حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي

'راءِ شماري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زرداري هائوس نوابشاهه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته اسان سازشن جو سدائين همت سان مقابلو ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪنداسين. هن اهو پڻ چيو آهي ته ملڪ سان سدائين قلمڪارن ۽ ورديءَ وارن مذاق ڪيو آهي، پر هاڻي مذاق جو وقت نه آهي. انهيءَ موقعي تي هن اهو پڻ چيو آهي ته اسان کي روڪڻ جي منصوبي بندي ڪئي پئي وڃي، پر سازشن کي مرڪي منهن ڏينداسين.

    انهيءَ ڳالهه کان شايد ڪوبه انڪار نه ڪندو ته پاڪستان ۾ سدائين جمهوري حڪومتن کي هلڻ نه ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ جمهوري راڄ ڪڏهن به پاڙ کوڙي نه سگهيو آهي. هر ڀيري عوام جون چونڊيل حڪومتون اقتدار تي اينديون آهن ۽ پنهنجي آئيني مدي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ گهر ڀيڙيون ڪيون وينديون آهن. ملڪي سياسي تاريخ شاهد آهي ته ملڪ جي قيام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين گهڻي ڀاڱي غيرجمهوري، غيرنمائندا ۽ عوام مخالف قوتون اقتدار تي قبضو ڪنديون رهيون آهن. هن ڀيري جڏهن پيپلز پارٽيءَ کي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي قيمت تي حڪومت ملي ته انهيءَ کان پوءِ اِهو ڄاتو پئي ويو ته شايد هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري وٺندي. حڪومتي مدي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳواٽ اپاءَ طور پيپلز پارٽي ايوان صدر ۾ پنهنجو سڀ کان وڌيڪ اعتبار وارو ماڻهو ويهاريو. آصف علي زرداريءَ جي صدر ٿيڻ سان اِهي امڪان پيدا ٿيا ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ايوان صدر مان حڪومت کي ختم ڪرڻ جون سازشون نه ٿي سگهنديون. اهڙو قدم پيپلز پارٽي ماضيءَ جي حڪومتي تجربي کي سامهون رکندي کنيو هو. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ جون گذريل ٻئي حڪومتون ايوان صدر مان جاري ڪيل پرواني وسيلي گهر ڀيڙيون ڪيون ويون هيون.

    جڏهن هن حڪومت اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ ملڪي ڪاروهنوار جو ڪم شروع ڪيو ته انهيءَ پنهنجي طور تي اِها ڪوشش ڪئي ته ملڪ جي سڀني سياسي ڌرين کي گڏائي سڏائي هلائجي ته جيئن سندن حڪومت مضبوط ٿئي ۽ اهڙيءَ طرح جمهوريت جي پائداري ۽ مضبوطيءَ جي سلسلي ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي سگهي. انهيءَ ڏس ۾ پيپلز پارٽيءَ هڪ اتحادي حڪومت جوڙي ۽ مفاهمتي پاليسيءَ کي اڳتي آندو ۽ انهيءَ هيٺ ملڪ جي سڀني اهم ڌرين کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هاڻوڪي حڪومت سان الميو اِهو آهي جو هُن کي ماضيءَ جي حڪومت کان ڪيترائي بحران ورثي ۾ مليا، جن ۾ دهشتگردي خلاف ويڙهه، عدليا جو مسئلو ۽ ملڪ ۾ بک، غربت، بيروزگاري ۽ محرومي وغيره اچي وڃن ٿا. انهن مڙني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هاڻوڪي حڪومت پنهنجي طور تي ڪوششون ڪيون، پر وڏي افسوس سان هيءَ ڳالهه چوڻي پوي ٿي ته هورڙيان هورڙيان ڪري هن حڪومت مٿان مختلف بهانن سان دٻاءُ وڌايو ويو ۽ هن وقت معاملا انتهائي سنگين دائري ۾ داخل ٿي ويا آهن. جمهوريت کي هڪ ڀيرو ٻيهر خطرو پيدا ٿي پيو آهي، اِهي امڪان وڏي حد تائين چٽا ٿي پيا آهن ته ٿي سگهي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري نه سگهي. انهيءَ ڏس ۾ صدر آصف علي زرداري اهڙو بيان ڏيئي چُڪو آهي ته ”وڄ“ ڪڏهن به ڪِري سگهي ٿي. انهيءَ بيان کان پوءِ اهڙي تاثر کي طاقت ملي آهي ته واقعي به پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي حڪومت کي غيرقانوني ۽ غيرآئيني نموني گهر ڀيڙي ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

    نوابشاهه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري قلمڪارن ۽ ورديءَ وارن بابت جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، ان ۾ وڏيءَ حد تائين صداقت آهي. ڇاڪاڻ ته اِهو ڏٺو ويو آهي ته ملڪي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ اهڙا ماڻهو موجود ڏٺا ويا آهن، جيڪي مخصوص طاقتن جي حق ۾ ۽ جمهوريت جي مخالفت ۾ هڪ مخصوص ايجنڊا تي ڪم ڪندا ڏٺا ويا آهن. ميڊيا ۾ اهڙن ماڻهن جي موجودگي سدائين پئي رهي آهي، جيڪي مخصوص ڌرين جي اشارن تي جمهوري حڪومتن خلاف پروپيگنڊا ڪندي ڏٺا ويا آهن ۽ انهيءَ پروپيگنڊا جو اصل مقصد اِهو ئي هوندو آهي ته اقتدار تي موجود عوامي حڪومت لاءِ عوامي سطح تي اهڙو منفي تاثر پيدا ڪيو وڃي، جو جڏهن غير جمهوري ۽ اقتدار تي راتاهي وسيلي قبضو ڪندڙ ڌريون، پنهنجي روايتي طريقي سان اڳتي اچن ته انهن کي عوام پاران ڪابه مزاحمت سامهون نه پوي. هاڻوڪي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ پڻ اهڙي قسم جون اڳواٽ تياريون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن.

    اسان جو هن سڄي معاملي تي اهو خيال آهي ته هاڻوڪي حڪومت عوام جي چونڊيل آهي، ان کي آئيني طرح ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل آهي، انهيءَ ڪري ان کي پنهنجي آئيني مدي پوري ڪرڻ ۾ توڻي پنهنجي حڪومتي ڪم ڪار ڪرڻ ۾ آزاد ڇڏيو وڃي. جيڪڏهن چونڊيل حڪومتن خلاف اهڙيءَ ريت سازشون ڪيون وينديون ۽ انهن کي وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ته پوءِ هن ملڪ ۾ جمهوريت جو آئيندو ڪنهن به طرح روشن نه ٿو چئي سگهجي. پيپلز پارٽيءَ جي هن حڪومت ۾ ڪي خاميون ۽ کوٽون ضرور هونديون، ان سان گڏ اها ڪن تڪراري مسئلن ۾ پڻ ڦاٿل ڏٺي ويئي هوندي، پر انهن سڀني لقائن ۽ شين جي موجودگيءَ کي بنياد بڻائي هاڻوڪي حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش کي ڪنهن به طرح صحيح نه چئبو. جمهوريت جو مطلب اِهو ئي آهي ته جنهن به سياسي جماعت کي عوام حڪومت ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو آهي، انهيءَ کي پورو پورو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن اُها پنهنجي طور تي سڀ توانايون خرچ ڪندي عوام جي خدمت ڪري، جيڪڏهن 5 سالن جي مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ به هن حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر نه ٿي ڏٺي وڃي ته پوءِ عوام پنهنجي ووٽ جو درست ۽ جمهوري طريقو استعمال ڪندي اڳتي اهڙن نمائندن کي چونڊيندو، جيڪي سندن مسئلا حل ڪرڻ جي سگهه رکندا هجن، باقي غيرقانوني ۽ غيرآئيني طريقي سان جمهوري حڪومتن کي ختم ڪرڻ واري روايتن جي هاڻي ملڪ ۾ ڪابه گنجائش نه هئڻ کپي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو