃي ته اهو واقعي به هڪ سنگين مسئلو آهي پر ادا اسد مير هت اندرون سنڌ ۾ ڳالهه اڃا به پوئتي پيل اٿئي ادا هت سيٽ تي ڪو به ويهندو ته آرام سان پر اٿڻ مهل سيٽ ۾ ڪپڙو سيٽ ۾ اهڙو ته ڦاسي پوندس ج ڦاٽڻ کان سوا۽ اصل نه نڪرندو سو ادا مسئلا ڪافي آهن حل ڪرڻ وارا سچا ناهن اهي صرف پنهنجي پيٽ تائين پورا آهن سدائين گڏ
جواب: ٽرانسپورٽ جي نظام تي توجهه جي ضرورت۔!! ادا مست اوهان جنهن ڳالهه کي منظر عام تي آندو آهي يقينن ان تي ڪنهن جو به ڌيان ڪونه آهي سنڌ يونيورسٽي جيان ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ پوائنٽن جو تعداد پهريان ته ناڪافي هوندو آهي جيڪڏهن پوائنٽ ملي به وڃي ته بس گهر تائين پهچڻ جنگ مان جيئرو واپس موٽڻ جي برابر آهي۔ ٻئي ڳاله اها آهي ته پوائنٽ ۾سواري جو طريقو ڪجهه اهڙو هوندو آهي ته ڪجهه بي اخلاق نو جوان ڪنهن نياڻي کي سڪون سان ويهڻ ڪونه ڏين ٿا۔۔ اوهان هن مسئلي کي اٿاري هڪ تمام زبردست ڪم ڪيو آهي ۔ =d> ۔ ۽ ڪنهن نه ڪنهن حڪمران جي نظر ان تي ضرور پوندي ۽ جيڪڏهن ان کانپو به ان مسئلي جو حل نه نڪتو ته ڪيترين ئي مائرن جو جهوليون خالي ٿي وينديون۔۔
جواب: ٽرانسپورٽ جي نظام تي توجهه جي ضرورت۔!! عمران درويشڀاءُ ۔۔ يار واقعي وڏي ويڌن آهي لوڪل پوائنٽن ۾۔۔۔ اڃان ته اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن ٽرانسپورٽ جا، جيڪي مون ڳڻايا ڪونه۔۔۔ انهن لاءِ هيمون ڪالاڻي وارو آرٽيڪل پڙهجو ان به زبردست ڪن ڇڪيا آهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميه جا۔۔۔ منهنجو پوائنٽ ۾ اچڻوڃڻ جو تجربو گهٽ ٿيو آهي۔۔ گهڻو ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي پنهنجي گاڏين ۾ اسان شهر ايندا ويندا آهيون، انهن جي ڪنڊيشن هزار دفعا بهتر آهي پر انهن ۾ به رش وارو ساڳيو مسئلو ۔۔ هڪ بس ۾ ٽن بسن جا ماڻهو هوندا آهن۔۔ ڪجهه مهينا پهرين ٽنڊو ڄام يا ٽنڊو الهيار واري پوائنٽ سان به حادثو پيش آيو هو ۽ ان ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا هئا۔۔ الله رحم ڪري۔۔ ساڳي ساڳي حادثن جي ورجائڻ کان بعد به انتظاميه نه پئي سڌري ۽ الله خير ڪري ڪو وڏو نقصان نه ٿئي۔
جواب: ٽرانسپورٽ جي نظام تي توجهه جي ضرورت۔!! اسلام وعليڪم حق موجود محترم ادا اسد علي ڄامشورائي عرف مست !! جڙيو هجين شال ادا اوهان جنهن مسئلي تي لکيو آهي اهو ته تمام شاندار آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اوهان ڪيتري گهري سوچ رکندڙ ذهن جا مالڪ آهيو ادا تمام افسوس ۽ ڏک ٿيو هي ڏکوئيندڙ خبر ٻڌي ته سنڌ يونيورسٽي جي پوئنٽ بس سان حادثو پيش آيو آهي ۽ هڪ شاگردياڻي شهيد ٿي وئي ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا آهن۔ ادا جنهن دور ۾ مان سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد هيس ان وقت به اهو ساڳيو ئي مسئلو اسان سان هوندو هو ايتري ته خستا حالت هوندي هئي پوئنٽ بسن جي جو اصل ساھ مٺ نه هوندو سڄي واٽ۔ هن مهل تائين به سنڌ يونيورسٽي جون ڪافي پوئنٽ بسن جي بريڪ فيل هوندي۔ هاڻ جيڪي پوئنٽ بسون شام جو هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي ٍٍٍڄامشوري ڦاٽڪ تي کڻي ايندون ۽ وينديون آهن انهن بسن جون 95 فيصد بريڪ فيل رهنديون آهن۔ اسان ان جي بهتري لاء احتجاج ڪيوسين وي سي هائوس آڏو ته خدارا شاگردن جي حياتين سان کيڏڻ بند ڪيو وڃين۔ پر نتيجو ڇا نڪتو ڪجه به نه سو ادا سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميان جو هي بي حسي وارو عمل ڪافي سالن کان هلندو ٿو اچي۔ شاگرد فيسون به ڏين ۽ رسڪ به کڻن بس ادا شل ڪو سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميان جي اک کلي باقي لڳي ڪونه ٿو۔ جاڏي پير تاڏي خير مهرباني
جواب: ٽرانسپورٽ جي نظام تي توجهه جي ضرورت۔!! ڀا مست توهان هڪ اهم مسئلي تي ڌيان ڇڪايو آهي۔ اوهان جو لکيل آرٽيڪل ڪو ننڍڙو آرٽيڪل ناهي۔ ضمير کي جنجهوڙڻ لاء ته هڪ جملو ئي ڪافي هوندو آهي۔ بيٺل پاني جي تلاء ۾ هڪ ننڍڙو پٿر به ان ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو آهي۔ اوهان پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪيو ڪڏهن اها ننڍڙي ڪوشش ڪنهن انقلاب ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي۔ دنيا ۾ جيڪي وڏا وڏا انقلاب آيا آهن انهن جي شروعات ائين ئي ننڍڙي ڪوششن کان شروع ٿي هئي ۽ پوء تاريخ ٺهي وئي۔ واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
جواب: ٽرانسپورٽ جي نظام تي توجهه جي ضرورت۔!! ادا عبدالستار۔۔ لک لائق جو اوهان کي منهنجي هي ڪوشش پسند آئي۔۔ توهان جي ڳالهه سو سيڪڙو درست آهي، توهان مون کان هڪ سال سينيئر ٿي گذريا آهيو۔۔ يونيورسٽي ۾ ته پنهنجي رهائش آهي۔۔ مان جڏهن ميٽرڪ ۾ پڙهندو هئس تڏهن به اهي ساڳيون کٽارا گاڏيون هلنديون هيون، هاڻي به ساڳيون ئي گاڏيون هلن پيون۔ فرق بس شاگردن جو آهي۔۔ پهرين توهان، وري ڪالهه اسان، هاڻي اسان جا شاگرد ۽ سڀاڻي وري نئين ٽهي به ساڳئي حالتن ۾ پئي سفر ڪندي۔۔۔ الله خير ڪري۔۔ هڪ شاگرد جو موت مطلب ته مستقبل جي معمار جو موت۔۔۔