نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون

'راءِ شماري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪالهه 12 آڪٽوبر جي تاريخ هئي ۽ سال 1999ع ۾ ان ڏينهن جنرل مشرف، نواز شريف کان اقتدار کسي پاڻ حڪومت هلائڻ لڳو هو. اڄ 13 آڪٽوبر آهي ۽ اڄ وري عوام جي چونڊيل پ پ حڪومت خلاف فيصلي اچڻ جو خطرو آهي. عام تاثر اهو رهيو آهي ته هيل فوج چونڊيل حڪومت خلاف ڪا اڳرائي نه ڪندي پر هاڻي عدالت ذريعي ئي اهڙو ڪم ڪرايو ويندو، سو ماحول تيار ٿي چڪو آهي. حڪومت خلاف جيڪي به چارج شيٽون آهن تن کي عدالتي ڪيسن جي شڪل ڏني وئي آهي. اين آر او ڪيس، سوئيس ڪيس ۽ نيب جي چيئرمين جي مقرري سڀ معاملا عدالت ڏانهن موڪليا ويا آهن ۽ اڄ انهن سمورن معاملن تي سپريم ڪورٽ کي پنهنجي سماعت هلائڻي آهي. اسان جي عدالتن هونئن ته هر دور ۾ مارشل لائن جي نظريئه ضرورت جي آڙ ۾ حمايت ڪئي آهي پرهاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اڄوڪي سپريم ڪورٽ عوام جي چونڊيل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪندڙ غير جمهوري طاقتن جي سازشن کي ”نظريئه ضرورت“ جي بنياد تي ناڪام ڪري ٿي يا نه. عام تاثر اهو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ائين حڪومت جي خلاف ايندو جيئن اين آر او ڪيس جي نظرثاني واري حڪومتي درخواست کي ٽيون ڏينهن رد ڪيو ويو هو، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پاران حڪومت خلاف فيصلو اچڻ جو امڪان هجي ته اهڙي صورت ۾ حڪومت وٽ ڪهڙو آپشن ٿو بچي؟ انهيءَ حوالي سان ڪن مبصرن جو خيال آهي ته ”حڪومت کي فوري خطري کان بچڻ لاءِ عدالت جي حڪم موجب سوئيس عدالت کي خط لکڻ گهرجي جنهن ۾ اهو لکي ته صدر زرداري کي پاڪستان جي آئين موجب ڇوٽ مليل آهي پر سپريم ڪورٽ جو اصرار آهي ته حڪومت سوئيس عدالت کي خط لکي چوي ته اُها اين آر او تحت پاڪستان حڪومت پاران ختم ڪرايل سوئيس ڪيس وري کولي. ان خط ۾ حڪومت اهو به ڀلي لکي ته هڪ پاسي اپوزيشن عافيه صديقي جو ڪيس آمريڪي عدالت ۾ هلڻ ۽ مليل سزا خلاف سراپا احتجاج آهي ته آمريڪا جي عدالت کي عافيه جو ڪيس هلائڻ جو حق ناهي ۽ ٻئي پاسي صدر زرداري ۽ بينظير ڀٽو جو سري محل وارو ڪيس سوئيس عدالت ۾ هلائڻ جو پرزور مطالبو ٿي رهيو آهي. بهرحال ڪجهه به هجي پر موجوده حڪومت پنهنجي عدالت جي حُڪم تحت هيءَ قانوني گُهرج پوري ڪرڻ تي مجبور آهي“. ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته ايئن ڪرڻ ڪري حڪومت کي ڪجهه مهينا وڌيڪ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو ڇاڪاڻ ته سوئيس ڪيس کلڻ ۽ عدالتي ڪارروائي شروع ڪرڻ ۾ وقت لڳندو ۽ حڪومت کي سوئيس عدالت ڏانهن خط ذريعي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو به موقعو ملي ويندو. حڪومت ائين ڪري ٿي يا نه، يا اهو رستو اختيار ڪرڻ ان جي فائدي ۾آهي يا ناهي تنهن جو فيصلو ته ظاهر آهي ته حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي پر حڪومت جي هلڻ يا نه هلڻ جو دارومدار اصل ۾ آمريڪا جي نيت ۽ ارادن تي آهي ۽ ان حوالي سان نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته صدر زرداري اهو بيان ڏئي چُڪو آهي ته عالمي طاقتون سندس خلاف ڪم ڪري رهيون آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو