فيصلائتو وقت ۽ ويچارو بيلٽ باڪس

'راءِ شماري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فرق صرف چوڏهين ۽ پندرهين آگسٽ جو آ، کڻي ٻيا فرق ڪيترا به هجن پر تاريخ جون بي رحميون به وڏيون آهن، هندستان ۽ پاڪستان ٻئي جاڙا ٻار هڪ ڪک مان جنم وٺندڙ پر ڏسو ته صحيح ويڇا ڪيڏا نه وڌي ويا، هو دنيا جي بلندين کي ڇهڻ پيا وڃن، (جيتوڻيڪ هُتي اڄ به ڏاڍي غربت آهي) ۽ اسين پست تر ٿيندي پنهنجي وجود تي اهڙا سوال کڻي پيا هلون ته الائي اسين هونداسين يا نه هونداسين، هنن وٽ بيلٽ باڪس انتهائي محترم ۽ عوام جي فيصلي جو احترام ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي، پر اسان وٽ اهو دٻو ۽ ان ۾ ايندڙ آڱرين ۽ آڱوٺن سان ڪاغذ تي ڏنل عام جو فيصلو اڄ به لانگ بوٽن جي هيٺان لتاڙجي وڃڻ جو ڪيڏي مهل به امڪان رکي ٿو، ايتريون ته ان دٻي کي لتون ۽ لٺيون هنيون ويون جو رت جون پچڪاريون، اگهاڙا پيٽ، ميرا گدلا ٻار ۽ ٻوڏ ۾ لڙهي ويل سڀ خواب ان ويچاري بيلٽ باڪس جي بي حرمتيءَ جي نذر ٿي ويا ۽ اسين اڄ دنيا جي منافق ترين ليڊرن ۽ ڪامورن جي ور چڙهي ويا آهيون. اسان جو خيال هو ته اسين پاڪ ترين آهيون ۽ اسان سان گڏ ساڳي رات پيدا ٿيندڙ هندستان ناپاڪ ترين آهي.

    پر هو ڏسي رهيو هو، شڪارپور جو سومرو، مڊل ڪلاس ٺيڪيدار جو پٽ الله بخش سومرو ڏسي رهيو هو ته اسان کي پاڪستان ۾ پنجابين جي غلامي نصيب ٿيندي ۽ پوءِ اهو اسان جو جي ايم سيد به سمجهي ويو، ڪالهه سنڌ جا اهي وارث غلط به هوندا پر سچا ته ها، عوام جا فيصلا غلط به هوندا پر منافق نه آهن. ڳالهه نيتن جي آ نتيجن جي نه ۽ پوءِ نيتون پنهنجي عمل ۾ توهان کان هڪ ڀيرو ٻه ڀيرا ته غلط فيصلا ڪرائينديون پر بار بار نه جيئن هو ٻارنهن مهينن جو ٻار بانبڙا پائي پائي ، پيرن تي جڏهن بيهڻ جي ڪندو آ ته تڏهن ڪرندو اٿندو ۽ نيٺ هڪ دفعي اهڙو ته بيهندو آهي جو وري ڪرندو ناهي. مشاهدا ڀٽائي ڪندو هو ۽ ڪنهن درس گاهه جو پڙهيل ڪوئي فيلسوف راتيون جاڳي شاهه وانگي صاعب سنڀاليندو آهي. ڪارلس ڪوپر جو ڪتاب Conjecture & refutation مون پنهنجي آرام ڪرسيءَ جون ٻانهون سنڀالي پنهنجي حال جي حساب کان بي خبر ٿي پڙهيو هو، مون تي ڪيل منهنجن ابن ۽ ڏاڏن جو پورهيو مون کي پوءِ سمجهه ۾ آيو هو. ڪلهوڙن، ميرن، سمن ۽ سومرن جو دور رڳو تاريخ نه هئي پر منهنجي ابن ڏاڏن جو مون تي ڪيل پورهيو هو، هو جو چائنا مان چيانگ ڪائي شيڪ سڀ ڀلا انجنيئر، ڊاڪٽر، بورچي ۽ واپاري آڌي رات ۾ کڻي ڀڳو هو ۽ بيجنگ مائوءَ کي ڏئي ويو هو ۽ پاڻ تائيوان کي اڏيائين، اهو ٻيو ڪجهه نه پر اتان جي بٺيءَ مان پڪل مڊل ڪلاس کڻي ڀڳو هو، هو جو اسٽالن جيڪو روس تي قابض ٿي ويهي رهيو هو ان جو بنياد هن نه پر پيٽر دي گريٽ وڌو هيو. اسان جي سورمي شهيد الله بخش کي خبر هئي ته ورهاڱي ۾ سنڌ جي اثاثن جو به ورهاڱو ٿيندو، تاريخ ته ويندي پر اهنسا به هن مٽيءَ مان ويندي هلي، مون واري روحاني ڏاڏي بيرسٽر آءِ آءِ قاضيءَ کي به خبر هئي، ته اهي هندو ڪو نه لڏيندا پر پورو سئو سالن جو پورهيو ويندو. اسان تي ورهاڱو ائين ڪريو جيئن هيل ٽوڙيءَ جو بند ٽٽو هو، جيئن پوءِ سنڌ تي فالج ڪريو هو، سنڌ کي اڌ رنگو ٿي ويو، هڪ ڪپر خوشحال ۽ ٻيو ڪپر بدحال ٿي ويو. 1947ع ۾ اسان جي سنڌين کي انهن شهرن مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو ۽ اسين خاموش تماشائي اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيا هئاسين، اسان جا هندو استاد اسان کي پڙهائيندا ها، مندر ۽ مسجدون ڌار ڌار هيون، ٻولي ۽ تاريخ ته ساڳي هئي، اسڪول ته ساڳيا ها، اڄ اسان جي مسجد ساڳي آهي پر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي داخلا بند آهي.

    جيڪڏهن بيلٽ باڪس جو احترام ڪيو وڃي ها ته اڄ اهڙا هاڃا هن ڀنڀور ۾ اسان سان نه ٿين هان، ڪي ڀاڳن وارا به ٿين جن کي ڪمزور ۽ هيڻو هوندي به بيلٽ باڪس ۽ ان جو احترام به ملي پئي پر ائين ٿيندو ناهي. هوگو شاويز کي جڏهن مارشلا هڻي لاٿو هين تڏهن سچو وينزوويلا گهٽين ۾ ٻاهر نڪري آيو هو، جو پنج ڏينهن به مارشل لا نه هلي سگهي، ڏينهن رات جو فرق زرداري ۽ هوگو شاويز ۾ پر بهادر شاهه ظفر ڪيترو به هيڻو ۽ نالائق بادشاهه هو پر ان جي legitimacy ته هئي. زرداريءَ تي ڪيترا به الزام هجن پر آيو ته بيلٽ باڪس ذريعي آ، ان ڪري ان کي ڪڍڻ جو حق به بيلٽ باڪس وٽ آهي نه ڪي لانگ بوٽن وٽ، نه ڪي ڪنهن انصاف جي تارازي تي ويٺل وهابي يا پنجابي فاشسٽ وٽ.

    ڪالهه جيڪو غازي عبدالله شاهه تي بم ڌماڪو ٿيو ڇا اهو جمهوريت جو نتيجو آهي يا آمريتن جو؟ اڄ جيڪا اشرافيا ويٺي آهي ان مان ڪيترا فوج سان گڏ آهن، ڪيترا جمهوريت سان؟ اسان وارو سورهيه بادشاهه اسٽيبلشمينٽ سان ان زماني ۾ وڙهي پيو، ٿيو ڇا؟ اسان وارو اڪبر بگٽي به اسٽيبلشمينٽ سان وڙهي پيو ٿيو ڇا؟ هزارين ايڪڙ رکندڙ زميندار سنڌ جا انهن کي سلام هجن، غلام مصطفيٰ جتوئي جي قيادت ۾ هڪ دفعو جمهوريت لاءِ اٿي ضرور بيٺا ها، پر پوءِ چاليهه هزار ايڪڙن جوهي مالڪ پنهنجي ڪلاس ڪئريڪٽر کان ڀليءَ ڀت واقف هو ۽ پوءِ ان تحريڪ مان هوا ڪڍڻ شروع ڪيائين، سندس ان ٿوري جو احسان اسان واري اسٽيبلشمينٽ بلڪل لاٿو جو هن کي ٽن مهينن لاءِ وزيراعظم ضرور ڪيو ويو.

    هتي ڪنهن وٽ به هاڻي ڀٽائيءَ جي هن سٽن جي پاسداري ڪو نه رهي آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته سر گهري سر ڏئي، سر ريءَ ڪا نه سري. نه ڪو وري هاڻ ڀُٽن کان پوءِ ئي اهڙو رهيو آهي. جنهن اياز جي سٽن تي حلف کنيوهجي، ”دودا تنهنجو ساهه ته ويندو پر ماڻهو جو ويساهه نه ويندو“

    زرداري جيڪي فيصلا ڪيا مون کي قبول ناهن، هن کي پرهيز ڪرڻ گهرجي ها، هن جي هڪ هڪ فيصلي بيلٽ باڪس تي اٿندڙ آڱرين، لتن ۽ لٺين لاءِ جواز ته پيدا ڪيو، پر بهادر شاهه ظفر جي اهڙي حال هوندي به مرزا غالب هن ساڻ بيٺو هو.

    اڄ ڪهڙو ٽي وي اينڪر آ جيڪو جمهوريت جي بيلٽ باڪس جي ڳالهه ٿو ڪري، هر پروگرام ۾ هڪ اڳوڻو فوجي سربراهه ويٺو آهي، ائين ٿو لڳي حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي ناهي پر ڪنهن ورديءَ واري جي آ هي فوج جون خبرون شهه سرخيون، سرڪاري خبرون رڳو هاڻ پي ٽي وي تي هلنديون آهن، ائين ٿو لڳي ڪرپشن ڄڻ اوچتو هڪ رات ۾ اٿلي پئي هجي، ان کان اڳ ۾ ڪڏهن هئي ڪا نه! ڀلي ڪڍو زرداري کي جيڪڏهن مون کي ڪوئي اهو يقين ڏياري ته ڪرپشن ان کان پوءِ ختم ٿي ويندي.

    هنن هر وار اسان تي ڪرپشن جو الزام هڻي ڪيو ۽ اسان جي بيلٽ باڪس ڪوزو سمجهي ڀوري ڇڏيو، هنن ڀُٽي کي ڪرپشن جي الزام ۾ گهر ڀيڙو ڪيو، هنن بينظير جا ٻئي دورا آئين ٻوڙيا، نواز شريف سان به ائين ڪين، شيخ مجيب ۽ بنگالين سان اهڙي جٺ ڪين جو اهي قتل ڪائنات جي وشال سچ ۾ ڪوڙ جي داغ جيان ظاهر هوندا، اڄ ان فاشزم جا وارث آهن، اهي ڪامران خان ۽ ڊاڪٽر شاهد مسعود وارا هو جنهن قادياني ڪافر چئي پنهنجي پروگرام ۾ ميرپورخاص ۾ قادياني مارايا ها.

    اڄ نواز شريف به واپس پنهنجي ماڳن ڏي موٽڻ لڳو آهي، چارٽر آف ڊيموڪريسي کان وڌيڪ هاڻ هو چارٽر آف پاڪستان جي ڳالهه ٿو ڪري، هن کي اها خبر ناهي ته پاڪستان جي بقا خوشحالي بيلٽ باڪس جي احترام جي وجود ۾ لڪل آهي، ڪو به فيصلو سپريم ڪورٽ جيڪڏهن زرداري کي ڪڍڻ جي حوالي سان ڏنو ان سان سنڌين، سرائيڪين ۽ بلوچن ۾ وڌيڪ احساس محرومي پيدا ٿيندي، وري ڪٿي تاريخ اهو نه لکي ته جيئن ڀُٽي کي ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو چئن پنجابي ججن ڏنو هو ائين ئي زرداري کي ڪڍڻ جو فيصلو به پنجابي ججن ڏنو، ان سان اسان ڪا به خدمت نه قانون جي حڪمراني جي ڪري رهيا هونداسين نه وري اسين ڪا خدمت جمهوريت جي ڪري رهيا هونداسين.

    ڪيترا به اٻوجهه هي سنڌي ماڻهو چئجن پر هنن ڪڏهن به سنڌي قوم پرستن کي ڪو نه کٽرايو آهي، ائين به ڪونهي ته قوم پرست چڱا ناهن، پر اهو انهن جو فيصلو آهي، هڪ لحاظ کان ان ڪري ته هن سڄي فسطائيت ۾ اها ئي پارٽي آهي جيڪا ڀلي کڻي نه هجي پر ان کان ڀلو ٻيو ڪير به ناهي..

    ها پر هنن هيڻن وٽ اها سگهه ناهي جو ان جا محافظ ٿي بيهن، جيئن وينزويلا جا ماڻهو هوگو شاويز لاءِ اٿي کڙا ٿيا هئا، ان ڪري ئي ته شاهه سائين هوشيار ۽ باخبر ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪندو هو جيڪو تتي ٿڌيءَ پيو ڪاهيندو هو، ڀٽائي جو هيرو هڪ اهڙو ماڻهو هو جنهن کي Prudent man چئي سگهجي ٿو، جنهن جو ماڳ سلطاني سهاڳ هو جيڪو ننڊون ڪندي نه ملندو هو، ڪيتري نه بد ديانتي نيشنل ميڊيا جي هتان جي indigenes ماڻهن خلاف آهي، ٻوڏ جون سڀ خبرون غائب! ٻوڏ ڪٿي ناهي وري هنن جا ڪات ڪهاڙا زرداري خلاف کڙا آهن، هي آهي اهو پاڪستان جنهن تي جيڪڏهن سيڪيولر سوچون ويهارجن ٿيون ته پوءِ هن اسلام جي ٺيڪيدارن جو ڇا ٿيندو، پوءِ ته جمهرويت جڙون وٺندي ۽ پوءِ هن خطي ۾ پاڪسان پنهنجي دوستي وڌيڪ پيدا ڪندو ۽ پوءِ عرب دنيا کان دهشت گرد هت پناهه نه وٺي سگهندا، پوءِ پاڪستان نظرياتي رياست نه بلڪه فلاحي رياست بڻجي پوندي، اسان کان پوءِ آزاد ٿيندڙ بنگلاديش، جنهن جي سپريم ڪورٽ فيصلو ڪري ٻڌايو ته هي ملڪ سيڪيولر رياست آهي، هنن اتان جي جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي پارٽين تي پابندي هڻي ڇڏي. هنن جو ٽڪو اسان واري رپئي کان وڌيڪ مضبوط آهي، هنن شيخ مجيب جي قاتلن کي ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو.

    پر اڄ به هتي ڀُٽي جي قاتلن جو راڄ آهي، اين آر او جو ڪيس ته کوليو ويو پر اصغر خان وارو ڪيس ڪونهي کوليو ويو ته ڪيئن آءِ ايس آءِ سيڪيولرن کي ختم ڪرڻ لاءِ آءِ جي آءِ ٺاهي هئي، ڪيئن نواز شريف ڏوڪڙ ورتا ها، سڀ ڳريل مراد اکاڙيا ويا آهن، پر اهو ته قانون جو فلسفو به چئي ٿو ته قانون به اوستائين عمل ڪري سگهي ٿو، جيستائين اهو حال جو حصو آهي نه ڪي ماضيءَ جو، ته پوءِ چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ ۾ ته اهو به هو ته ڪو به پي سي او وارو جج وري جج نه ٿيندو.

    ٻه واٽي تي بيٺل پاڪستان هاڻ شايد خودڪشيءَ طرف وڌي رهيو آهي، هو ته هاڻ Self Distractive مشين ٿي ويو آهي، ائين جيئن ڪالهه سويت يونين ٿي ويو هو.

    فاشزم کي اڃا سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ ڪالا باغ ڊيم جن تي ٽن اسيمبلين چيو ته نه کپي، پر اڄ پنجابي فاشسٽ هڪ دفعو وري اهو راڳ آلاپي رهيا آهن، ڪالا باغ ڊيم ڇا آهي، ڇا ناهي، ان جي ميرٽ تي پوءِ ڪڏهن ڳالهائبو پر ان جو جڙون ان بيلٽ باڪس ۾ ٿيون وڃن، يعني ٽي فيڊرنگ يونٽس چون ٿا ته کپي پر هڪ فيڊرينگ يونٽ ٿو چئي ته کپي، ڪا ڏي ويو بيلٽ باڪس جو احترام.

    پنجابي فاشزم کان پوءِ ٻيو وڏو جن ساڄي ڌر جي سياست آهي، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد ڪڏهن اهڙين ڌرين سان ڪو نه جڙيا، پوءِ ڀل ڇو نه ڀٽو مخالف هئا پر اڄ جي قوم پرستن جا پيرا ڪنهن شيخ مجيب ڏي ڪو نه پيا وڃن، هنن جي نيتن تي اڄ به شڪ نه ٿو ڪري سگهجي پر لاشعور ۾ سندن سياست ڀل ٽوڙي بند خلاف هجي پر جي ان جي قيادت لياقت جتوئي صاحب ڪندو ته ان جا پيرا ڪنهن فوجي اقتدار ڏي ضرور ويندا هوندا.

    ويچارو بيلٽ باڪس، ووٽن سان ڀرجي ته وڃي ٿو پر ڄڻ ڪي اهي ووٽ ڪوڙا نوٽ هجن جنهن جو هن فاشسٽن جي بازار ۾ ڪو به ملهه ناهي.

    جڏهن ته سنڌ جو عوام چئي ٿو جيستائين آصفه، بختاور ۽ بلاول ڀٽو جيڪي بينظير ڀٽو جو اولاد آهن اهي زرداري سان گڏ آهن ته پوءِ هو به انهن سان گڏ آهي.

    سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويا آهن، سڀني پنهنجا نقاب لاهي ڇڏيا آهن، انهن سان نه گڏبا ته اهي پٺاڻ قوم پرست، بلوچ قوم پرست، سرائيڪي قوم پرست ۽ پيپلز پارٽي وارا نه گڏبا، باقي ٻيا وري هڪ هند بيهندا، توهين به ۽ اسين به ڏسنداسين، جيڪڏهن زرداري کي هٽائڻ جو فيصلو بيلٽ باڪس جي ذريعي يا ان جي تسلسل ايوان جي اندر عدم اعتماد ذريعي نه ٿيو ته پوءِ شايد هاڻي ان جا نتيجا ڏاڍا خراب نڪرندا، هاڻ هنن وٽ بيلٽ باڪس جو احترام ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو