راشد مورائي هو جڏهن تيار ٿيو، مون کي ٿڏڻ جي واسطي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم جناب راشد مورائي جو تمام پيارو غزل اڄ اوهان سان هتي شئيرڪري رهيو آهيان۔

    غزل


    هو جڏهن تيار ٿيو، مون کي ٿڏڻ جي واسطي،
    راهه جو پٿر ٿيس، ٺوڪر سهڻ جي واسطي.

    باک ويلي بوند برسايان پيو نيڻن منجهان،
    ماڪ پڻ آهي ضروري گل کلڻ جي واسطي.

    مان سڄڻ جي منهن مبارڪ کي پڙهان هر دم پيو،
    وقت ڪاٿي آ مون کي ڪورس پڙهڻ جي واسطي.

    باهه ٿيو هُو، آءُ پاڻي ٿي نه ٿو زد ۾ اچان،
    مان سُڪي ڪاٺي ٿيان ٿو پيو ٻرڻ جي واسطي.

    ڪاش! من ماڻهن جو ميرو، ڌوپجي اجرو ٿئي،
    داغ دل جا ڪو نه آ ڌوٻي ڌُئڻ جي واسطي.

    تنهنجي نازڪ هٿ ۾ شايد پون لکندي لڦون،
    ڪيئن ڏيان تڪليف توکي خط لکڻ جي واسطي.

    روز پرچڻ ۽ رُسڻ ۾ آهه اي راشدا! مزو،
    اچ ته ٻئي پرچي پئون، ٻيهر رُسڻ جي واسطي!
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    واه ادا واه، ۔۔۔سائين راشد مورائيءَ جي هن غزل ته لاجواب ڪري ڇڏيو ...

    ڪاش! من ماڻهن جو ميرو، ڌوپجي اجرو ٿئي،
    داغ دل جا ڪو نه آ ڌوٻي ڌُئڻ جي واسطي.

    هن ونڊ ڪرڻ تي لڳي ٿو ته واقعي گوهر فقيرن کان ئي ملندو آهي ...

    جڙيا هجو شال
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين ابڙو صاحب اوهان جا ٿورائتا آهيون جو اوهان کي هي سائين محترم راشد مورائي جو غزل پسند آيو۔۔۔ پر انهي کان وڌ خوشي ٿي جو اوهان مون جهڙي ناچيز جي ايڏي وڏي حوصلا افزائي ڪئي۔۔۔ سوبه سائين جو مان خوشي مان ڊاپان نٿو۔۔۔۔۔ مهرباني سائينpasand ۔۔۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     
  4. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پيارا ۽ مٺڙا زاهد،

    مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته توهان جي انمول چونڊ جي لاءِ توهان کي داد ڏيڻ لاءِ لفظ ڪٿان آڻيان۔ توهان جي پسند جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔

    زاهد جاني، سائين مورائي جي اهڙي لاجواب شاعري شيئر ڪرڻ تي توهان جي وڏي مهرباني۔ اندر جا سڀ سُتل جذبا جاڳائي ڇڏيا۔ توهان جي حساس طبيعت کان مان ته اڳ ۾ ئي ڏاڍو متاثر آهيان ۽ هن شيئرنگ سان منهنجي دل ۾ توهان جو احترام تمام گهڻو وڌي ويو۔

    سدائين خوش رهو، آباد رهو۔
    توهان جي ڪنهن به پوسٽ تي ڪجهه لکان يا نه لکان، منهنجون نيڪ تمنائون ۽ دعائون هميشه توهان سان گڏ آهن۔

    ساٿ سلامت
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب شيئرنگ آهي ادا
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا تمام بهتر، کان بهترين غزل آهي، ۽ مان اڄ سمجهيم ته توهان
    تمنا دردِ دل جي اٿئي ته ڪر ڪچهري فقيرن سان
    نه ملندو آ اهڙو گوهر اميرن جي خزانن ۾۔
    انهي ڪري لکندا آهيو۔
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سهڻا سلطان سائين شال سلطنت ماڻين۔۔۔

    جانيئڙا مان ٿورائتو آهيان اوهان جو، اوهان ايتري عزت بخشي آ، مان اصل اهڙا ٿورا، اوهان جا لاهي نه ٿو سگهان۔۔۔۔ بس ايترو چوندس ته اها ئي اوهان جي خوبي آهي جو مون جهڙي ناچيز جي همٿ افزائي ڪئي اٿو۔ سائين سلطان سهڻا مان جيڪو به ڪجهه لکندو آهيان سو منهنجو لکيل نه هوندو آهي پر اهو مان ڪنهن اديب، يا عالم، يا ڪهاڻيڪار يا ڪنهن شاعر جو لکيل هتي شيئر ڪندو آهيان۔ اوهان منهنجي هن تحرير ۾ اهڙو لاجواب ريپلائي ڪيو آهي جو منهنجو من اصل موهي وڌو اٿو۔۔۔۔ ۽ مان ايترو خوش آهيان جو سائين نثار ابڙو جهڙي اديب انسان، اوهان جي جهڙي ڏاهي به منهنجي موڪليل هن حوصلا افزائي ڪئي آهي۔

    مهربان مٺا سلطان۔۔۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    pasand فقير سائين shal judy hujeen
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين محترم لک قرب اوهان جا جو اوهان کي سائين راشد مورائي جو غزل پسند آيو، ۽ اسان جي حوصلا افرائي ڪئي اٿو۔۔۔۔

    باقي سائين، سچل سرمست جي ڳالهه جيئان، ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئين چوي، مان جوئي آهيان سوئي آهيان۔۔۔۔ سائين اسان ته سائين سچل سرمست جي غلامن جي غلامن جا به غلام آهيون۔۔ پر سائين انهي شعر جي معني واهان جي ذهن ۾ ويهي وئيي آهي ته تمام ڀلي ڳالهه آهي پر سائين۔۔ مان ڪنڙو آهيان، مان ڪجهه به ناهيان صرف اوهان جي دعائن جي ضرورت آهي۔۔۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو