زاهد سومرو
سينيئر رڪن
محترم جناب راشد مورائي جو تمام پيارو غزل اڄ اوهان سان هتي شئيرڪري رهيو آهيان۔
غزل
هو جڏهن تيار ٿيو، مون کي ٿڏڻ جي واسطي،
راهه جو پٿر ٿيس، ٺوڪر سهڻ جي واسطي.
باک ويلي بوند برسايان پيو نيڻن منجهان،
ماڪ پڻ آهي ضروري گل کلڻ جي واسطي.
مان سڄڻ جي منهن مبارڪ کي پڙهان هر دم پيو،
وقت ڪاٿي آ مون کي ڪورس پڙهڻ جي واسطي.
باهه ٿيو هُو، آءُ پاڻي ٿي نه ٿو زد ۾ اچان،
مان سُڪي ڪاٺي ٿيان ٿو پيو ٻرڻ جي واسطي.
ڪاش! من ماڻهن جو ميرو، ڌوپجي اجرو ٿئي،
داغ دل جا ڪو نه آ ڌوٻي ڌُئڻ جي واسطي.
تنهنجي نازڪ هٿ ۾ شايد پون لکندي لڦون،
ڪيئن ڏيان تڪليف توکي خط لکڻ جي واسطي.
روز پرچڻ ۽ رُسڻ ۾ آهه اي راشدا! مزو،
اچ ته ٻئي پرچي پئون، ٻيهر رُسڻ جي واسطي!
راهه جو پٿر ٿيس، ٺوڪر سهڻ جي واسطي.
باک ويلي بوند برسايان پيو نيڻن منجهان،
ماڪ پڻ آهي ضروري گل کلڻ جي واسطي.
مان سڄڻ جي منهن مبارڪ کي پڙهان هر دم پيو،
وقت ڪاٿي آ مون کي ڪورس پڙهڻ جي واسطي.
باهه ٿيو هُو، آءُ پاڻي ٿي نه ٿو زد ۾ اچان،
مان سُڪي ڪاٺي ٿيان ٿو پيو ٻرڻ جي واسطي.
ڪاش! من ماڻهن جو ميرو، ڌوپجي اجرو ٿئي،
داغ دل جا ڪو نه آ ڌوٻي ڌُئڻ جي واسطي.
تنهنجي نازڪ هٿ ۾ شايد پون لکندي لڦون،
ڪيئن ڏيان تڪليف توکي خط لکڻ جي واسطي.
روز پرچڻ ۽ رُسڻ ۾ آهه اي راشدا! مزو،
اچ ته ٻئي پرچي پئون، ٻيهر رُسڻ جي واسطي!