ٻوڏ متاثرين جي خدمت ۾

'راءِ شماري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سونهاري سنڌ مٿان جولاءِ جي مهيني ۾ آيل قدرتي سامونڊي سائيڪلون جو زور اڃا گهٽ ٿيو ئي نه هو ته آگسٽ مهيني ۾ پيل تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين پوري سنڌ کي وڏو هاڃو رسايو. ٻوڏ جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين کي فوري امداد رسائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران اڳواٽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي مڪمل ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ اُپاءَ ورتا ويا. ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ ڪابينا جي سڀني ميمبرن کي هدايتون جاري ڪندي هر ميمبر کي پنهنجي علائقي علائقي ۾ وڃي اڳواٽ ٻوڏ جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ آبپاشي کاتي کي متحرڪ رکڻ ۽ حفاظتي بندن کي مضبوط بنائڻ ۽ ڪمزور هنڌن جي ڪڙي نگراني ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ جي امڪاني صورتحال جي سلسلي ۾ سنڌ جي روينيو، صحت، آبپاشي، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ کاتي ۽ ٻين کاتن پاران ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻوڏ هيٺ ايندڙ علائقن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪرڻ، متاثرين جي کاڌ خوراڪ، علاج معالج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا. جڏهن ته سنڌ اطلاعات کاتي پاران فوري طور تي فلڊ انفارميشن سينٽر قائم ڪري ٻوڏ جي تازي صورتحال متعلق اخبارن ۽ ميڊيا چئنلن کي بروقت معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا. ٻئي طرف سنڌ جي سوشل ويلفيئر کاتي پاران ٻوڏ متاثرين جي پرگهور لهڻ ۽ کين بروقت رليف فراهم ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير سوشل ويلفيئر بيگم نرگس اين ڊي خان پاران سنڌ جي سڀني ضلعي آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ته هو پنهنجن علائقن ۾ ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد لاءِ رليف ڪئمپون قائم ڪن ۽ متاثرين کي کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ علاج معالج جون سهولتون فراهم ڪن. ان ڏس ۾ غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن ۽ رضاڪارن جون خدمتون پڻ حاصل ڪن ته جيئن متاثرن جي بروقت امدادي ڪم کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وقت سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب ٻوڏ کان متاثر ٿيل علائقن ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، ان جو اندازو رليف ڪئمپن جي صورتحال ڏسڻ کانپوءِ آساني سان لڳائي سگهجي ٿو، جتي هزارين بي گهر ٿيل انسان جن ۾ عورتون، مرد ۽ ننڍڙا ٻارڙا قدرتي ٻوڏ جي خوف جو شڪار ٿيل نظر اچن ٿا. خاص طور تي ننڍڙا ٻارڙا سخت متاثر ٿيا آهن، جن جي ذهنن تي ٻوڏ جي خطرناڪ ڊپ ۽ خوف سبب جيڪو ذهني دٻاءُ پيو آهي، اهو وسارڻ جهڙو نه آهي. ان سلسلي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ٻارڙن جي ذهني اوسر ۽ پيدا ٿيل خوف ۽ ڊپ کي ختم ڪرڻ لاءِ، سماجي ڀلائيءَ کاتي جي صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان پاران فوري طور تي يونيسيف جي نمائندن جي گڏجاڻي منعقد ڪري. ٻارڙن ۾ پيدا ٿيل خوف کي دور ڪرڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٻوڏ کان متاثر ٿيل ٻارڙن جي بهبود ۽ تحفظ لاءِ اهي ٻارڙا جيڪي پنهنجن گهرن کان متاثر ٿي رليف ڪئمپن ۾ آباد ٿيا آهن. انهن جي ذهني اوسر لاءِ چائلڊ فرينڊلي سينٽرز قائم ڪيا ويندا. صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان سيلاب کان متاثر ٻارڙن جي تحفظ ۽ ذهني اوسر جي لاءِ يونيسف جي نمائندي مسٽر اينڊروشلا ڪڊز سان هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ اهي ٻارڙا جيڪي ٻوڏ جي ڪري پنهنجن مائٽن کان جدا ٿي ويا آهن، انهن بارڙن کي پنهنجن مائٽن سان ملائڻ لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ قائم جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. جنهن تحت سنڌ جي ٻوڏ کان متاثر ٿيل لکين ٻارڙن کي فائدو رسندو.

    صوبائي وزير غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن کي هدايتون ڏنيون ته هو پڻ هن خير جي ڪم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صوبائي وزير پاڻ خود ڪراچيءَ جي رليف ڪئمپن ۾ پناهه وٺندڙ متاثرين جي فوري امداد لاءِ هاڪس بي، رزاق آباد، گڏاپ ٽائون، سچل ڳوٺ ۽ ضلعي ٺٽي ۾ قائم ڪميونٽي سينٽر پاران تعلقي ۾ قائم ڪيل رليف ڪئمپ ۾ پاڻ هلي وڃي ٻوڏ متاثرين جي سار سنڀال لهڻ ۽ کين کاڌ خوراڪ، علاج معالج جون طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي ۽ ساڻن مخاطب ٿيندي چيو ته موجوده حڪومت ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ اثرائتا اُپاءَ وٺي رهي آهي ۽ کين هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

    جڏهن ته تازو سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي مالي امداد لاءِ سنڌ جي سماجي ڀلائيءَ واري کاتي ۽ باسڪٽ بال ايسوسيئيشن سنڌ ڪراچي جي سهڪار سان فنڊز گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ باسڪٽ بال ڪورٽ آرام باغ ۾ باسڪٽ بال ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ڪراچي جي 8 ٽيمن حصو ورتو. جيڪا 20 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهي. فائنل مقابلي ۾ بائونس باسڪٽ بال ۽ ڪراچي يوٿ باسڪٽ بال ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. جنهن ۾ ڪراچي يوٿ باڪسٽ بال جي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي. ان فائينل تقريب جي خاص مهمان صوبائي وزير سماجي بهبود نرگس اين ڊي خان ۽ صوبائي وزير جيل حاجي مظفر علي شجره جن هئا. ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ايس ايم ڪليم مڪي، ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار شهلياڻي، حماد اين ڊي خان، نيشنل بئنڪ ڪراچي جي اسپورٽ ڪنسلٽنٽ حاجي غلام محمد، باسڪٽ بال ايسوسيئيشن جي صدر امجد علي ۽ سيڪريٽري عبدالناصر جن پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. بعد ۾ صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان ۽ صوبائي وزير جيل حاجي مظفر علي شجره جن ٽورنامينٽ ۾ ڪامياب ٿيل باسڪٽ بال ٽيمن ۾ شيلڊون تقسيم ڪيون.

    اصل ۾ پوري سنڌ ۾ قيامت خيز ٻوڏ جي ڪري متاثر ٿيل سنڌ جا ماروئڙا جنهن مشڪل حالتن مان گذري رهيا آهن، اهو هڪ وڏو الميو آهي، جنهن تي جيترو به ڏک ڪجي، اهو گهٽ آهي. سنڌ حڪومت ٻوڏ ستايلن جي ٻيهر آبادڪاريءَ لاءِ جنهن مؤثر نموني سان رٿابندي ڪري رهي آهي ۽ مستقبل ۾ کين سندن اجهن ڏانهن واپس وڃڻ ۽ ٻيهر آبادڪاري لاءِ تعميراتي ڪم جي سلسلي ۾ جاکوڙي رهي آهي ته جيئن متاثرين پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ ٻيهر وڃي پنهنجي خاندان، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو