چهري تي تازگي ڪيئن آڻجي؟

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نگ ڳوري ڪرڻ لاءِ عورتون پنهنجي جمع پونجي ۽ ٻئي طرف بازار ۾ ايندڙ هر نئين ڪريم جو استعمال به پنهنجي لاءِ ضروري سمجهن ٿيون، ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ صاف شفاف ڏسڻ ۾ ايندڙ ماڊلز يا اداڪارائن وانگر اهي به پاڻ کي انهن جيئان ڏسڻ چاهينديون آهن، ڪجهه عورتن کي ته ڳوري رنگ جو جنون جي حد تائين شوق هوندو آهي، ڳوري رنگ جي خاطر هو اڪثر ڪري چهري جي چمڙي سان ڪو نه ڪو ظلم ڪندي نظر اينديون آهن ۽ اڪثر عورتون ته بيشڪ گهر جا خرچ پورا نه ٿين پر پارلر وڃي بليچ يا فيشل ضرور ڪرائينديون آهن ته جيئن اهي ڳوريون (اڇيون) نظر اچن. بليڪ کان هڪدم پوءِ جتي عورتون پنهنجو پاڻ کي هڪ دم ڳورو (اڇو) محسوس ڪنديون آهن اتي ان جا نقصان به آهن، شايد اهي انهن نقصانن سان پوري طرح واقف نه آهن. ڪيتريون ئي عورتون بازار ۾ ملندڙ بليچ کان علاوه گهريلو ۽ سستا ٽوٽڪا به آزمائينديون آهن، عورتون پنهنجي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ تمام گهڻا قدم کڻنديون ۽ طريقا آزمائينديون آهن، چهري جي چمڙي تمام گهڻي حساس هوندي آهي ڪجهه عورتون چهري جي روئن (چهري تي هلڪا ننڍا وار) کي ختم ڪرڻ لاءِ بليچ ڪرڻ لاءِ گهريلو بليچ استعمال ڪنديون آهن، ان بليچ کي ٺاهڻ وقت صابڻ جا ڪجهه ٽڪرا، هائڊروجن ۽ امونيا آڪسائيڊ استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ هڪ ڀيرو بليچ لڳائڻ سان چمڙي تي ڪو فرق نٿو پوي، پر بار بار استعمال ڪرڻ سان چمڙي تي منفي اثر مرتب ٿي سگهن ٿا، جنهن سان چمڙي جو ڪارو ٿيڻ، داڻا نڪرڻ يا ڳاڙهو ٿيڻ شامل آهي، ڪجهه رپين کي بچائڻ خاطر اهڙا قدم ڪنهن وڏي مصيبت جو سبب به بڻجي سگهن ٿا، ڇو ته ڪيترائي ڀيرا چمڙي تي مرتب ٿيندڙ انهن جا منفي اثر علاج ڪرائڻ تي به ختم نه ٿيندا آهن، ۽ نه رڳو اهو پر عورتون چمڙي جي اسپيشلسٽ سان به جهيڙو ڪندي نظر اينديون آهن ته توهان کان ايترو مهانگو علاج ڪرايو آهي ۽ توهان جي دوائن جو ڪوبه فرق نه پوندو آهي، جڏهن ته انهن اهو ظلم پنهنجو پاڻ سان پاڻ ئي ڪيو هوندو آهي، ان لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته ان قسم جي بليچ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪڏهن توهان بازار جي ٺهيل بليچ استعمال ڪري رهيون آهيو ته حد کان وڌيڪ ۽ گهٽ وقفي کانپوءِ استعمال نه ڪريو، ڇو ته جلدي جلدي بليچ ڪرڻ سان چهرو خراب ٿئي ٿو، جيڪڏهن توهان جي چمڙي ميري (مٽي واري) ٿي وڃي ٿي يا چهري تي وار واضح ٿي وڃن ٿا ته توهان هڪ يا ٻه مهينن جي وقفي کانپوءِ بليچ ڪري سگهو ٿيون، ڪجهه عورتون هر هفتي يا پندرنهن ڏينهن کانپوءِ بليچ ڪن ٿيون، ائين ڪرڻ سان چمڙي نه رڳو خراب ٿئي ٿي بلڪي چمڙي جو ڪينسر به ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ انهن سمورن مسئلن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن معياري ڪمپني جو بليچ استعمال ڪريو ۽ گهٽ وقفي سان بليچ استعمال نه ڪريو، ان ۾ ٻه کان اڍائي مهينن جو وقفو رکو، چمڙي جو روئون (هلڪا هلڪا وار) ختم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن توهان بيسڻ سان منهن ڌوئو ۽ بيسڻ چهري تي لڳايو ۽ وارن جي مخالف (جنهن طرف وارن جو منهن آهي ان جي ابتي پاسي) ڏانهن مساج ڪريو ته به وارن ۾ ڪافي گهٽتائي ايندي بلڪي چمڙي تي به ڪو منفي اثر نه ٿيندو، چهري جي چمڙي توهان جو سڀ کان قيمتي ۽ اهم حصو آهي، ان لاءِ توهان کي خاص توجهه ۽ سار سنڀال جي ضرورت هوندي آهي، حقيقت ته اها آهي ته سٺي ۽ شفاف چمڙي جو دارومدار سٺي متوازن خوراڪ تي به آهي، توهان ڳوري ۽ شفاف چمڙي خاطر جيڪي پئسا ڪريمن تي خرچ ڪريو ٿا توهان کي گهرجي ته اهي ئي پئسا توهان پنهنجي متوازن خوراڪ تي خرچ ڪريو ته چمڙي جي تازگي برقرار رکڻ لاءِ تمام مفيد (فائديمند) طريقو آهي، ان کان علاوه چمڙي کي خشڪي کان بچائڻ لاءِ تمام گهڻو پاڻي پيئڻ گهرجي، اسان وٽ اڪثر ڪري سياري جي موسم ايندي ئي عورتون پاڻي جو استعمال گهٽ ڪري ڇڏينديون آهن، ائين هرگز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته پاڻي چمڙي جي نمي سان گڏ موئسچرائيزر ڪرڻ جو به سبب بڻجي ٿو، ڪريمن ۽ بليچن جي پويان ڀڄڻ بدران توهان جيڪڏهن پنهنجي خوراڪ تي توجهه ڏيو ته اها متوازن خوراڪ توهان جي چمڙي جي لاءِ تمام فائديمند آهي، ان کان علاوه زيتون جو تيل به چهري لاءِ فائديمند آهي، ڇو ته ان تيل ۾ موجود اينٽي ۽ ڪسيسڊنٽ توهان جي چمڙي جي مسامن کي صاف شفاف رکي ٿو، ان لاءِ توهان جيترو ممڪن ٿي سگهي زيتون جو تيل استعمال ڪريو ۽ ان جا نتيجا ڪجهه هفتن ۾ توهان جي چمڙي تي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چهري تي تازگي ڪيئن آڻجي؟

    ادا حاڪم! سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار۔۔ توهان ڏس ته ڏاڍا سٺا ڏنا آهن، پر ادا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۾ هر شئي لاءِ مختلف سيڪشن موجود آهن، هي جيڪو ونڊ توهان ڪيو آهي ان کي توهان صحت سرير جي يا وري سرتيون سيڪشن ۾ ونڊ ڪري سگهو پيا۔۔ اڳتي اهڙي ننڍڙي ڳالهه جو خيال ڪندا ڪريو۔۔ ڇو ته جيڪا شئي جتان جي آهي اتي ئي سونهي۔۔۔ مهرباني۔۔۔ اهڙيون ڪوششون جاري رکندا۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: چهري تي تازگي ڪيئن آڻجي؟

    بهترين شيئرنگ آهي ادا حاڪم علي

    توهان اهڙي شيئرنگ جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: چهري تي تازگي ڪيئن آڻجي؟

    بهترين شيئرنگ آهي ادا حاڪم
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چهري تي تازگي ڪيئن آڻجي؟

    صلاح ته تمام سٺي آهي پر ان ۾ هڪ ڳالهه جو واڌارو ڪندو هلان ته ايمان جي مضبوطي ۽ صبح جي نماز پڻ چهري تي نور جو سبب ٿئي ٿي ۔۔۔ جيڪي عورتون پرهيزگار ۽ با وضو رهن ٿيون ۽ عبادتون ڪن ٿيون تن جي منهن تي هڪ عجيب قسم جي رونق اچي وڃي ٿي ۔۔۔ ايمان جي مضبوطي انسان جي ٻاهرين حسن جي اهميت کي گهٽائي اندر جي حسن کي وڌائي ٿي جنهن سان عورت يا مرد بردبار ۽ سهڻا ٿي پون ٿا ۔۔۔

    اندر کي اجارڻ سان ٻآهر پاڻ ئي اجري پوي ٿو ۔۔۔ باقي جي ڪا بيماري آهي ته انجو علاج ضرور ڪرڻ گهرجي ۔۔۔۔ الله جو حڪم ۽ رسول جي سنت آهي ته بيماري جو علاج وقت سر ڪيو وڃي ۔۔۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: چهري تي تازگي ڪيئن آڻجي؟

    بلڪل سائين اوهان جي ڳالھ سهي آهي۔
    نماز پڙهڻ سان چهري ۾ قدرتي تازگي اچي ويندي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو