مست
سينيئر رڪن
سومر ڏينهن سنڌيونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس سان حيدرآباد شهر ٻاهران حادثو پيش آيو۔ ان متعلق ضمير جي چهنڊڙي تي ننڍو آرٽيڪل لکي اخبار وارن کي موڪليم جن ريسپانس ڏنو۔۔۔
ٽرانسپورٽ نظام تي توجهه جي ضرورت!
اسد علي ميرجت
اسد علي ميرجت
هوءَ به سنڌ يونيورسٽيءَ جي هزارين شاگردن منجهان هڪ شاگردياڻي هئي جيڪي علم جي پياس ٻجهائڻ لاء مختلف شهرن مان ڪَهي اچي ڄامشورو جي جبلن جي وچ ۾ آباد ٿيل مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهچن ٿا ۽ تعليم جي زيور سان مستقبل سينگارين ٿا. هر طالبِ علم جي سوچ وانگر سندس به اها سوچ هوندي ته يونيورسٽي مان پڙهي لکي مان به اڳتي علم جي روشني وکيريندس، يا وري اهو خواب هوندس ته پڙهائي مڪمل ڪري، ڪا سٺي نوڪري حاصل ڪندس، جنهن سان پنهنجي ماءِ پيءَ جي ڪيل محنتن ۽ هيتري اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪيل سندن مشتقتن کي پڄاڻي تي پهچائيندس. هر ڏينهن وانگر هن سومر تي به هو فقط اهو خواب اکين ۾ رکي گهر منجهان تيار ٿي يونيورسٽيءَ لاءِ نڪتي هوندي. هن جي ماءُ پيءَ هر گز نه سوچيو هو ته هو جيڪا سندن اکين جي نور آهي، اڄ يونيورسٽيءَ لاءِ جيئن جيئري کلندي ۽ مرڪندي وڃي پئي، اونئين جيئري صحيح سلامت واپس نه ايندي. سنڌي يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس سان پيش آيل حادثي ۾ جان وڃائيندڙ ان نيتو مينگهواڙ وانگر ڪيترا ئي ٻيا شاگرد گهران ته صحيح سلامت نڪتا پر گهر وريا ته زخمي حالت ۾ ۽ ڪي ته اڃان به اسپتال ۾ تمام گهڻي سيريز حالت ۾ آهن. اهو سڀ ڪجهه ڇا جي ڪري ٿيو؟ ڇا فقط الله جي رضا هئي. ڇا ان ۾ ڊرائيور ۽ يونيورسٽي انتظاميه جي لاپرواهي ۽ بيحسي شامل نه آهي.
هي هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ سميت سنڌ جي مڙنئي يونيورسٽين جي ٽرانسپورٽ جي بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ايتريون سوين پوائنٽ بسون جيڪي روز هزارين شاگردن کي مختلف شهرن مان سنڌ يونيورسٽي پهچائين ٿيون، ڇا ايترين سالن ۾ انهن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي؟ ٿر ۾ هلندڙ کيکڙي مثل انهن بسن جي حالت (ڪنڊيشن) ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. هي بسون عام سهولتن کان ته عاري آهن ئي پر انهن جي انجڻ ۽ مشينري ختم ٿيل (Expire) ٿيل آهي. اڪثر بسن جي حالت ايتري قدر خراب آهي جو انهن ۾ بريڪ يا ته موجود نه آهي يا وري موجود آهي ته ان تي يقين نه آهي. اهڙيون بسون بس هينڊبريڪ جي آسري هلن پيون.
سنڌ جي مستبقل جا معمار شاگرد جڏهن يونيورسٽي اچڻ وڃڻ لاءِ روز انهن بسن ۾ سوار ٿين ٿا ته پوائنٽ بسن ۾ چڙهندي دعا گهرن ٿا ته شل خدا خير سان منزل تي پڄائي. هڪ هڪ پوائنٽ بس ۾ جانورن وانگر سٿيل شاگردن کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته هي يونيورسٽيءَ جي ٽرانسپورٽ نه آهي پر سنڌ جي ڪنهن پٺتي پيل علائقي جي بس مزورن، هارين کي کڻي منزل تي رسائي پئي. انهن ڌڪي اسٽارٽ بسن ۾ سفر ڪندڙ شاگردن کان ڪير پڇي ته اهي مزور هاري لڳندڙ شاگرد جڏهن اهڙين بسن جي سفر مان ٿڪجي گهر پهچن ٿا ته پوءِ هڏ هڏ ۾ مزورن وانگر ئي سور محسوس ڪن ٿا ۽ گهر رسڻ کان بعد ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ جي قابل محسوس نه ٿا ڪن، اهڙي ٽرانسپورٽ شاگردن کي ذهني ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار بڻائي ٿي. اچ وڃ واري ٽرانسپورٽ ته ٺهيو پر مختلف وقتن تي شٽل جي طور جيڪي بسون هلن ٿيون انهن ۾ ٺيڪ ٺاڪ ڪرايو وٺڻ باوجود شاگردن کي ڪا سهولت نه ٿي ملي، شاگرد ويچارا حيدرآباد شهر تائين بس جي دروازن تي لڙڪندي پهچن ٿا.
هر سيمسٽر ۾ شاگردن جي في مان جنهن ٽرانسپورٽ جي خرچن جي مد ۾ ايترو سارو پئسو ڪٽيو وڃي ٿو ته ڇا انهيءَ ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن! روز يونيورسٽيءَ ڏانهن ايندي رستن ۾ يا مُک چاڙهيءَ تي يا ڪا پوائنٽ بس “خراب ٿيڻ” سبب بيٺل ڏسندا آهيون ته هاڻي معمول سمجهي گذري ويندا آهيون، ڇو ته اهڙي ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ تبديلي جو سوچڻ هاڻي اسان کي اجايو لڳي ٿو. اسان کي ته ايترا سال گذريا آهن هينئر تائين ان سسٽم ۾ ڪا به تبديلي نه ڏٺي آهي. اسان کان پهرين گذري ويل شاگرد به انهن بسن ۾ سفر ڪري يونيورسٽيءَ ۾ پهچندا هئا ۽ اسان به ايئن ئي سفر ڪري هتي پهچندا آهيون ۽ اسان کان پوءِ ايندڙ شاگرد به شايد ايئن ئي يونيورسٽيءَ پهچندا. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي دوران مون سان گڏ پڙهندڙ هڪ دوست جڏهن حيدرآباد شهر مان روز هڪ بس ۾ ڄامشورو پهچندو هو ته ان بس جي حالت، ڊرائيورن جي لاپرواهي بابت ڪا ڳالهه نئين ٻڌائيندو هو. ڪڏهن ٻڌائيندو هو ته اڄ پوائنٽ بس هن اسٽاپ تي خراب ٿي بيهي رهي، ڌڪو ڏئي اسٽارٽ ڪئيسين يا وري ڪڏهن ٻڌائيندو هو ته اڄ فلاڻي سيٽ تي شاگرد ويٺو هو ته سيٽ جڏي هئي ڪري پئي. هڪ ڀيري ڪلاس روم ۾ معمول کان به ليٽ پهتو. سبب پڇيومانس ته ٻڌايائين ته يار اڄ الله جا لک شڪر آهن جو بچي پهتا آهيون، اڳتي ساڳي بس ۾ نه ويهندس. اڄ ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان ويهڻ ٿيو.. بس ۾ بريڪ نالي ڪا شئي نه هئي. ڊرائيور ايڪسيلريٽر سان اسپيڊ کي گهٽ وڌ ڪندي مڙئي اچي منزل تي رسايو ۽ هينڊبريڪ سان گاڏي بيهاري. وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کانئس گاڏيءَ جي حالت بابت پڇيم ته چيائين “يار ڪهڙا سور ٿو پچين.. ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.”
هنن بسن جي جيڪا حالت آهي ان کي ڏسي هڪ دوست مذاق ۾ چيو ته يار پاڻ واري سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کان وڌيڪ شريف ڪير ٿيندو، جو اهڙي ختم ٿيل بسن ۾ سفر ڪري خاموشيءَ سان يونيورسٽيءَ ۾ پهچن ٿا. ڪراچي جي يونيورسٽيءَ ۾ اهڙيون بسون هلن ته ٻئين ٽئين ڏينهن جهيڙا هجن... ٻئي دوست دخل ڏيندي چيو ته ادا جهيڙا هتي به ٿيندا آهن پر شاگردن جا پاڻ ۾ سيٽن تي ويهڻ تي جهيڙا ٿيندا رهن ٿا. سو شاگردن جي وچ ۾ 50 سيٽن جي ورهاست تي جهيڙو نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو.. مطلب ته ميوزڪ چيئر وارو قصو هوندو آهي. قسمت وارو ويهي رهندو آهي، وري جي ڪو ڏاڍو شاگرد اچي ويو ته قسمت وارو اٿي بيهندو ۽ اهو ئي قسمت وارو ٿي ويهي رهندو آهي.
جيڪو واقعو ڪالهه ان بدقسمت شاگردن واري بس سان ٿيو ان ۾ ڊرائيور جي به وڏي لاپرواهي ڏسي پئي وڃي. ميڊيا موجب واقعو اسپيڊ ۽ اوورٽيڪنگ سبب پيش آيو. اسپيڊ ۾ اوورٽيڪ ڪرڻ ته انهن لاءِ روز جو معمول آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙين جڳهن تي اوورٽيڪنگ ڪن ٿا جتي فقط هڪ گاڏيءَ جي گذرڻ جي جڳهه هوندي آهي، ان صورت ۾ اڳيان ايندڙ ننڍين گاڏين جي لاءِ پڻ خطرو هوندو آهي. انهن لاپرواهه ڊرائيورن جي سبب يونيورسٽيءَ جي حدن ۾ ايترا ڪيترائي ننڍا وڏا واقعا ٿيندا رهيا آهن. اهڙي طرح صورتحال سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۾ ڪا مختلف نه آهي. يونيورسٽين جي انتظاميه کي گهرجي ته ان ڏس ۾ اثرائتا قدم کڻن ۽ شاگردن جي سفر کي يقيني طور تي محفوظ بڻائن. شاگردن سان اچ وڃ جي دوران پوائنٽ بسن ۾ جيڪي مسئلا ٿين ٿا انهن تي ڌيان ڏنو وڃي. ڇو ته شاگردن جي جان جيتري ماءُ پيءَ لاءِ قيمتي آهي اوتري ئي ملڪ ۽ سنڌ جي مستقبل لاءِ سندن جان قيمتي آهي. جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بسن لاءِ مختلف ڪمپنين ۽ ماڻهن کي ڪانٽريڪٽ ڏنا وڃن ٿا ته بسن جي ڪنڊيشن کي معيار جي مطابق ڏسي پوءِ ڪانٽريڪٽ ڏنا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ باقاعده ايڪشن کنيو وڃي. انهن جي گهڻيون نجي ڪمپنيون ۽ فرد ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان ايڪسپائر ٿيل مشينري ۽ انجڻ وارن گاڏين کي سستي ۾ وٺي يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ ۾ هلاين ٿا ۽ منافعو ته ڪماين ٿا پر انهيءَ سان گڏ سوين شاگردن جي زندگين کي خطري ۾ وجهن ٿا، انهن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي.
asadmirjat@yahoo.com